آئيني سڌارن تي حڪومت ۽ اتحادين جون ننڊون ڦٽل

تحرير: غلام حسين لغاري

  اڄڪلهه جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو گهر سياست جو ڳڙهه بڻيل آهي جتي هر سياسي ڌر ته پنهنجي جاءِ تي پر صدر مملڪت وزيراعظم وفاقي وزير به سندس در جون سلامي ڏسڻ ۾ آيون جن جون مولانا ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن.ڪالهه رات ته مولانا انوقت سخت ڪاوڙ ۾ نظر آيو جڏهن پي ٽي آءِ وفد بئريسٽر گوهر خان جي قيادت ۾ ساڻس ملڻ آيو ۽ هن صحافين آڏو پهريون ڀيرو حڪومت تي ڇوهه ڇنڊيا ۽ وڏي زور سان اها ڌمڪي ڏني ته ڪير بدمعاشي ڪندو ته هو به بدمعاشي ڪندا.هن اهو به انڪشاف ڪيو ته مفاهمت جي آڙ ۾ سياسي ڪارڪنن اسيمبلي ميمبرن کي اغوا ۽ حراسان ڪيو پيو وڃي.جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر  سندس جماعت جا اغوا ڪيل ميمبر سامهون نه آيا ۽ جسٽس منصور علي شاهه جي بطور چيف جسٽس نوٽيفڪيشن نه نڪتو ته جي يو آءِ پنهنجو ردعمل ڏيکاريندي. رات دير سان وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو به کيس مڃائڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي لائو لشڪر سان پهتا بقول سياسي حلقن جي ته هنن سان به مولانا سختي سان پيش آيو ۽ هو بنا ڪنهن مطئمن ٿيڻ جي واپس وريا.امڪان آهن ته1977 وارو ڪو سياسي بحران ڪر کڻي.ڪالهه شام تائين به سياسي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ 26 آئيني ترميم بابت ڳالهيون جاري رهيون ۽ ترميم بابت هڪ مسودو وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو ڪالهه شام جو سينيٽ ۽ قومي اسيمبلين جي اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ٿيڻو هيو پوري قوم اهڙي گڏيل مسودي جي انتظار ۾ رهي.

2007 کان وٺي هن وقت تائين قوم هر لمحي ميثاق جمهوريت جا راڳ ٻڌندي پئي اچي پر اهو راڳ اڃا تائين قوم ۽ عام ماڻهو سمجهي ناهي سگهيو. هاڻ اها حالت وڃي رهي آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جنهن ميثاق جمهوريت واري قومي دستاويز تي صحيحون ڪري ملڪ کي جمهوريت ۽ انصاف جي پٽڙي تي چاڙهيو هو اها ميثاق جمهوريت ميثاق مفادات ۾ تبديل ٿي چڪي آهي جنهن جو نتيجو هاڻ اهو پيو نڪري جو پارلياماني تسلسل ختم ٿيندو ۽ سگهارن ادارن جو تسلسل ٻيهر قائم ٿيندي ڏسڻ ۾ پيو اچي ۽ سياستدان ۽ پارٽيون انهن ادارن سامهون مجبور آهن جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏنل پهريون مڪمل آئين اجاين ترميمن وسيلي انجو بگاڙ ٿي چڪو آهي وڌيڪ ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن وسيلي ملڪ  کي جمهوريت جي پٽڙي تان لاهڻ جو ڪوششون ٿي رهيون آهن.

ميثاق جمهوريت جو ملڪ ۽ قوم  کي ڪهڙو فائدو مليو.شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميثاق جمهوريت جو نظريو آندو ن ليگ سان گڏجي ٺاهه تي صحيحون ڪيون تنهن جي ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي رستا روڪ ڪندي کيس هڪ حملي دوران پنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو.لياقت پارڪ پنڊي  اهوهنڌ آهي جتي پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کي به شهيد ڪيو ويو هو.شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سندس ور موجوده صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي جمهوريت جي تسلسل کي اڳتي ته وڌايو پر وقت جي آمر انوقت جي صدر پرويز مشرف کي گارڊ آف آنر سان رخصت ڪري شهيد محترمه جي قتل جا پيرا لڪايا ويا.ميثاق جمهوريت تي ڪڏهن به پوري ريت عمل ناهي ٿي سگهيو.ن ليگ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي عدالت وسيلي سزا ڏياري عهدي تان هٽرايو ۽ صدر آصف علي زرداري خلاف سئيز ڪيس سپريم ڪورٽ تائين پهچايو ۽ پ پ پ قائدين خلاف بدڪلامي جو مظاهرو ڪندي رهي ۽ پ پ پ اهڙن روين کي نظرانداز ڪندي رهي آهي جو کيس اقتدار جو حصول انجو بنيادي مقصد رهيو آهي.

جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي زندگي ۾ پهريون ڀيرو رڙ ڪئي آهي ته سندس اسيمبلي ميمبرن کي اغوا ڪيو آهي ۽ ساڳي قسم جي رڙ بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل به هڪ بيان وسيلي ڪئي آهي  ته سندس سينيٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي هراسان ڪيو ويو آهي جنهن جي تصديق سندس هڪ سينيٽر صاحبه سينيٽ اجلاس ۾ روئي ڪيو ته ڪهڙي طرح سندس گهر جي چادر چوديواري جي پائمالي ٿي آهي.ساڳيو الزام پي ٽي آءِ وارن به مڙهيو ته شاه محمود جي فرزند زين قريشي جي گهر واري کي به اغوا ڪري بعد ۾ ڇڏيو ويو ۽  سندن ڪجهه ميمبر غائب آهن.

اسيمبلي ميمبرن ۽ سياسي اڳواڻن کي اغوا ڪري منپسند فيصلا ڪرڻ وارو رواج ڪو پهريون ڀيرو ناهي ٿي رهيو هن کان اڳ به ٿي چڪا آهن يا وري ميمبرن کي خريد ڪري سندن وفاداريون تبديل ڪيون ويون آهن.چونڊن ۾ حڪومتي سطح تي ڌانڌليون به ماضي جو تسلسل آهن جيڪي آمرن جي دور ۾ ته الڳ پر جمهوريت جي دعوي ڪندڙن به پنهنجي دورن ۾ ڪرايون آهن جنهنڪري اهو تسلسل قائم و دائم آهي.جهڙيون حالتون آهن ته شايد ئي اهو تسلسل رڪجي جو سياسي ۽ جمهوري ڌريون خود انجو حصو بڻيل آهن.1977 کانپوءِ 2018 ۽ 2024 واريون چونڊون ۽ انجي نتيجي ۾ آيل حڪومتون به ڪنهن کان ڳجهيون ناهن.

