جسٽس منصور شاهه جي تڪراري سياسي فيصلن ترميم لاءِ راهه کولي،”گمنام هيروز“ ڏنڊو هلايو

اسلام آباد(عمران شفقت)پاڪستان جي پارليامينٽ جي بالادستي قائم ٿي وئي، ارڙهين ترميم جي نامڪمل ايجنڊا مڪمل ٿي وئي،نئون چيف جسٽس منصور شاهه،منيب اختر يا يحيٰ آفريدي ٿيندو؟ هن ترميم ۾ ڪجهه هيرو گمنام آهن، بلاول ڀٽو ،مولانا فضل الرحمان، وزيراعظم، اسحاق ڊار،محسن نقوي سان گڏ پاڪستان تحريڪ انصاف کي به ڪريڊٽ وڃي ٿو،سوال اهو آهي ته اها ترميم ڇو ٿي؟ عمران خان کي پنهنجي ڳالهين مارايو،هڪ ڀيري جلسي ۾ عمران خان چئي ڏنو ته اهي اسان(پي ٽي آءِ) جي ججن کي وڏو تنگ ڪن ٿا،وري هن چئي ڏنو ته منصور علي شاهه چيف جسٽس بڻيو ته چار تڪ کلندا،پوءِ ته سمورا تڪ کلي ويندا ۽ هي حڪومت گهر هلي ويندي،جنهن تي طاقتور جا ڪن کڙا ٿي ويا،رهيل سهيل ڪسر منصور شاهه پوري ڪري ڇڏي،مخصوص سيٽن واري فيصلي ۾ هن اهو ڪم جيڪو ڪنهن به نه ڪيو، هو سياسي جج بڻجي ويو ۽ پوءِ وضاحت مٿان وضاحت ڏيڻ لڳو ۽ سياسي رابطا به وڌائي ڇڏيا،هن جا هڪ سياسي جماعت سان رابطا هئا،اها هن جي بدقسمتي هئي پر فائدو رياست کي ٿيو ۽ هڪ ٽيڙو ڪم سڌو ٿي ويو،جسٽس منصور شاهه سياسي طور ايترو ايڪٽو نه ٿئي ها ته شايد قوم جو ايترو ڀلو نه ٿئي ها، جيتريون به ترميمون ٿيون آهن انهن ۾ تحريڪ انصاف جي مڪمل راءِ شامل هئي،ڪجهه گمنام هيروز ڪالهه پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ کي هنگامو ڪرڻ کان روڪيو،پي ٽي آءِ پارليامينٽ اندر توڙي ٻاهر ڪجهه نه ڪري سگهي ان جي پٺيان”ڏنڊو“ هو،گمنام هيروز ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ به شامل آهي جنهن ان ترميم خلاف ڪا به مزاحمت نه ڪئي، ٻيو گمنام هيرو آرمي چيف جنرل عاصم منير آهي هن ترميم لاءِ وڏي سپورٽ ڪئي،اسٽيبلشمينٽ عدليه سان گڏ بيهي ها ته اها ترميم نه ٿئي ها، ٽيون ڪردار چيف اليڪشن ڪمشنر آهي،ترميم لاءِ  ڏنڊو آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل عاصم ملڪ ۽ ڊي جي سي جنرل فيصل نصير جو هليو اهي آرمي چيف جي ٽيم جو حصو آهن،جمهوريت لاءِ انهن اسٽيڪ هولڊرن وڏو ڪردار ادا ڪيو

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 22 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.