رياست سرينڊر ڪري ڇڏيو: عمران خان جي ملاقات ٿي وئي

اسلام آباد (معظم فخر) رياست هڪ ڀيرو ٻيهر دٻاءَ ۾ اچي سرينڊر ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان کي ملاقات ڪرڻي هئي ان ڪري ڇڏي هاڻي دهل شرنايون وڄائڻ وارا بچيا آهن. چيني انجنيئرن کي خطرن کان پاڪ ماحول نه ڏنو ويندو ته چيني سيڙپڪاري سميت ٻيا معاملا ڏکيائي ۾ پئجي ويندا. اهو ئي سبب آهي جو عمران خان سان ملاقاتن جا سلسلا اڳتي وڏيا. عمران خان اهو تاثر ڏئي ڇڏيو آهي ته هو جڏهن وڻي حڪومت کي گوڏا کوڙائي سگهي ٿو.  جيڪڏهن عمران خان لاڳيتو ائين ڪندو رهيو ته نيٺ هڪ ڏينهن رياستي طاقت حملي آور ٿي ويندي.  عمران خان جن سان ملاقات ڪرڻ چاهي پيو انهن سان ملاقات ڪري چڪو آهي.  جيڪڏهن هاڻي پي ٽي آءِ اعلان ڪري اهو چوي ته احتجاج رد ڪريون ٿا ته ان ڳالهه جي اهميت ناهي. هاڻي رياست واپس موٽي وڃي ويهي رهندي يا وري نئين حملي لاءِ تيار ٿي ويندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 15 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.