اعجاز منگي ادب،انقلاب ۽ رومانس جي علامت

تحرير: آزاد گهلو

پنھنجي موتين داڻن اکڙين سان پنھنجي معصوم ٻچڙي کي بک وگھي موت جي منھن ۾ ويندو ڏسندڙ ۽ بعد ۾ پنھنجي محبوب ونيءَ کي انھن لفظن سان آٿت ڏيندڙ ته اسان جو ھڪڙو ٻچو ويو ته ڇا ٿي پيو ھي سڄي انسان ذات اسان جا ٻار آھن پاڻ انھن جي روشن مستقبل جي لاءِ  جدوجھد ڪنداسين جيئن ڪنھن ٻئي جو ٻار غذائي کوٽ ۽ ڪسمپرسيءَ  جي حالت ۾ اجل جو شڪار نه ٿئي، سڄي انسان ذات جي ڏکن کي خوشي ۾ تبديلي جي خواھش رکندڙ دنيا جي سڀني انسانن کي برابر ڏسڻ لاءِ  ھر قسم جي قرباني لا۽ تيار رھندڙ ۽ سرمائيدرن کي عام ماڻھن لاءِ ۽ اڏوھي سمجھندڙ ۽ انھن خلاف مرڻ گھڙي تائين جنگ جوٽي رکندڙ جڳ مشھور ڪتاب داس ڪيپيٽل جي خالق جنھن لاءِ  اقبال چيو ته ھو پيغمبر ته نه ھيو پر صاحب ڪتاب ھيو اھوئي ڪارل مارڪس جنھن انقلاب جو ھراول دستو مزدور کي سمجھيو.

پنھنجي ٻولي کان علاوه ٻي ڪا ٻولي نه ڳالھائيندڙ ۽ پنھنجي محبوب وطن کان ٻاھر نه ويندڙ وطن جي آزادي لاءِ ۽ ڪيل لانگ مارچ ۾ پنھنجي ٻچڙن کي به گم ڪندڙ جيڪي ٻار کيس ڪڏھن نه ملي سگھيا چوندا آھن ته مرڻ کانپوءِ ۽ ھر ڪو سھائي پر جيئرو ساه ڪير سھائي انھي درد کي به پنھنجي وجود جي اونھي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪندڙ ۽ آفيمي قوم کي انقلاب سان روشناس ڪندڙسامراج (اھا ٻي ڳالھه آھي ته ھن وقت چين پاڻ وڏو سرمائيدار ۽ سامراج آھي) سان جنگ جوٽيندڙ ۽ انھي چين جي آزادي جي سرواڻ ڪامريڊ مائوزي تنگ جي سوچ مطابق ته انقلاب جو ھراول دستو ھاري آھي.

ادب،انقلاب ۽ رومانس جي مٽي سان ڳوھيل ڪارن وارن کان ويندي وارن جي چاندي ٿيڻ تائين سموري ڄمار علم نالي ماءُ جي ھنج ۾ پاڻ کي پاليندڙ ۽ ھر وقت علم جي پويان ايئن ڊوڙندڙ جيئن ڪو ٻار پنھنجي ماءُ جي پويان پوتي  کي پڪڙي ھلندو آھي، ڀٽائي جي سنڌ ڌرتيءَ کان ويندي ويندي شيڪسپيئر جي ڌرتي انگلينڊ تائين ٽالسٽائي ۽ دوستووسڪي جي روس کان ويندي پئبلو نرودا جي جي وطن چلي تائين جي سڄي دنيا جي ماڻھن سان پيار ڪندڙ ۽ سڄي دنيا ۾ امن ڏسڻ جي خواھش رکندڙ ۽ ان ڳوٺ سان تعلق رکندڙ جنھن شھر کي چوٿين دنيا جو ڏاھو ۽ لاجواب مقرر آريسر ٽن شاعرن ۽ ٻن شھيدن جو شھر چوندو ھيو ان شڪار پور سان تعلق رکندڙ اکين ۾ عجيب چمڪ رکندڙ ۽ عورتن کي مردن سان برابر بيھارڻ ۽ ھن جديد دور ۾ به عورتن سان ٿيندڙ ظلم خلاف خلاف آواز اٿاريندڙ اعجاز منگي چواڻي ته انقلاب جو ھراول دستو عورت آھي.

ھو ايترو ته نرم دل ۽ حساس جذبن جو مالڪ آھي جو سنڌ ۾ ظلم جو شڪار ٿيندڙ ماڻھن کان وٺي سمنڊ جي ساحل تي معصوم ايلان جي بيگناه موت تي ماتم ڪندي لفظن جي صورت ۾ ڳوڙھا ڳاڙيندي سامراج خلاف لعنت ڪندي احتجاج جو علم بلند ٿو ڪري.لفظن کي خوبصورت رنگن جو روپ ڏيندڙ ھن باڪمال  سادي دوستاڻي طبيعت رکندڙ  شخص اعجاز منگي تي لکڻ ۽ ان جي ڪم کي ظاھر ڪرڻ ٿورو مشڪل آھي اردو جي شاعر جو ھي شعر ٺھڪي ٿو اچي.

سوچا تھا تیری سادگی پے لکھونگا اک غزل

افسوس تیرے معیار کے الفاظ نا مل سکے

آريسر جي لفظن ۾ ٿورو واڌارو ڪيان ٿو ته شڪار پور بيشڪ ٽن شاعرن سامي،اياز ۽ نياز ھمايوني ۽ ٻن شھيدن الله بخش سومري ۽ قيوم منگي جو جنم ھنڌ آھي  پر  اھو شڪار پور حسن درس جي سج(اي ڪراچي تون اسان جو سج آھين ۽ اسين سورج مکي) ۾ رھندڙ اديب دانشور سياسي ڪارڪن اعجاز منگي جو به ڳوٺ آھي يعني ھڪ با شناس اديب جو ڳوٺ آھي.

اعجاز منگي کي جنم ڏينھن جو کوڙ ساريون واڌايون

پنھنجي ٻولي کان علاوه ٻي ڪا ٻولي نه ڳالھائيندڙ ۽ پنھنجي محبوب وطن کان ٻاھر نه ويندڙ وطن جي آزادي لاءِ ۽ ڪيل لانگ مارچ ۾ پنھنجي ٻچڙن کي به گم ڪندڙ جيڪي ٻار کيس ڪڏھن نه ملي سگھيا چوندا آھن ته مرڻ کانپوءِ ۽ ھر ڪو سھائي پر جيئرو ساه ڪير سھائي انھي درد کي به پنھنجي وجود جي اونھي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪندڙ ۽ آفيمي قوم کي انقلاب سان روشناس ڪندڙسامراج (اھا ٻي ڳالھه آھي ته ھن وقت چين پاڻ وڏو سرمائيدار ۽ سامراج آھي) سان جنگ جوٽيندڙ ۽ انھي چين جي آزادي جي سرواڻ ڪامريڊ مائوزي تنگ جي سوچ مطابق ته انقلاب جو ھراول دستو ھاري آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.