حيدرآباد(رپورٽر) سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي نه صرف رد ڪريون ٿا پر اهو به مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ سان ڪيل معاهدي تحت سنڌ کي پورو پاڻي ڏنو وڃي ۽ سنڌو جي ڊائون اسٽريم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ٻارنهن مهينا ڇڏيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي 30 آڪٽوبر تي ٻٻرلوءِ سکر وٽ سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال جوڙڻ واري منصوبي خلاف ڏنل احتجاجي ڌرڻي جي تيارين جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 30 آڪٽوبر تي ٻٻرلوءِ سکر بائي پاس تي تاريخي پرامن احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو،پاڻي جي ورڇ ۽ ان متعلق فيصلا ڪرڻ واري اداري ارسا کي پاسيرو رکي چولستان ڪئنال جي منظوري ڏئي سنڌ کي اجتماعي قبرستان طرف ڌڪيو آهي. حڪمرانن جي اهڙن سنڌ دشمن فيصلن تي سنڌ ڪڏهن خاموش نه رهندي. اجلاس ۾ ڌرڻي جي ڪاميابي جي لاءِ مختلف ڪميٽيون پڻ جوڙيون ويون. اجلاس ۾ ڄام عبدالفتاح سميجو ، حيدر شاھاڻي ،هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ،قادر چنا، ڊاڪٽراحمد نوناري ،امتياز سمون ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.