يروشلم(م ڊ) اسرائيل تسليم ڪيو آهي ته حزب الله جو هڪ ڊرون ڇنڇر تي وزيراعظم نيتن ياهو جي ذاتي رهائشگاهه تي سندس بيڊروم جي دريءَ کي نشانو بڻايو، سعودي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيل جي شهر قيصريه ۾ حزب الله طرفان ڊرون ذريعي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي ذاتي رهائشگاهه کي نشانو بڻايو ويو، بعد ۾ اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته نيتن ياهو ۽ سندس ڪٽنب حملي وقت گهر ۾ موجود نه هئا، واضح رهي ته ڇنڇر تي لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله طرفان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي ذاتي رهائشگاهه تي ڊرون حملي جون خبرون سامهون آيون هيون.