ملڪي نظام خطري ۾ آهي، آئيني ترميم تي سوديبازي نه ٿيندي: بلاول

ڪراچي(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته عدليا ۾ سڌارا هر صورت آندا ويندا، ميثاق جمهوريت جي واعدن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، ملڪ ۾ انصاف جي نظام ۾ بهتري آڻڻ لاءِ وفاقي آئيني عدالت قائم ڪرڻي پوندي، جيڪي مون کي پوئتي هٽڻ لاءِ چون پيا انهن کي چوان ٿو توهان پوئتي هٽي وڃو، زرعي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي وڏي سازش هلي رهي آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ڪراچيءَ ۾ وڏي وزير سيد مراد علي ۽ فريال ٽالپر سان گڏجي هاري ڪارڊ جو افتتاح ڪيو، تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عورتن جي مالي مدد ڪرڻ تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي عالمي موٽ ملي، هن غريب عوام، هارين ۽ عورتن کي حق ڏنا، اڄ  بينظير هاري ڪارڊ جو افتتاح ڪيو آهي، هن چيو ته سمورو نظام خطري ۾  آهي، ملڪ ۾ مافيائن، ڪاروباري طبقن، صنعت ڪارن ۽ عالمي قوتن طرفان زرعي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي سازش هلي رهي آهي، بلاول ڀٽو زرادري چيو ته زرعي شعبي ۾  سيڙپڪاري ئي ملڪي ترقي جو واحد رستو آهي، ڀاڻ جي فيڪٽرين کي سبسڊي بند ڪئي وڃي، آبادگارن کي سڌيءَ ريت اربين رپين جي سبسڊي ڏئي زراعت خلاف سازش جو مقابلو ڪيو وڃي، پ پ چيئرمين چيو ته شهيد راڻيءَ جو واعدو هو ته چارٽر آف ڊيموڪريسي تي عمل ڪيو ويندو، هو ان مشن لاءِ جدوجهد ڪندي شهيد ٿي وئي، ميثاق جمهوريت تحت جيڪي شيون رهجي ويون آهن ڇا اسين ان کي وساري ڇڏيون؟ ڇا جيل ۾ ويٺل شخص جي ڪري اسين پنهنجي قائد جو واعدو وساري ويهون؟ اسان کي شهيد راڻيءَ جو واعدو نڀائڻو ۽ ملڪ بچائڻو آهي، عدليا ۾ سڌارا هر صورت آندا ويندا، ميثاق جمهوريت جي واعدن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو عوام کان پڇي ٿو ته ڇا اهي عدالتي  نظام مان مطمئن آهن؟ جيڪڏهن کين هي نظام ٺيڪ لڳي ٿو ته ان کي هلڻ ڏيو، جيڪڏهن انصاف گهرجي ته شهيد راڻي ٻڌائي چڪي آهي ته سمورن صوبن کي عدليا ۾ برابريءَ جي نمائندي ڏني وڃي ۽ هڪ مخصوص عدالت قائم ڪئي وڃي جنهن جو ڪم رڳو آئيني معاملا ۽ جمهوريت کي تحفظ ڏيڻ هجي، پ پ چيئرمين چيو ته برابري نه ڏيڻ لاءِ عدليا ۽ اسٽيبلشمينٽ هر طريقو استعمال ڪيو، افتخار چوڌريءَ اهڙو نظام آندو جنهن ۾ جج کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به انصاف نه مليو، هن چيو ته ماڻهو کيس چئي رهيا آهن ته پوئتي هٽي وڃ، پر هو کين چوي ٿو اوهان پوئتي هٽي وڃو، ڇا مطلب آهي ته هي وقت ناهي، هاڻي نه ته ڪڏهن؟ پ پ چيئرمين چيو ته سندن طريقو مفاهمت واري سياست جو آهي ته هي سمجهن ٿا ته کانئن هر ظلم وسري ويو آهي، هو حساب وٺندا آهن، الله طرفان اهو وقت ايندو جر هر ظلم جو جواب ڏيڻو پوندو، بلاول ڀٽو زرداريءَ، سنڌي ۾ شعر پڙهي مطالبو ڪيو ته “برابري سراسري اسان گهرون ٿا ايتري، عدل ۽ انصاف جيتري، عدل انصاف جيتري“، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ارڙهن آڪٽوبر تي  حيدرآباد ۾ جلسو ڪيو ويندو، جنهن لاءِ  عوام کي دعوت آهي جلسي ۾ سڀ گڏجي عدالتي سڌارن جو مطالبو ڪنداسين، ٻي پاسي وفاقي آئيني عدالت جي قيام بابت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ بلاول چيو آهي ته آگسٽ 2023ع ۾ سول سوسائٽي ميثاق جمهوريت تي مڪمل عمل جو مطالبو ڪيو، جنهن جو مقصد ميثاق جي نامڪمل ايجنڊا کي پورو ڪرڻ هو، سول سوسائٽي جي ميثاق جمهوريت جي مطالبي جو مقصد تحريڪ انصاف باني ۽ ٻين جي جمهوريت تي حملن جي نتيجي ۾ متاثر ٿيل ساک کي ٻيهر بحال ڪرڻ هو، عدالتي سڌارن لاءِ سياسي پارٽين سان گڏ سول سوسائٽي ۾ به اتفاق راءِ آهي، موجوده سياست يا ڪنهن فرد بابت پنهنجي ذاتي راءِ کي آئيني عدالت جي جائز ضرورت تي حاوي ٿيڻ نه ڏيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.