هن وقت صورتحال اها آهي ته 26 آئيني ترميم هن وقت حڪومت جي ضرورت ۽ مجبوري بڻيل آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ پٺتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي نه وري حڪومت جو ڪو پلڙو ڀاري به آهي جو اها اڪيلي سر ترميم ڪرائي سگهي اها الڳ ڳالهه آهي ته کيس ڪا غيبي مدد ملي.جاتي عمره ۾ ن ليگ سربراهه ميان محمد نواز شريف جي ڏنل دعوت جي موقعي تي ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ جي يو آءِ جو سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومتي قائدين تي حاوي نظر آيو جنهن پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويو جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت ۽ پ پ پ آئيني عدالت تان هٿ کڻي وئي ۽ آئيني بئنچ قائم ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي جيڪا حڪومت ۽ پ پ پ جي وڏي ناڪامي چئجي جنهن کي پ پ پ مجبوري ۽ ضروري جي نالي سان منسوب ڪيو هو ۽ چيو هو ته قائداعظم محمد علي جناح جو اهو خواب هيو ۽ ميثاق جمهوريت جو هڪ حصو آهي پر پ پ پ ۽ حڪومتي خواب اڌورو رهجي ويو.                                               هن سموري صورتحال کي ڏسجي ته عدليه کي تڪراري بڻايو ويو آهي ۽ ججن تي پهريون ڀيرو بي اعتمادي جو کليل اظهار ڪيو ويو آهي.آئيني ترميم جو ٻيو خاص مقصد ڪونه هو سواءِ سپريم ڪورٽ جي سينئر جسٽس منصور علي شاهه جي رستا روڪ ڪرڻ ۽ پسند جو چيف جسٽس آڻڻ جيڪڏهن قاضي فائز عيسي جهڙو حڪومت کي چيف جسٽس في الحال ملي ٿو وڃي ته باقي کيس ٻيو ڇا گهرجي.جسٽس سيد منصورعلي شاهه جي بطور چيف جسٽس جي رستو روڪڻ  لاءِ نئين تجويز آندي پئي وڃي ته ٽن ججن جو پئنل ٺاهيو وڃي ۽ پسند جو چيف جسٽس آندو وڃي جنهن لاءِ يحي آفريدي جو نالو سامهون پيو اچي.جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ٽيون ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته اهو شرط ايندڙ چيف جسٽس لاءِ رکيو وڃي في الحال سيد منصور علي شاهه کي موقعو فراهم ڪيو وڃي ٻي حالت ۾ حڪومت تي آڱريون کڄبيون.ڏسجي حڪومت ڪهڙو رخ ٿي اختيار ڪري.جيڪڏهن حڪومت ڪو اھڙو قدم کڻي ٿي ڪينگرو عدالتون ۽ ڪينگرو  جج مسلط ڪرڻ چاهي ٿي ۽ يحي آفريدي تي بضد رهي ٿي ته ان جا عدالتي نظام تي منفي اثر پوندا ۽ مفاهمت واري سياست کي ڌچڪو لڳندو وڪيل اٿي بيهندا سينئر جج به استعفائون ڏئي هليا وڃن ۽ عدالتي بحران پئدا ٿئي.     پي ٽي آءِ جيڪا پوري ريت حڪومتي ۽ ادارن جي دٻاءِ هيٺ آهي اها 26 آئيني ترميم کي نٿي مڃي انجي سخت مخالف آهي ۽ کيس پنهنجي قائد عمران خان جي مسلسل قيد ۾ رهڻ تي به سخت تشويش آهي ۽ اهو اشو بڻائي ڪالهه پوري ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو جنهن تي ڪراچي لاهور اسلام آباد فيصل آباد پشاور سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ جمع نماز بعد  احتجاج جو سڏ ڏنل هو ۽ اهي به اطلاع آهن جيڪڏهن آئين ۾ هڪ طرفي ترميم ٿئي ته پي ٽي آءِ سان گڏ وڪيل به احتجاج ۾ شريڪ ٿيندا ۽ ملڪ ۾ ڪو 1977 وارو سياسي بحران پئدا ٿئي ۽ حڪومت لاءِ پريشاني جو باعث به بڻجي.

سپريم ڪورٽ جي برک وڪيلن عابد زبيري ۽ حامد خان سپريم ڪورٽ ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي واضح ڪيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 155 تحت جسٽس منصور علي شاهه ئي چيف جسٽس طور قسم کڻندو ڪنهن به حڪومت جي حامي جج کي چيف جسٽس ٿيڻ نه ڏينداسين.جي يو آءِ پي ٽي آءِ بي اين پي مينگل گروپ نيشنل پارٽي ۽ ٻيا ڌڙا سگهارن ادارن جي حق ۾ ڪنهن به ترميم ڪرڻ جي حق ۾ ناهن.ججن يا طاقتور ادارن جي سربراهن کي مدت ملازمت ۾ توسيع جا به مخالف آهن جنهن لاءِ حڪومت بضد آهي ته آئين ۾ ڪجهه لچڪ پئدا ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن لچڪ پئدا نٿي ٿئي ته حڪومت لاءِ مٿي جو سور پئدا ٿي سگهي ٿو.مخالف ڌر ۽ وڪيلن جي سخت دٻاءِ تحت هڪ ڀيرو وري وفاقي ڪابينه جو شيڊول اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي جنهن مان لڳي ٿو حڪومت گوڏا کوڙڻ وڃي رهي آهي.خدا نه ڪري ته ملڪ  سياسي بحران طرف هليو وڃي جنهن سان حالتون ڳنڀير ٿي وڃن.حڪومت پ پ پ جي يوآءِ ۽ پي ٽي آءِ کي مفاهمت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو اها مفاهمت جنهن کي ميثاق جمهوريت جو نالو ڏنو ويو جنهن تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان محمد نواز شريف صحيون ڪيون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.