اسلام آباد(م ڊ) آئيني ترميمن بابت پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ذيلي ڪميٽي کي 17 آڪٽوبر تائين حتمي مسودو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، پي ٽي آءِ پنهنجو ڊرافٽ مولانا فضل الرحمان حوالي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته اي اين پي پنهنجو مسودو ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو، ڪالهه سيد خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پ پ ، ن ليگ، جي يو آءِ، اي اين پي جي مسودي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي سمورن تجويز ڪيل مسودن تي تفصيلي مشاورت جي تجويز کي ڪميٽي رد ڪري ڇڏيو. راجا پرويز اشرف چيو ته هاڻي ائين نٿو ٿي سگهي، اسان اڳ ۾ ئي گهڻي دير ڪري چڪا آهيون، هاڻي اسان سڀني کي سنجيده ٿيڻو پوندو، وڌيڪ دير ڪرڻ ناانصافي آهي، هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين جا تجويز ڪيل ڊرافٽ اچي ويا آهن، هي ترميم ڪنهن هڪ فرد يا مخصوص پارٽي لاءِ نه پر 24 ڪروڙ عوام لاءِ آهي، اجلاس دوران ايمل ولي ۽ عمر ايوب وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي، ايمل ولي بيرسٽر گوهر کانسواءِ ڪميٽي ۾ شامل پي ٽي آءِ جي ٻين ميمبرن کي غير سنجيده قرار ڏنو، جنهن تي عمر ايوب ناراض ٿي ويو ۽ چيائين ته اسان سنجيده آهيون تڏهن هتي ويٺا آهيون. جنهن جي جواب ۾ ايمل ولي چيو ته مان ڪميٽي چيئرمين کي مخاطب ڪري رهيو آهيان توهان کي نه، اعظم نذير تارڙ ٻنهي جي وچ ۾ مداخلت ڪئي، اجلاس دوران پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن وچ ۾ سخت اختلاف پيدا ٿيا ۽ ڪيترن ئي معاملن تي تلخ جملن جي ڏي وٺ ٿي، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته خاص پارلياماني ڪميٽي سياسي پارٽين پاران جمع ڪرايل مسودن جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ فوري طور تي اتفاق راءِ جا ڪي آثار ناهن.