اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا ڪرڻ، هراساني جي واقعن ۾ ملوث ۽ افواهه پکيڙيندڙن جو گهيرو تنگ وڌيڪ تنگ ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي رولز جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تحت رياستي ادارن ۽ سرڪاري شخصيتن خلاف پروپئگنڊا تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سائبر ڪرائيمز ۾ ملوث جوابدارن کي پنج کان پندرنهن سال سزا ۽ ڳرو ڏنڊ هنيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته يارنهن مهينن کانپوءِ اين سي سي آءِ اي سمورن اختيارن سان فعال ٿي وئي آهي، اين سي سي آءِ اي کي سائبر ڪرائيمز خلاف ڪارروائي لاءِ عالمي ادارن سان رابطن جو اختيار هوندو.
نگران حڪومت ڊسمبر 2023ع ۾ اين سي سي آءِ اي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ ختم ٿي ويندا، ۽ لاڳاپيل آفيسر هڪ سال تائين اٿارٽي ۾ خدمتون انجام ڏيندا.
سوشل ميڊيا تي افواهه پکيڙيندڙن جو گهيرو تنگ، پندرنهن ورهيه قيد ۽ ڳري ڏنڊ جي منظوري
You might also like