نوبل پرائز جِي موسم

تحرير: ياسر قاضي

هر سال آڪٽوبر مهيني ۾ ”نوبل پرائز“ جو اعلان ٿيڻ جي موسم ايندي آهي، جڏهن هر سال ڇهن شعبن (فزڪس، ڪيمسٽريءَ، عُضويات يا بدن جي بناوت جي علم (فزيالوجي)/ طبَ، ادب، امن ۽ اقتصاديات) ۾ گذريل سالن دؤران اهم ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نمايان ڪارگذارن کي دنيا جو هي اهم ترين ۽ وڏي ۾ وڏو انعام ڏنو ويندو آهي. هن سال اها موسم 123هون ڀيرو آئي، ڇاڪاڻ ته پهريون ڀيرو نوبل انعام 1901ع ۾ ڏنا ويا هئا، جنهن کانپوءِ هرسال اهي انعام پابنديءَ سان ڏنا وڃن ٿا. هن سال سومر 7 آڪٽوبر کان ورندي سومر 14 آڪٽوبر جي وچ ۾ مٿين 6 شعبن ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ خوشقسمتن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جو سڄي دنيا شدت سان انتظار ڪيو. نوبل انعام ورهائڻ واري سالياني تقريب الفريڊ نوبل جي وصيت موجب هر سال سندس وفات جي ڏينهن يعني 10 ڊسمبر تي منعقد ڪئي ويندي آهي. هن سال 2024ع جا نوبل انعام ڏيڻ واري تقريب 10 ڊسمبر 2024ع تي، الفريڊ نوبل جي جنم ڀوميءَ ’اسٽاڪهوم‘ (سويڊن) ۽ اوسلو (ناروي) ۾ منعقد ٿيندي. نوبل    انعام، سويڊن جي واپاريءَ ’الفريڊ نوبل‘ (1833ع ــ 1896ع) پاران شروع ڪيا ويا هئا، جنهن جبلن ۽ سنگزارن مان رستا ڪڍڻ لاءِ پٿريلن مادن کي ٽوڙڻ وارو آتشگير مادو ”ڊائنامائيٽ“ ۽ ٻيا فوجي هٿيار ايجاد ڪري سماج جي خدمت ڪئي. نوبل 1896ع ۾ پنهنجي مرڻ کان اڳ ”انسانيت کي وڌ ۾ وڌ فائدو ڏيندڙن“ جي مڃتا لاءِ انعامن جو هڪ ساليانو سلسلو ڊزائن ڪيو، جنهن تحت هن 5 شعبن، يعني فزڪس، ڪيمسٽري، عضويات يا بدن جي بناوت جي علم (فزيالوجي)/ طب، ادب ۽ امن ۾  مڃتا انعام ڏيڻ بابت خيال تخليق ڪيو، جنهن تي علم درآمد سندس لاڏاڻي کان 5 سال پوءِ 1901ع کان ڪرڻ شروع ڪيو ويو. ياد رهي ته اقتصاديات جو نوبل انعام، 1895ع ۾ الفريڊ نوبل جي وصيت سان جاري ڪيل اصل انعامن ۾ ڪونه هو، بلڪه اهو باضابطه طور تي بعد ۾ نوبل پرائز جي اجراءَ کان 67 سال پوءِ 1968ع ۾ ”سوريجز رڪس بينڪ پرائز اِن ايڪانامڪ سائنسز“ جي نالي سان الفريڊ نوبل جي ياد ۾ ڏيڻ شروع ڪيو ويو، جنهن کي عرفِ عام ۾ ”اقتصاديات جو نوبل انعام“ سڏيو ويندو آهي.

