ڪراچي (رپورٽر) ڪاٽن سوسائٽي اسڪيم 33 گلشن اقبال ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف منصف جان ايڊووڪيٽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي عدالت ايم ڊي ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن ۾ تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي، وڪيل منصف جان جو موقف آهي ته ڪاٽن سوسائٽي جا رهواسي 100 سيڪڙو بجلي جو بل ادا ڪندا آهن، ان باوجود ڪي اليڪٽرڪ سوسائٽي کي لائن لاسز واري علائقي ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي، 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ 2 ڪروڙ رپيا رشوت گهري پئي وڃي.