پشاور (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي سربراهه ايمل ولي خان چيو آهي ته اسان صوبن ۾ آئيني عدالتون ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي آهي. 26هين آئيني ترميم جي معاملي تي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ايمل ولي خان چيو ته اي اين پي خيبرپختونخواهه صوبي جو نالو تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. صوبي جو نالو ”پختونخوا“ رکڻ تي ڪنهن به پارٽيءَ اعتراض نه ڪيو.ايمل ولي خان اهو به چيو ته مون کي يقين آهي ته پي ٽي آءِ رڳو وقت ضايع ڪري رهي آهي، جيڪو به مسودو ايندو پي ٽي آءِ ڪا به هاڪاري تجويز نه آڻيندي.ا ي اين پي سربراهه چيو ته وفاق جي سمورن صوبن کي وفاقي آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ ۾ برابر نمائندگي ملڻ گهرجي. هن چيو ته هن قومي وسيلن جي ورڇ لاءِ خاص ڪميٽي قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي جنهن ۾ سمورن صوبن جي برابر نمائندگي هوندي.
-
سعد رفيق پاران عمران خان پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ملاقات ڪرائڻ جو مشورو
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سعد رفيق حڪومت کي پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق حڪومت کي صلاح ڏني آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عمران خان سان ملاقات ڪرائي وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته حڪومت شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي احتجاج جو بهانو ختم ڪري ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پنهنجي قائد سان ملاقات جو بندوبست ڪري.سعد رفيق چيو ته ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي ٽڪراءَ کان پاسو ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات جو بندوبست ڪيو ويو ته هو احتجاج جو ڪو ٻيو بهانو ڳولي سگهن ٿا.