اسرائيل حماس خلاف ڪارروايون ڪندي ۽ ان جي ھڪ بعد ٻئي اڳواڻ کي شھيد ڪندي پئي وڃي،اسماعيل ھانيھ کانپوءِ حماس جي ڪمانڊ سنڀاليندڙ يحيٰ سنوار کي بھ اسرائيل شھيد ڪري ڇڏيو آھي.جنھن سان حماس کي وڏو ڌڪ لڳو آھي.
غزه ۾ يحيٰ سنوار جي موت کي اسرائيل وڏي ڪاميابي سمجھي رھيو آهي.سندس موت حماس لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي. سنوار حماس کي هڪ جنگي قوت ۾ تبديل ڪيو ھو ۽ ھن جي ئي ڪوششن سان حماس اسرائيل جي رياست کي سڀ کان وڏي شڪست ڏني ھئي،اھا ڪارروائي 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس جي اسرائيل تي خوفناڪ حملن جي صورت ۾ ھئي.
جيتوڻيڪ اسرائيل يحيٰ جو ڳچ عرصي کان پيڇو ڪندي رھي پر ھن يحيٰ سنوار اسرائيلي اسپيشل فورسز جي ڏکڻ غزه جي علائقي رفح ۾ اسرائيلي فوجن سان اوچتي معرڪي ۾ شھيد ٿيو آھي.ان منظر جي ورتل هڪ تصوير ۾ سنوار کي ھڪ جنگي لباس ۾ تباهه ٿيل عمارت ۾ مئل حالت ۾ ڏيکاريو ويو آهي.اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتن ياهو فوج جي ساراهه ڪئي ۽ واضح ڪيو ته سنوار جو موت هڪ وڏي فتح آهي، پر "اها جنگ اڃان ختم نھ ٿي آهي.
نيتن ياھو موجب ”اسن جي لاءِ اڃان بھ وڏيون چئلينج آهن، جنھن لاءِ اسان کي صبر، اتحاد، جرئت ۽ ثابت قدمي جي ضرورت آهي. اسان گڏجي وڙهنداسين، ۽ خدا جي مدد سان گڏجي فتح حاصل ڪنداسين.“وزير اعظم نتن ياهو ڪافي ڀيرا حماس کي فوجي ۽ سياسي قوت طور تباهه ڪرڻ ۽ اسرائيلي يرغمالين جي واپسي، ھن جنگ جا مقصد قرار ڏنا آھن.ظاهر طور جنگ ۾ ھن وقت تائين اھي ٻئي مقصد حاصل نه ٿي سگهيا آهن. غزه جي جنگ جي هڪ سال دوران 42 هزار فلسطيني شهيد ٿي ويا آھن ۽ غزه جو گھڻو علائقو تباهه ۽ مٽي جو ڍڳ ٿي ويو آھي.اڃان بھ ڪافي اسرائيلي يرغمالين کان آزاد نه ٿي سگھيا آھن.جنگ اڃان ھلندڙ آھي.
يحيٰ سنور 1962ع ۾ غزه پٽي جي علائقي خان يونس ۾ پيدا ٿيو. 1967ع جي جنگ دوران جڏهن اسرائيل مصر کان ھن علائقي تي قبضو ڪيو ته سنوار فقط پنجن سالن جو هو..1948ع جي جنگ ۾ سندس خاندان انهن 7 لک فلسطينين ۾ شامل هو، جن کي اسرائيلي فوجن هٿان بيدخل ڪيو ويو ھو..
نوجواني ۾ هن کي اسرائيل ۾ چئن فلسطيني مخبرن کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ اسرائيل ۾ سزا ڏني وئي هئي. 22 سالن جي جيل واري زندگيءَ دوران هن عبراني ٻولي سکي، دشمن کي سمجھيو ۽ ھن اسرائيل سان وڙهڻ جو عھد ڪري ورتو.اسرائيل وٽ سندن ڏندن جو رڪارڊ ۽ ڊي اين اي جا نمونا هئا، جنھن سان ھن سنوار جي لاش کي سڃاتو.سنوار 1,000 کان وڌيڪ انھن فلسطينين ۾ شامل هو، جن کي 2011 ۾ هڪ اسرائيلي سپاهي جي بدلي ۾ آزاد ڪيو ويو هو.
7آڪٽوبر 2023 تي سنوار ۽ سندس ويڙهاڪن اسرائيل تي حملو ڪيو، جيڪو اسرائيل جي بدترين ناڪامي ثابت ٿيو.گھڻ ئي اسرائيلين جو خيال آھي تھ نتن ياهو غزه ۾ جنگ کي اينگھائڻ چاهي ٿو ته جيئن هن کي سيڪيورٽي ناڪامين جي ذميواري لاءِ جواب نه ڏيڻو پئي ۽ نيتن ياھو خلاف ڪرپشن جا سنگين الزام پڻ آھن.پر هو انھن الزامن کي رد ڪري ٿو ۽ زور ڏئي ٿو، ته غزه ۾ حماس خلاف "مڪمل فتح” ئي اسرائيلي سلامتي جي ضامن بنجندي. اسرائيل بي بي سي سميت ٻين ميڊيا ادارن کي آزاد طور غزه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نٿو ڏئي.ميڊيا کي رڳو اسرائيل جي فوج جي معرفت ئي وڃڻ جي اجازت آھي. 1990جي ڏهاڪي کان وٺي حماس جي هر اڳواڻ کي اسرائيل قتل ڪندو آيو آھي.پر اھا تنظيم وري پنھنجو جانشين مقرر ڪري ٿي وٺي.