1901ع کان هيلَ تائين نوبل انعام 632 ڀيرا ڏنو ويو آهي، پر اهو انعام حاصل ڪندڙن جو انگُ اصل ۾ 1021 آهي، جنهن ۾ فردن سان گڏوگڏ تنظيمون پڻ شامل آهن. هن انعام ۽ ان کي حاصل ڪندڙ فاتحن جو انگ مختلف انڪري آهي، جو هي انعام ڪئين ڀيرا هڪ شعبي ۾ هڪ کان وڌيڪ فاتحن کي به ڏنو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪن تنظيمن کي به نوبل پرائز ڏنو ويندو آهي. ان ڏس ۾ فزڪس ۾ اهو انعام 119 ڀيرا 229 فاتحن کي، ڪيمسٽريءَ ۾ 117 انعامَ، 200 فاتحن کي، طبَ ۾ 116 انعامَ 231 فاتحن کي، ادب ۾ 118 انعامَ، 122 فاتحن کي، امن جي شعبي ۾ 106 انعامَ، 111 فردن ۽ 32 تنظيمن کي، جڏهن ته اقتصادي سائنس ۾ 56 انعامَ، 96 فاتحن کي عطا ڪيا ويا آهن.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته نوبل پرائز حاصل ڪندڙ ”لارييٽس“ منجھان چار شخصيتون اهڙيون به آهن، جن کي ٻه ڀيرا نوبل انعام کٽڻ جو شاندار موقعو مليو آهي. جن ۾ ’مسز ميري ڪيُوري‘ پهرين خوشقسمت خاتون هئي، جنهن کي هيڪرَ فزڪس جي شعبي ۾ ۽ ٻيهر ڪيمسٽريءَ جي شعبي ۾ ”ريڊيو ايڪٽوٽيءَ“ ۾ آڳاٽو ۽ بنيادي ڪم ڪرڻ تي نوبل انعام مليو.  ان ڏس ۾ ٻيو خوشقسمت ’لينس پالنگ‘ آهي، جنهن کي پهريون ڀيرو ڪيمسٽريءَ جي شعبي ۾ ڪيميائي بانڊنگ تي ڪم ڪرڻ ۽ ٻيو ڀيرو امن جي شعبي ۾ ايٽمي هٿيارن خلاف جاڳرتا ڦهلائڻ جي مڃتا ۾  نوبل انعام مليو. ان فهرست ۾ ٽيون ’جان بارڊين‘ نالي طبعيات دان هو، جنهن کي ٻئِي ڀيرا فزڪس جي شعبي ۾ نوبل انعام مليا. هيڪرَ هن جي ’ٽرانزيسٽر‘ جي ايجاد ۽ ٻيهر ’سپر ڪنڊڪٽِوٽيءَ‘ (ڪرنٽ جِي اعليٰ ترسيلَ وارن ذريعن جي ڳولا) تي ڪم ڪرڻ جي مڃتا ۾ اهو ايوارڊ ڏنو ويو. جڏهن ته چوٿون خوشنصيب ’فريڊرڪ سينجر‘ هو، جنهن انسولين ۽ ڊي اين اي جي ترتيب بابت تحقيقي ڪم ڪرڻ جِي مڃتا ۾ ڪيمسٽريءَ جا ٻه نوبل انعام کٽيا. فردن جيان ڪجهه تنظيمن کي پڻ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا نوبل انعام مليا آهن، جن ۾ ”ريڊ ڪراس“ ٽي ڀيرا نوبل امن انعام حاصل ڪيو آهي، جڏهن ته گڏيل قومن جي هجرت ڪندڙن (مهاجرن) بابت هاءِ ڪمشنر تنظيمَ  (يُو اين سِي ايڇ آر) کي پڻ ٻه ڀيرا امن جي نوبل انعام جو مستحق قرار ڏنو ويو آهي. ان کان وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مسز ’ميري ڪيُوريءَ‘ جو ڪٽنب اهو خوشقسمت خاندان آهي، جنهن جي پنجن فردن کي نوبل انعام ملي چڪو آهي. 1903ع ۾ ميري ڪيُوريءَ جڏهن فزڪس جي شعبي ۾ اهو انعام ماڻيو، ته ساڻس گڏ سندس مُڙسَ ’پِيئر‘ کي پڻ ساڳئي ئي شعبي ۾ نوبل انعام مليو. ٻيهر ميريءَ پاڻ 1911ع ۾ ڪيمسٽريءَ ۾ نوبل انعام ماڻيو. اڳتي