شنگھائي تعاون تنظيم اسلام آباد اجلاس جي ايجنڊا ۽  اميدون

تحرير: ڪوثر لوڌي

16۽ 17 آڪٽوبر 2024ع تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ھڪ اھم ڪانفرنس اسلامي جمهوريه پاڪستان جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ منعقد ٿي رهي آهي. وچ ايشيا گروپ جو هي اجلاس جنهن کي شنگهائي تعاون تنظيم جو نالو ڏنو ويو آھي، پهريون ڀيرو 1996ع ۾ چين جي گادي واري شهر شنگهائي ۾ منعقد ٿيو ھو. جنهن ۾ وچ ايشيا جي پنجن ملڪن روس، تاجڪستان، ڪرغزستان، ازبڪستان ۽ چين شامل هئا. ان جي تنظيم جو مقصد خطي جي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ دهشتگردي  جو مقابلو ڪرڻ ھو. بعد ۾ ان ۾ دفاع، توانائي ۽ واپار وغيره جي شعبن کي به شامل ڪيو ويو.تنظيم جو ٻيو اجلاس 2001ع ۾ قازقستان جي شهر آستانه ۾ ٿيو، جنهن ۾ 15 ٻين ملڪن آبزرور يعني مبصر طور اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. 2017ع ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان ۽  ھندستان پڻ شنگهائي تعاون تنظيم جا باقاعدي ميمبر بڻجي ويا. اهڙي طرح ميمبرن جو انگ 7 ٿي ويو. جڏهن ته 2020ع ۾ ٿيندڙ  اجلاس ۾ ايران به شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجي ويو ۽ ان اجلاس ۾ منگوليا ۽ افغانستان  مبصر طور شرڪت ڪئي. اهڙي طرح ميمبر ملڪن جو انگ 8 ٿي ويو. جولاءِ 2024ع واري اجلاس ۾ بيلاروس ۽ ترڪمانستان پڻ ،ايس سي او جا باقاعده ميمبر بڻجي ويا. جنھن سان  تنظيم جي ميمبر ملڪن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي. آڪٽوبر 2024ع  جو اجلاس جيڪو اسلام آباد ۾ معقد ٿي رھيو آھي. ان  ۾ چين جو صدر، روسي صدر، ولاديمير  پيوٽن سميت ايران، قازقستان، ڪرغزستان ۽ تاجڪستان جا سربراهه به شرڪت ڪندا، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف به ميزباني جا فرض انجام ڏيندو. ھندستان پاران پرڏيهي وزير جي شنڪر اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ھن کان اڳ پڻ سندس پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي. جڏهن ته گذريل ڪيترن سالن کان ھندستان جي  ڪنهن به اڳواڻ پاڪستان ۾ منعقد ٿيندڙ ڪنهن به عالمي يا علائقائي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي آهي.  ٻئي پاسي ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي  تنظيم سارڪ به ھندستان جي ڪري ئي سرد خاني حوالي ٿيل آهي،ڇاڪاڻ جو سارڪ جو اجلاس ھندستان  ٿيڻ نه ٿو ڏئي ۽ پاڪستان سارڪ  جو اجلاس منعقد ڪرائي تھ ھندستان  ان ۾ شرڪت نٿو ڪري. تنھن ڪري ھندستان  جي سرد رويي  سبب سارڪ تنظيم بي جان ٿي وئي آهي. پر هاڻي اوچتو نريندر مودي پنهنجي جاءِ تي پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس ۾ موڪلڻ جو اعلان ڪيو ته  سڀني کي حيراني محسوس ٿي، جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته موجوده صورتحال ۾ ھندستان وچ ايشيا تعاون تنظيم جي هن وڏي اجلاس ۾ شرڪت نھ ڪري وڌيڪ اڪيلائي سھي نھ سگهي ھا. ان ڪري شنگھائي تعاون تنظيم ۾ مبصر ملڪن کان علاوه 9 ملڪن جا سربراه شرڪت ڪندا، جڏهن ته ھندستان  طرفان سندن پرڏيهي وزير جي شنڪر شرڪت ڪندو.شنگهائي تعاون تنظيم جي هن اجلاس جي ايجنڊا ۾ علائقائي تعاون، مواصلات، دهشتگردي جي خاتمي ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار  نمايان طور تي شامل  ھوندا.جيئن تھ  ھندستان ۽ چين جي وچ ۾ پڻ سرحدي تڪرار آهن، ساڳئي طرح هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بھ سرحدي تڪرار آهن. ٻئي طرف پاڪستان جو افغانستان سان سرحدي تڪرار انتهائي شدت اختيار ڪري چڪو آهي. جهڙيءَ طرح يورپ ۾ علائقائي گروپ آهن ۽ آمريڪا ۾ پڻ علائقائي گروپ آهن، جيڪي پنهنجا مسئلا  پاڻ ۾ گڏيل تعاون ذريعي حل ڪن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.