بيواهن کي بر وقت پينشن ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪرڻ گهرجي

هن قاتل مهانگائي واري دور ۾ بيواهه عورتن کي جيڪڏهن بروقت پينشن نه ملي ته انهن لاءِ مسئلا  ناقابل برداشت ٿي ويندا آهن. ڪي بيواهون وڏي عمر سبب ٻيو ڪو روزگار  نه ڪري سگهنديون آهن ته انهن جو ماهوار  خرچ پينشن تي ئي هلندو آهي. ڪن بيواهن جا ٻار ننڍا هوندا آهن، ڪي پڙهڻ جي عمر  ۾ هوندا آهن، ته سندس تعيلم جو ۽ ڀاڙي ڀتي جو خرچ پڻ ان پينشن تي مدار رکندو آهي. ڪي بيواهون مسواڙ تي گهرن ۾ رهنديون آهن ته انهن کي ماهوار گهر جو ڪرايو به ڏيڻو پوندو آهي. بيمارين جي علاج جا ڌار خرچ هوندا آهن.

مطلب ته بيواهن جي مالي ضرورتن جي احساس جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ان پاسي ان حساسيت وچان ڌيان ناهي ڏنو ويندو جيڪو ڏيڻ گهرجي. اسان جا حڪمران، اسيمبلي ميمبر  ۽ ڪامورا ته سرڪاري پيسن تي عياشيون ڪن ٿا پر  ٻئي پاسي ضرورت مندن جون زندگيون بدحالي ۾ گذرن ٿيون. هن ليک جو مقصد بيواهن جي مسئلن  ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ آهي ته اسيمبلي ميمبر ان معاملي تي به آواز اٿارين ۽ بيواهن جي پينشن واري مسئلي جو همدردي سان جائزو وٺن ته ڇا موجوده قاتل مهانگائي جي دور ۾ بيواهن کي ملندڙ پينشن ڪافي آهي؟ ٻيو مسئلو اهو آهي ته بيواهن جي جيڪا به پينشن آهي سا کين مقرر وقت تي نه ٿي ملي  جنهن سبب شديد مالي مسئلا  ٿين ٿا جيڪي زندگي کي عذاب ۾ وجهي ڇڏين ٿا. بر وقت پينشن نه ملڻ سبب بيواهون ويچاريون  قرض وٺڻ تي ۽ هر ڪنهن آڏو هٿ ٽنگڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿيون.

سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بيواهن کي دير سان پينشن ملڻ جي موتمار انتظار کان بچايو وڃي، اهو ڪم تڏهن ٿيندو جڏهن بيواهن جي مجبورين ۽ ضرورتن جو احساس ڪيو ويندو.

شهر بانو/ گلشن حديد

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.