ڪو زمانو هو ته ٻڌندا هياسين ته ٿيٽر ڏسڻ وياسين ڏاڍو مزو آيو. اداڪارن ڇا ته اداڪاري ڪئي، ڇا ڊائلاگ هيا، ۽ سندن اداڪاري جا ذڪر پيا هلندا هيا پر زندگيءَ ۾ مونکي ٿيٽر ڏسڻ جو موقعو نه ملي سگهيو هيو. هڪ ڪمي هئي، هڪ خواهش جنم وٺندي هئي ته ڪاش آئون به ڏسي سگهان ها ۽ اسٽيج تي اداڪارن جي اداڪاري جو تجربو ڏسي سگهان هان.
وقت گذرندو ويو آخرڪار آرٽس ڪائونسل ۾ منهنجو اهو خواب گذريل ڏينهن پورو ٿيو. مونکي ٿيٽر ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. آئون ايتري خوش آهيان جو اها خوشي لفظن ۾ بيان ڪرڻ مون لاءِ آسان ڪونهي.
هاڻي اچون ٿا بيدل مسرور جي لکيل ڊرامي سالگرهه ڏانهن جيڪو پيش ڪيو ويو. بهترين ڊائلاگ سان گڏ پرفامنس به ڏاڍي ڀلي هئي. پارس مسرور جو آواز انداز بيان زبردست هيو. پارس جي اداڪاري ته مونکي هونئن ڏاڍي وڻندي آهي پر هتي سامهون. بيهي ياد ڪري ڊائلاگ ٻڌائڻ ڪو تمام ساراهه جهڙو عمل آهي. پارس مسرور ٻن اهم شخصيتن جو اولاد آهي بيدل مسرور ۽ بينا مسرور جو پٽ آهي ان ۾ ٻنهي جو رت ڊوڙندو نظر پئي آيو ان سنڌي ٿيٽر جي خاص ڳالهه سنڌي ٻولي جي هئي، جيڪا تمام بهترين هئي. ان لاءِ جيترو ساراهيان اوترو گهٽ آهي. ڪڏهن ڪڏهن لڳندو هيو ته ڪٿي اسان سنڌي، ٻولي ۽ ثقافت کي ڪٿي وڃائي نه ويهون. اسان جو هي نسل الائي ته اڳتي هن عمل کي وڌائي به سگهندو يا نه.
ٿيٽر ۾ سبرين جي اداڪاري به لاجواب هئي.سبرين ”بالي“ کان پوءِ ٻيا به کوڙ ڊراما ڪيا پر هيءَ لائيو پرفامنس ڪمال جي هئي. هڪ هڪ سٽ ائين پئي پيش ڪيائين ڄڻ هوءَ واقعي پنهنجي حقيقي مڙس سان پئي ڳالهائي. ڪٿي به اداڪاري ۾ جهول ڪونه هيو ڪا بناوت نه هئي ايتري سچائي سان لاڳاپيل ڊائلاگ هئا جو آئون ته دنگ رهجي ويس بهرحال هن ٿيٽر جي پوري ٽيم جس لهي