نيويارڪ (م ڊ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه شهيد يحيٰ سنوار عرب ٽياڪڙن جي مصر وڃڻ جي آڇ رد ڪري ڇڏي هئي، وال اسٽريٽ جرنل جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آڇ باوجود، هن جنگ جي ميدان ۾ رهڻ ۽ پنهنجي سرزمين تي رهڻ کي ترجيح ڏني، آمريڪي اخبار موجب سنوار چيو ته جيڪڏهن مان شهيد ٿي ويس ته اسرائيل مختلف آڇون ڪندو پر حماس کي هار نه ڏيڻ گهرجي.