”ڪنڌڪوٽ کي ڏوهارين کان پاڪ ڪرڻ لاءِ به ترميم آڻيو“ريلي ۾ شهرين جو مطالبو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ شھر سميت ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ،ڀتاخوري،غنڊاگردي،قبيلائي دھشگردي،ڌاڙيل راڄ خلاف آل پارٽيز موومينٽ  ۽ شھري اتحاد پاران امن جي آس دل ۾ قائم دائم  رکي 28 ڏينهن تي به گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھرين ”امن ڏيو امن ڏيو،کپي کپي امن کپي جا نعرا هڻي امن جا اڇا جھنڊا کڻي ھٿن ۾ بتيون ٻاري ڀرپور احتجاج  ڪيو، اڳواڻن ڊاڪٽر ميھر چند، دلمراد ڏاھاڻي ، اڪرم باجڪاڻي، حاجي حضور بخش مغل ، والي ڏنو سنڌي ،غلام مصطفيٰ ميراڻي،ظريت بجاراڻي،سجاد بروھي،طارق خان باجڪاڻي،احسان جکراڻي، عزيز سومرو، شعبان، ڇوٽو خان، ڪامريڊ عباس، شاھنوازمرھيٽو، اصغر شيخ،حافظ عبدالقادر سيال،اشوڪ ڪمارسونارو،ھريش ڪمار،پرڪاش لال،سنتوش اگروال،گوتم داس ۽ ٻين چيو ته حڪمرانن ، پوليس ، چونڊيل نمائندن کي عوام جي  ڪا به پرواھ ناهي، ڪنڌڪوٽ ڏوھارين حوالي ٿيل  آهي ڪنهن مھل ڏوھاري چاھن ٿا واقعو ، واردات ڪري آرام سان پنهنجي ھنڌن تي ھليا وڃن ٿا ڌاڙيلن کان عوام کي مڪمل خوف آهي پرڌاڙيلن کي پوليس ۽ قانون جو ڪو به خوف نه آهي ٿاڻن تي ويٺل ڏوھارين سان ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آھن هنن چيو ته  اسين وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته اها به ترميم آڻيو ته ڪنڌ ڪوٽ کي ڏوھاري ۽ ھٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فوجي آپريشن ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.