حيدرآباد (رپورٽر) قاسم آباد ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل ماسترياڻي عظميٰ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، عظميٰ نذير نسيم نگر ٿاڻي جي حد جتوئي چوڪ تي واقع هڪ خانگي اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي، اسڪول مان واپس وڃي رهي هئي ته کيس گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو هو، کيس نازڪ حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو هو. جتي 22 سالن جي ماسترياڻي عظميٰ نذير زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي، ياد رهي ته عورت کي زخمي ڪندڙ جوابدار پريم ولد جڳن اوڏ پوليس جي حراست ۾ آهي.