ايوان صدر اسلام آباد ۾ چيني وزيراعظم لي چيانگ جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻو پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين جي جشن ۾ تبديل ٿي چڪو ھو. چيني وزيراعظم لي چيانگ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اجلاس ۾ وڏي وفد سان شرڪت لاءِ پاڪستان آيو ھو.
15 آڪٽوبر جي ٻن پھرن جو صدر آصف علي زرداري سندس اعزاز ۾ مانجھاندي جو انتظام ڪيو ھو ۽ ان ئي شام وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آيل سمورن ملڪن جي مهمانن لاءِ رات جي ماني جو بندوبست ڪيو ھو. چيني وفد جي اعزاز ۾ هڪ الڳ خاص استقبال پاڪستان ۽ چين لاڳاپن جي اهميت جي عڪاسي ڪري رھيو هو.
شنگهائي تعاون تنظيم 2001ع ۾ قائم ٿي ھئي، شروعات ۾ چين، روس، قزاقستان، ڪرغزستان ۽ تاجڪستان ان جا ميمبر هئا،ان بعد ازبڪستان ان ۾ شامل ٿيو ھو،تنھن کان پوءِ 2017ع ۾ پاڪستان ۽ ھندستان کي بھ ان تنظيم ۾ شامل ڪيو ويو ھو،2023 ۾ ايران ۽ بيلا روس کي به ان ۾شامل ڪيو ويو ھو.
هن تنظيم تي چين جو اثر تمام گهرو آهي، اهو ئي سبب آهي ته ڪجهه اولھھ جا مبصر هن تنظيم کي اولهه جي مخالف قرار ڏين ٿا، پر هي تنظيم پاڻ کي علائقائي تعاون جو هڪ پليٽ فارم قرار ڏئي ٿي، جنهن ۾ منگوليا ۽ افغانستان کي بھ مبصرن جي حيثيت شامل ڪيو ويو آھي.اھي ھن خطي جا اھم ملڪ آهن.افغانستان کي شنگھائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ رڳو ان ڪري دعوت نه ڏني وئي جو گڏيل قومن اڃا تائين ڪابل ۾ طالبان جي حڪومت کي تسليم نه ڪيو آھي. ايس او سي جو اجلاس ساليانو اجلاس پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ وڏي اھميت جو حامل آھي.
پاڪستان ڳچ عرصي کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، ماضي ۾ پاڪستان جي دوري تي ايندڙ پرڏيهي ڪرڪيٽ ٽيمن ۽ چيني انجنيئرن تي ڪافي ڀيرا حملا ٿي چڪا آهن پر ان جي باوجود اسلام آباد ۾ ايس سي او جو اجلاس ڪاميابي سان منعقد ٿيو.
پاڪستان ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وفدن جي سوين شرڪت ڪندڙن جي ميزباني ڪري دشمنن جون سازشون ناڪام بڻائي ڇڏيون، هڪ چيني وفد جي نمائندي ٻڌايو تھ گذريل سال ھندوستان ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او اجلاس ۾ به ھو شريڪ ھو. ھندوستان ۾ ٿيندڙ اجلاس لاءِ حفاظتي انتظام اسلام آباد ۾ ٿيل حفاظتي انتظامن کان وڌيڪ سخت هئا. جيڪڏهن SCO جي ميمبر ملڪن جي جاگرافيائي بيهڪ کي گڏ ڪجي تھ اها دنيا جي سڀ کان وڏي تنظيم آهي جنهن ۾ شامل ملڪن جي آبادي دنيا جي ڪل آبادي جو 40 سيڪڙو ٿئي ٿي.
ايس سي او ۾ شامل ملڪ سڄي دنيا ۾ گئس جي 44 سيڪڙو ۽ تيل جي 20 سيڪڙو ذخيرن جا مالڪ آهن. ان تنظيم جا ميمبر ملڪ مقامي ڪرنسين ۾ ھڪ ٻئي سان واپار جي طريقا ڳولي رھيا آھن،تھ جئين ڊالر جي محتاجي کان ڇوٽڪارو ملي سگھي. ايس سي او جي اجلاس ۾ ھندستان جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر جي شنڪر جي شرڪت کي به اهم قرار ڏنو ويو پاڪستان ۽ ھندستان وچ ۾ ڇڪتاڻ جو اھو عالم آھي جو ڪئين سالن کان ھندستاني ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان نه آئي آهي.
ايندڙ سال پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي ٿيندي ۽ هن وقت تائين ھندستان پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان موڪلڻ لاءِ رضامندي ظاهر نه ڪئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ نواز شريف جي خواھش ھئي تھ ھندستاني وزيراعظم نريندر مودي ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان اچي ھا. اھو ڀلجي ويو تھ گذريل سال سندس ڀاءُ شهباز شريف به ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ھندستان نه ويو هو پر هن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي.
هن ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ جي شنڪر جو پاڪستان جو دورو تيزيءَ سان بدلجندڙ زميني حقيقتن ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو ته پاڪستان ۽ ھندستان وچ ۾ ڪشمير جو تڪرار هڪ حقيقت آهي، جنھن تي ھن وقت ڊيڊ لاڪ آهي، پر پاڪستان ۽ ھندستان اڄ جي دنيا ۾ ڪاوڙيل ٻارن جيان هڪٻئي سان ڳالهائڻ بند نٿا ڪري سگهن. هندستاني پرڏيهي وزير جي شنڪر کي به شنگهائي تعاون تنظيم ۾ پاڪستان سان گڏ ويهڻو پيو.پاڪستان جي ڪوشش آھي تھ اھو برڪس جو ميمبر بھ بڻجي.
برڪس نالي تنظيم ۾ برازيل، روس، ڀارت، چين، ايران، سعودي عرب، مصر، يو اي اي ۽ ايٿوپيا شامل آهن ان تنظيم جو روح روان روس آهي، روس پاڪستان کي برڪس ۾ شامل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. جيڪڏهن پاڪستان به برڪس ۾ شامل ٿي ويو ته پوءِ پاڪستان ۽ ھندستان کي هڪ ٻئي گڏيل بين الاقوامي پليٽ فارم تي هڪ ٻئي سان گڏجي ويهڻو پوندو، ٻئي ملڪ ٻه طرفيون ڳالهيون ڪن يا نھ ڪن، پر ٻنهي کي مختلف عالمي فورمن تي هڪ ٻئي سان اکيون ملائڻيون پونديون.
ايوان صدر ۾ چيني وفد جي ميمبرن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ اهڙا اشارا ملي رھيا ھئا ته پاڪستان ڪجهه وقت ۾ برڪس جو ميمبر بڻجي ويندو، جنهن کانپوءِ جي 20 جي رڪنيت حاصل ڪرڻ آسان ٿي ويندو. ڏيڍ ڪلاڪ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان پوءِ لنچ 12 وڳي شروع ٿيو ۽ 1 وڳي ختم ٿيو. لنچ جي پڄاڻيءَ تي هڪ سفارتڪار مسڪرائيندي چيو ته ايوان صدر جي کاڌي پيتي جو معيار تمام سٺو ٿي ويو آهي،جنھن مان لڳي ٿو تھ ايوان صدر جي رڌڻي کي بھتر ڪرڻ جي لاءِ صدر آصف علي زرداري پنهنجي کيسي مان ڪافي خرچ ڪيو آهي.سفارتڪار جو چوڻ ھو تھ پاڪستان جي کاڌن ۽ فروٽ جو ڪو جواب ناهي، جيڪڏهن توهان ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻي وٺو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن توهان برڪس ۽ جي 20 سربراهن جي ميزباني ڪندي نظر ايندا.