شهريار شر تي حملو ۽ قبيلائي جهيڙا وڌڻ جو خدشو

تحرير: زاهد علي ڀٽو

 

اغوا، ڦر، هني ٽريپ سبب  سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ مشهور علائقي رائونتي جي ۾  14آڪٽوبر منجھند ڌاري شر برادريءَ جي سردار شھريار خان شر تي قاتلاڻو حملو ٿئي ٿو ۽ حملي ۾ سندس برادري جا ٻه اھم ماڻھو علي محمد خان شر ۽ محمد عمر شر قتل ٿيا ۽ گارڊ سميت ٻه ساٿي پڻ زخمي ٿي پيا.

هونئن ته ضلعو گهوٽڪي صنعتي توڙي معدني ۽ زرعي حوالي سان مشھور آھي جيڪو پاڪستان کي ڪراچي کانپوءِ وڌيڪ ريونيو ڪمائي ڏئي ٿو ، گھوٽڪي ضلعي جي مشھوري جو سبب گھوٽڪي جا پيڙا ۽ گھوٽڪي جي ننڍڙي شھر چڪ جو مائو به آھي پر گھوٽڪي جي بدنامي جھڙي شھرت رکندڙ رائونتي جو ڪچو به آھي ، رائونتي آھي ته ضلعي گھوٽڪي سنڌ ۾ پر ھتي سنڌ حڪومت جي رٽ کان وڌيڪ ڏوھارين، ڌاڙيلن ۽ ڪجهه بااثر ماڻهن جي قائم آھي

رائونتي جون حدون پنجاب سان به لڳن ٿيون ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور سان به سرحدون ملن ٿيون . رائونتي بظاھر سنڌ جي عام ٻهراڙين جيان آھي پر ھي علائقو اغوا انڊسٽري جو مرڪز چئجي ته غلط نه ٿيندو جتي ھني ٽريپ کان وٺي مختلف طريقن سان ماڻھو اغوا ڪري ٿميا ٿا وڃن ۽ اغوا ڪيل ماڻھو  ھڪ کان ٻئي ڏوھاري کي وڪرو ۽ انهن جو واپار به ڪيو ويندو آھي.جنھن ڪاروبار ۾ چوڻ وارا چون ٿا ته ڪچي جي ڌاڙيلن کان علاوه ڪچي توڙي پڪي جا ڪيئي وائٽ ڪالر، معزز،معتبر پنھنجو حصو وٺن ٿا.ھي علائقو ھزارين ايڪڙ سرڪاري ٻني ۽ ٻيلا رکندڙ اھڙو علائقو آھي جتي ھر طاقتور ماڻھو جي ديد آھي ته ڪيئن به ڪري ڪچي جي مان ڪجهه نه ڪجهه زمين پنھنجي قبضي ھيٺ ڪري ڇڏجي.

رائونتي جي جاگرافيءَ توڙي ڊائنامڪس ،رھڻي ڪھڻي ڏسي ،انڊيا جي مافياز تي ٺھيل ڪنھن فلم جيان ماحول لڳي ٿوجتي عام ڳوٺاڻن جي وچ ۾ ڏوھاري به رھن ٿا ،يا ڏوھارين جي قبضي واري علائقي ۾ عام ڳوٺاڻا رھن ٿا.قبيلائي پسمنظر رکندڙ ضلعي گھوٽڪي ۾ ھن واقعي بعد  ضلعي ۾ صورتحال اھڙي ٿي وئي جو لڳي پيو اجھو  سماٽ ۽ بلوچ  قبيلائي جھيڙي جي چڻنگ ٻرڻ واري آھي اھڙي  خوف ۽ خدشن بعد اوچتو  صورتحال ان وقت تبديل ٿي وئي جڏھن 16 آڪٽوبر تي ايس ايس پي گھوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽيءَ فلمي انداز سان ايس ايڇ او  عبدالشڪور لاکو کي ايس پي آفيس ميٽنگ لاءِ گھرايو ۽ حملي ۾ قتل ٿيل علي محمد خان شر جي ڀاءُ جي فرياد تي ايس ايچ او رائونتي عبدالشڪور لاکو خلاف حملي جي بڇ جو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو ، ايس ايڇ او شڪور لاکو گرفتاريءَ جي ٻئي ڏينهن 17 آڪٽوبر تي عدالت ۾ حاضري تي ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان بُگٽي خلاف مختلف الزام لڳائيندي چيو ته جان جو خطرو آهي خدشو آهي ته مون کي قتل ڪيو ويندو.

اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اڃا شڪور لاکو پاران ايس ايس پي تي الزامن واري بريڪنگ نيوز هلي رهي ھئي ته ساڳي ڏينھن منجھند ڌاري، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي نيوز بريڪ ٿي ته ڊي آئي جي سکر پير محمد شاهه ، آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي ايس ايس پي حفيظ الرحمان بگٽيءَ خلاف خط لکيو آھي جنھن ۾ سندس ڏوھارين سان واسطن سميت مٿس سنگين الزام لڳايا ويا آھن.

ايس ايس پي گھوٽڪي ميڊيا تي سامھون ناھي آيو پر ويڊيو بيان ۽ ٽيليفونڪ پنھنجي مئوقف ۾ ڊي آئي جي سکر پاران مٿس لڳل الزامن کي ترديد ڪئي آھي.14آڪٽوبر تي رائونتي واقعي بعد صورتحال ڪنھن ھڪ طرف ٿيڻ يا معاملا سڌا ٿيڻ بدران الجھندا پيا وڃن.

ڪجهه ڌريون ڄاڻي ٻجھي الائي اڻڄاڻائيءَ پراڻا پلاند ڪرڻ لاءِ جذبات جي وھڪري ۾ وھي ھڪٻئي سان دشمني پالڻ واري غلط سوچ سبب ھڪٻئي جو جاني ،مالي نقصان نه ڪري وجھن .سردار ،ڀوتار ، پير ،مير،وڏيرا اليڪشن توڙي سياسي مفادن سبب هڪٻئي سان ٺھي ويندا پر برادرين ۾ پيل ويڇا وڌي دشمني ۾ تبديل ٿي ويندا آهن

سردار شھريار خان شر تي حملي بعد شر برادري غم ۽ غصي ۾ آھي ئي آھي پر  شر برادري پاران ان واقعي جا الزام سيلرا،ڀُٽا، ڌونڌو ۽ سولنگي برادرين تي ڏيڻ بعد ڄاڻايل برادرين سميت تر جا ماڻهو پڻ ٻڏتر ۽ اڻڄاتل خوف ۾ ورتل آھن ته ھن واقعي جي ردعمل ۾ خبر ناھي ڪيترا بيگناھ ڀوڳيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.