آئيني ترميم ”قانون“ بڻجي ويو، نئين چيف جسٽس جو نالو اڄ رات تائين ڏيڻ لازمي

اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري 26هين آئيني ترميم تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ ترميم باضابطا آئين جو حصو بڻجي وئي، جنهن جو گزٽ نوٽيفڪيشن قومي اسيمبليءَ طرفان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن بعد 26هين آئيني ترميم لاڳو ٿي وئي، جنهن کانپوءِ چيف جسٽس جي مقرري ٽي ڏينهن اندر ٿيندي، چيف جسٽس 22 آڪٽوبر رات 12 وڳي تائين ٽي نالا آئيني ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جو پابند آهي، گذريل ڏينهن ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ٻنهي ايوانن 26 هين آئيني ترميم جي منظوري ڏني جنهن ۾ حڪومت ٻنهي ايوانن ۾ پنهنجي اڪثريت ثابت ڪئي، پارليامينٽ مان منظوري بعد وزيراعظم منظوري لاءِ صدر آصف علي زرداري کي اماڻي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.