هلي 1935ع ۾ ميريءَ جي ڌيءُ ’اريني جوليئٽ ڪيوري‘ ۽ سندس مڙسَ ’فريڊرڪ جوليئٽ ڪيوريءَ‘  فزڪس ۾ نوبل انعام کٽيو. ان کان 30 سال پوءِ 1965ع ۾ ميريءَ جي هڪ ٻئي ناٺيءَ ’هينري رچرڊسن ليبوئس‘،  ”يُونيسيف“ جي طرفان امن جو نوبل انعام وصول ڪيو. جنهن تي ان ڪٽنب کي نقادن پاران تنقيد جو منهن به ڏسڻو پيو ۽ رائل سُوئيڊش اڪيڊمي آف سائنسز تي جانبداريءَ جا الزام پڻ لڳندا رهيا. نوبل انعام حاصل ڪندڙن جا نالا ته پڌرا ڪيا ويندا آهن، پر نوبل پرائز جي نامزد ٿيل اميدوارن (جيڪي هڪ هڪ شعبي ۾ ڪئين هوندا آهن) جا نالا اڌ صديءَ تائين ظاهر ناهن ڪيا ويندا ۽ 50 سالن تائين انهن بابت معلُومات ”ڪلاسيفائيڊ“ رکي ويندي آهي. 50 سالن بعد نوبل پرائز فائونڊيشن (رائل سُوئيڊش اڪيڊمي آف سائنسز)  انهن نامزد شخصيتن جي نالن کي پنهنجي ويب سائيٽ تي ظاهر ڪندي آهي. تيستائين انهن منجھان اڪثر هي جهان ڇڏي وڃي چُڪا هوندا آهن.

هن سال سُومر 7 آڪٽوبر 2024ع تي طب (۽ فزيالوجيءَ)، اڱاري 8 آڪٽوبر تي طبعيات (فزڪس)، 9 آڪٽو بر تي ڪيميا جي علم (ڪيمسٽريءَ)، خميس 10 آڪٽوبر تي ادبَ، جمعي 11 آڪٽوبر تي امن، جڏهن ته ڪالهه يعني وري سُومر 14 آڪٽوبر تي اقتصاديات جي شعبي ۾ نوبل انعام جي فاتح قرار ڏنل خوشنصيبن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو.هن سال نوبل انعام کٽندڙ ”لارييٽ“ شعبي وار هن ريت هئا.◙  طب ۽ فزيالوجي: (1) ’وِڪٽر ايمبروس‘ (2) ’گيرِي روڪون‘(’مائڪرو آر. اين. اي‘ جي ڳولا ۽ ’پوسٽ ــ ٽرانسپشن جِين ريگيوليشن‘ ۾ ان جي ڪردار بابت تحقيق جي مڃتا طور)◙  فزڪس: (1) ’جان جي. هوپ فيلڊ‘ (2) ’جيوفرِي  اِي هِنٽَن‘(ٻنهي کي مشين جي علم کي هٿرادُو غيرجانبدار نيٽورڪس لاءِ ممڪن بڻائيندڙ بنيادي دريافتن ۽ ايجادن جي مڃتا طور)◙  ڪيمسٽري:  (1) ’ڊيوڊ بيڪر‘ (ڪمپيوٽيشنل پروٽين زائن جي مڃتا ۾)(2) ’ڊيمس هيزابِس‘ (پروٽين اسٽرڪچر جي اڳڪٿيءَ جي مڃتا ۾)(3) ’جان ايم. جمپر‘ (مٿئين مضمون تي ئي هيزابس سان گڏ تحقيق جي مڃتا ۾)  ادب: ڪوريائي اديب ’هين ڪانگ‘ (سندس دت سان ڀرپور شاعراڻي نثر جِي مڃتا ۾، جيڪو تاريخي صدمن جو احاطو ڪري ٿو ۽ انساني زندگيءَ جي نزاڪت جو اظهار ڪري ٿو.)  امن: جاپان جي هِيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ ۾ ائٽمي حملن مان بچي ويل ماڻهن جي تنظيم ”نهون هندانڪيو“ (جنهنجو مطلب آهي: ”جپان جي بم کان بچاءَ واري تنظيم“)جنهن کي ”هباڪوشا“ پڻ چيو ويندو آهي. جنهنجي ائٽمي هٿيارن کان پاڪ دنيا حاصل ڪرڻ وارين ڪوششن ۽ ان عزم ته ”ايٽمي هٿيار ٻيهر استعمال نه ٿيڻ گهرجن!“، جي مڃتا ۾ هي ايوارڊ ڏنو ويو.
