نئون چيف جسٽس ڪير؟ پارلياماني ڪميٽي جو اڄ اجلاس

اسلام آباد(م ڊ) نئين چيف جسٽس جي مقرري لاءِ پارلياماني ڪميٽي جڙي وئي آهي، جنهن جو اجلاس اڄ شام طلب ڪيو ويو آهي. پارلياماني ڪميٽي ۾ پ پ پاران سينيٽر فاروق ايڇ نائڪ، راجا پرويز اشرف ۽ سيد نويد قمر کي شامل ڪيو آهي. مسلم ليگ ن سينيٽ مان پارلياماني ڪميٽي لاءِ اعظم نذير تارڙ جو نالو ڏنو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي مان پارلياماني ڪميٽي لاءِ خواجا آصف، احسن اقبال ۽ شائستہ پرويز ملڪ کي شامل ڪيوآهي. ايم ڪيو ايم پاران رعنا انصار ڪميٽي ۾ شامل آهي. پي ٽي آءِ مان بئريسٽر گوهر، صاحبزادا حامد رضا ۽ بئريسٽر علي ظفر ڪميٽي ۾ شامل آهن. جي يو آءِ جو سينيٽر ڪامران مرتضيٰ به ڪميٽي ۾ شامل آهي، اعظم نذير تارڙ به شامل آهي. صدر جي دستخط سان 26هين آئيني ترميم جي عمل ۾ اچڻ کانپوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جو عمل شروع ٿي ويو هو. پهرين ڳالهه اها آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيئرمين سينيٽ ۽ پارلياماني اڳواڻن کان ڪميٽي لاءِ نالا طلب ڪيا آهن، جنهن کانپوءِ چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني پارلياماني اڳواڻن کان پارلياماني ڪميٽي لاءِ نالا طلب ڪيا. 12 رڪني ڪميٽي ۾ 8 ميمبر قومي اسيمبلي ۽ 4 سينيٽ جا هوندا. بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي مان راجا پرويز اشرف ۽ سيد نويد قمر جا نالا کنيا آهن. جوڙيل ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن 26هين آئيني ترميم کان پوءِ چيف جسٽس جي مقرري 3 ڏينهن اڳ ٿيندي. چيف جسٽس جي مقرري لاءِ نالا اماڻڻ لاءِ 35 ڪلاڪن جو وقف بچيو آهي. سپريم ڪورٽ جو موجوده چيف جسٽس  22 آڪٽوبر رات جو 12 وڳي تائين 3 نالا آئيني ڪميٽي ڏانهن  اماڻڻ جو پابند آهي. چيف جسٽس پاڪستان آئين جي آرٽيڪل 175 اي جي ذيلي شق 3 جي تحت 4 سينئر ججز جا نالا پارلياماني ڪميٽي ڏانهن اماڻيندو ۽ پارلياماني ڪميٽي 3 ججز مان هڪ جج جي مقرري ڪندي. 26هين آئيني ترميم جي منظوري کان پوءِ سينئر ترين جج چيف جسٽس جي لاءِ آٽو ميٽڪ چوائس نه هوندي پر چيف جسٽس  جي چونڊ 3 سينئز ججز مان ڪئي ويندي. نئين ترميم جي تحت چيف جسٽس جي نالي جو فيصلو 12 رڪني پارلياماني ڪميٽي  ڪندي. ڪميٽي وزيراعظم کي چيف جسٽس جو نالو اماڻيدي جنهن کان پوءِ وزيراعظم صدر ڏانهن منظوري جي لاءِ نالا اماڻيندو. واضح رهي ته جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس منيب اختر سينئر ترين جج آهي.  26هين آئيني ترميم موجب 3 سينئر ججز مان ڪنهن جج جي انڪار جي صورت ۾ ايندڙ سينئر ترين جج جو نالو غور هيٺ آندو ويندو. جڏهن ته چيف جسٽس پاڪستان جي عهدي جو مدو 3 سال يا رٽائرمينٽ جي عمر 65 سال هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.