زيد پيرزادي جو شمار سنڌ جي نهايت پڙهيل ڳڙهيل انسانن ۾ ٿئي ٿو. هو سائنس جو ڊاڪٽر، پروفيسرهجڻ سان گڏوگڏ سماجي معاملن تي پڻ هڪ گهري اک رکندڙآهي. سماجي مسئلن کي هڪ دردمند انسان جي نظر سان ڏسندي هو ان جو اظهارمضمونن، نثري ٽڪرن ۽ نثري نظم وسيلي به ڪري ٿو، سندس نثري ٽڪرا سوشل ميڊيا وسيلي سندس سوچ، سمجهه ۽ خيال کي عوام تائين پهچائن ٿا. جڏهن ته سندس نثري شاعريءَ جو هڪ مجموعو ”خيال“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي ۽ هڪ ٻيو مجموعو اشاعت جي مرحلن ۾ آهي. ڏاڍو سٺو ٿئي جو هو پنهنجي نثري ٽڪرن يا مضمونن کي به ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌرو ڪري. اسان وٽ ڪيترائي ماڻهو سماجي معاملن تي عقابي اک رکڻ جي باوجود پنهنجي ڳالهه دنيا تائين پهچائي نه سگهندا آهن، ان جا ڀلي ڪيترائي الڳ الڳ سبب هجن، پر ان جو نقصان اهو ٿيندو آهي جو عوام انهن اڪابرن جي سوچ کان محروم رهيل هوندو آهي.
زيد پيرزادي جهڙا انسان پنهنجي ذهن ۾ اٿندڙ هر ڳالهه کي سوشل ميڊيا وسيلي ماڻهن تائين پهچائي، هڪ طرح سان عوام سان جڙيل رهن ٿا، جيڪا هڪ سماجي ڀلائي چاهيندڙ ۽ ڪنهن به شعبي ۾ مهارت رکندڙ اڪابر جي مثبت ڳالهه توڙي سوچ هوندي آهي. زيد پيرزادي جي انهن سمورين لکڻين ۾ سندس والد انور پيرزادي جي سوچ جي جهلڪ واضح نظرايندي آهي، بس فرق دور جو آهي. زيد پيرزادو پنهنجي دور جي تقاضائن مطابق جوڳو علمي، ادبي توڙي سماجي ڪم ڪري رهيو آهي. اڄ زيد پيرزادي جي سالگرا آهي. کيس جنم ڏينهن جون انيڪ واڌايون هجن.