◙   اقتصادياتي علمَ(ايڪانامڪ سائنسز): (1) ’ڊيرُون ايسيموگلو‘ (2) ’سائمن جونسن‘ ۽ (3) ’جيمس اي رابنسن‘ (ٽنهي کي ان تحقيق جي مڃتا ۾ ته ادارا ڪيئن ٺهن ٿا ۽ ڪيئن اهي سماج جي خوشحاليءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا.)هن سال نوبل پرائز جي هر فاتح کي ايوارڊ ميڊل ساڻ 10 لک 35 هزار امريڪي ڊالر جي رقم ”ايوارڊ مَنيءَ“ طور ڏني ويندي. نوبل انعام جو ميڊل 18 قراط سون جو ٺهيل هوندو آهي، جنهن جو وزن هڪ پائونڊ جو ٽيون حصو ۽ قطر 2.6 انچ هوندو آهي. جنهن تي ايلفرڊ نوبل جي تصوير اُڪريل هوندي آهي. ان ڳالهه جو ته لڳ ڀڳ هر ڪنهن کي علم هوندو ته نوبل انعام جي ضابطن موجب هي انعام بعد از وفات نٿو ڏئي سگهجي ۽ فقط جيئرا ماڻهو ئي ان جا حقدار ٿين ٿا. پر سال 2011ع هڪ ڀيرو ايئن به ٿيو، جو هي انعام ڪنهن مري ويل ماڻهوءَ کي ان جي وفات بعد ڏنو ويو. اڻڄاڻائيءَ ۾ ٿيل اهو واقعو تڏهن پيش آيو، جڏهن ڪينيڊا جي ”مدافعت / مرضن کان بچاءَ واري / مناعيات جي علمَ“ جي ماهر (امُونولوجسٽ) ’رالف اسٽينمين‘ کي فزيالوجيءَ ۽ طب جي شعبي لاءِ نوبل انعام ڏنو ويو. ٿيو ايئن جو نوبل ڪميٽيءَ ان سال جنهن ڏينهن (3 آڪٽوبر تي) سندس انعام جو اعلان ڪيو، ان کان ڪجھه ئي ڏينهن اڳ ’اسٽينمين‘ جو لاڏاڻو ٿي ويو هو ۽ سندس انعام جي اعلان تائين ڪميٽيءَ کي اها خبر ڪانه هئي ته ’اسٽينمين‘ ڪجهه ڏينهن اڳ گذاري ويو هو. اعلان کانپوءِ جڏهن ’اسٽينمين‘ جي موت جِي خبر نوبل انعام ڪميٽيءَ کي پئي ته ڳُوڙهي غور ويچار کانپوءِ، ڪميٽيءَ فيصلو ڪيو ته اهو انعام ’اسٽينمين‘ کي ئي ڏنو ويندو، ڀلي ان لاءِ ڪميٽيءَ کي پنهنجي طئي شده اصولن کي ٽوڙڻو ئي ڇو نه پوي! (ڇاڪاڻ ته ان اعلان کان اڳ تائين ڪميٽيءَ کي سندس موتَ جو علم ڪونه هو). ’اسٽينمين‘ جي ڌيءَ ٻڌايو ته هن سندس پيءُ سان مرڻ کان ڪجھه ڏينهن اڳ نوبل پرائز بابت مذاق ڪندي چيو هو: ”بابا، جيڪڏهن اوهان گذاري ويئو، ته نوبل پرائز ڪميٽيءَ وارا اهو انعام توهان کي نه ڏيندا!“ تَنهن جي جواب ۾ ’اسٽينمين‘ وراڻيو هو: ”معنيٰ ته مونکي نوبل پرائز حاصل ڪرڻ لاءِ جيئرو رهڻو پوندو!“ايندڙ هفتي پاڻ هن سال ادب جي شعبي ۾ نوبل پرائز ماڻيندڙ ”لارييٽ“ ’هينگ ڪانگ‘ جي ادبي خدمتن بابت پيرائتو ذڪر ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.