26هين آئيني ترميم ۾ ايڏي تڪڙ ڇو؟

تحرير: اعجاز ممنائي

گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بلاول ڀٽو پاران سياسي پارٽين سان ملاقاتون ڪري کين 26هين آئيني ترميم لاءِ راضي ڪرڻ  ۾ مصروف آهي.هن آئيني ترميمن ۾ عدالتي سڌارن جي حوالي سان ٻه اهم اشو وفاقي، آئيني عدالت جي قيام ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حوالي سان طريقيڪار تبديل ڪرڻ آهي. پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي ۽ هتي پارليامينٽري طرز جي حڪومت قائم آهي جتي عوام پنهنجن نمائندن کي ووٽ ڏئي اسيمبلين ۾ موڪلي ٿو، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي اسيمبليون شامل آهن. انهن اسيمبلين کي آئيني حق حاصل آهي ته صوبائي اسيمبليون صوبائي سطح تي قانون سازي ڪنديون ۽ وفاقي اسيمبلي وفاق جي لاءِ قانون سازي ڪندي. ان کان علاوه ايوان بالا يعني سينيٽ اهو وفاقي اسيمبلي جي قانون سازيءَ کي جانچي ان تي بحث ڪري منظور ڪري ٿي يا ان کي تبديليءَ جون رٿون پيش ڪري ٿي، پر ان سڄي سلسلي کي 77 سالن ۾ مسلسل ڪمزور ڪري پارليامينٽ کي عدليه ۽ ٻين ادارن جي ڄڻ ماتحت ڪيو ويو آهي. هن وقت عدليه پارليامينٽ کان وڌيڪ طاقتور نظر اچي رهي آهي. ڇو ته عدليه جي چڪاس ڪرڻ ۽ ان جي طاقت کي برقرار رکڻ لاءِ ٻيو ڪو ادارو نه، پر عدليه پاڻ ئي آهي. جنهن جي ڪري هن وقت پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور ادارو بڻجي پارليامينٽ ۽ ٻين آئيني ادارن کي چڪاسي انهن کي پنهنجي ماتحت هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جڏهن ته عدليه جو ڪم ماڻهن کي انصاف ڏيڻ آهي پر ائين نه پيو ٿئي.

هونئن به ملڪ تڏهن ئي هلي سگهي ٿو جڏهن هر ادارو پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري. جيڪڏهن ادارن ۾ ويٺل ماڻهو طاقت حاصل ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي طاقت جو سرچشمو سمجهڻ لڳندا ته ملڪ هلي نه سگهندو ۽ ادارن ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿيندو ۽ نتيجي ۾ جمهوريت ڪمزور ٿيندي. اسان وٽ ملڪ آھي يا مشڪري آهي جو 80 سالن جا پوڙھا سياستدان قوم لاءِ فيصلا ٿا ڪن جڏهن ته 28 سالن جو نوجوان نوڪري جي لائق ناھي. هن وقت ملڪ اندر پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي گڏيل حڪومت آهي ماضي ۾ اهي ٻئي پارٽيون ميثاق جمهوريت جي نالي تي واري واري سان حڪومت ڪنديون رهيون آهن. 2006ع ۾ لنڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ جي وچ ۾ چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ٿيون هيون. جنهن ۾ وفاقي عدالت قائم ڪرڻ به شامل هو.

2006ع جو ڪيل معاهدو 2024ع ۾ حقيقت جو روپ ڌارڻ جي لاءِ وڃي رهيو آهي، جنهن ۾ ڌار آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي ڳالهه ٿيل هئي. آئيني عدالت جي قيام ۾ سڀني صوبن کي برابر نمائندگي مليل هوندي. هيءَ عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن مطابق معاملا ٻڌندي جيڪو هن جو بنيادي دائره ڪار هوندو، پر اها بنيادي حقن جي شقن تحت ايندڙ عوامي اهميت جا ڪيس به ٻڌندي. ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٽاسڪ ڏيئي کيس مصروف رکيو ويو آهي گذريل ڏينهن بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ پڻ ان سلسلي ۾ ملاقات ٿي ۽ اتفاق راءِ قائم ٿي. ان بعد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان جاتي امراءَ لاهور ۾ سياسي اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ پنجاب جي وزيرِ اعليٰ مريم نواز شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي ۾ 26هين آئيني ترميم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي.ان بعد مولانا فضل الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي يو آءِ آئيني ترميم تي مشاورت لاءِ پ پ سان ملاقات ڪئي، پ پ سان تجويز ڪيل آئيني ترميم تي اتفاق راءِ ڪيو هو.هن چيو ته عدليه بابت سڌارن تي اتفاق راءِ حاصل ڪري ورتو آهي، ٻين ترميمن تي به مشاورت ڪندا.جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ن ليگ پ پ ۽ جي يو آءِ وچ ۾ اتفاق ٿيو هو، آئيني عدالتن ذريعي آئين جي بالادستي ۽ تڪڙو انصاف چاهين ٿا.

ذريعن موجب، طئي ٿيل عدالتي سڌارن تي مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ قيادت کي اعتماد ۾ وٺندو. ذريعن موجب، سياسي اڳواڻن جي گڏجاڻيءَ ۾ نوَ مئي جي جوابدارن جي ٽرائل لاءِ فوجي عدالتن جي قيام تي اتفاق راءِ نه ٿي سگهي، پ پ ۽ جي يو آءِ کي فوجي عدالتن تي خدشا آهن جڏهن ته نون ليگ فوجي عدالتن قائم ڪرڻ چاهي ٿي جڏهن ته ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾  قائم 3 رڪني بينچ 26هين آئيني ترميم  خلاف درخواستون واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏيون آهن هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ٽن سياسي جماعتن ۽ چيف جسٽس کي 26هين آئيني ترميم تي ايتري تڪڙ ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي آهي جو ملڪ جي وڏي پارٽي پي.ٽي.آئي ۽ ان جي حمايتين کان راءِ وٺڻ بنا يڪدم قانون سازي ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. ڪٿي ميثاق جمهوريت وانگي واري واري سان حڪومت ڪرڻ جو فارمولو ته ٻيهر پيش نه پيو ٿئي ڇوته 26هين آئيني ترميم پاس ٿيڻ کانپوءِ انهن ڪورٽن اندر اقتدار ۾ ويٺل سياسي جماعت پنهنجي پنهنجي مفاد جا جج مقرر ڪندا ۽ پنهنجي مفاد جا فيصلا وٺندا ۽ پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏياريندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.