ڪراچي (رپورٽر) نارٿ ناظم آباد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري بلڊر کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب بلاڪ ايڇ ۾ ڪار تي فائرنگ دوران قتل ٿيل شهري جي سڃاڻپ فضل زمان جي نالي سان ٿي آهي، متاثر شخص وٽان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو خط مليو آهي، جنهن ۾ ڪمرشل دڪانن جي اجازت طلب ڪئي وئي آهي، واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ هو يا ٻيو ڪجهه، پوليس جاچ ڪري رهي آهي. پوليس موجب واقعو ”خاموش قتل“ آهي، مقتول جي جسم تي گولين جا نشان آهن پر واقعي جي جاءِ تان خول نه مليا آهن، مقتول ڪراچي جي علائقي دستگير جو رهواسي هو ۽ سندس تعلق بنو سان هو،