رياستي ظلم و بربريت جو شڪار ٿيندڙ عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي حمايت ۾ ٽيون ڏينهن ڪراچي ۾ سول سوسائٽي قومپرستن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جو گڏيل سنڌ رواداري مارچ بظاهر ته پوليس ۽ طاقتورن جي سخت تشدد وسيلي ناڪام بنائڻ جي هڪ ڪوشش هئي پر هي مارچ عوامي نظرن ۾ ڪامياب ويو آهي جو پوليس هن ڏس ۾ حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۽ وسندين ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي نه صرف گرفتاريون عمل ۾ آنديون پر مکيه دڳ بند ڪري احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويندڙن جي رستا روڪ پڻ ڪئي تنهن هوندي به اڳواڻ ۽ ڪارڪن رواداري مارچ ۾ شريڪ ٿيڻ ۾ ڪامياب ويا ۽ پوري دنيا ان کي ڏٺو ۽ پرکيو.هن احتجاج ۾ مختلف عورت تنظيمن جون اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ شريڪ هيون جن کي پڻ تشدد جو نشانو بڻائي مختلف ٿاڻن تي رکيو ويو ۽ اهي ٿاڻا احتجاج جو منظر ڏئي رهيا هئا جتي پ پ پ ۽ انجي حڪومت خلاف نعريبازي ٿيندي رهي پوليس ٿاڻن اندر سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي وسيلي رياستي بربريت جي مذمت ٿيندي رهي ۽ پوليس ڏسندي رهي.
ڪراچي ۾ پوليس تشدد ۽ گرفتارين بعد سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به مظاهرا ڪري پوليس تشدد ۽ حڪومت جي روين جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ گرفتار ڪارڪنن جي آزادي ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر سان انصاف جو مطالبو ڪيو ويو.سول سوسائٽي ۽ قوم پرست ڌڙن جي جن اڳواڻن کي تشدد وسيلي گرفتار ڪيو ويو تنهن ۾ سنڌ جي دانشور جامي چانڊيو جي نياڻي روماسا، بخشل ٿلهو سنڌو نواز گهانگرو، ڊاڪٽر سورٺ سنڌو، رخسانه هاليپوٽو، راڳي سيف سميجو، علي پلهه ۽ ٻيا شامل آهن.ڀيڻ روماسا جامي کي جنهن نموني ٽنگوٽالي ڪري تشدد ڪيو ويو پ پ پ حڪومت لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام آهي جيڪا پاڻ کي عورتن جي پارٽي سڏي ٿي.پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي ۽ هن پوري تشدد جي ذميواري سنڌ سرڪار تي وڌي پئي وڃي جن جمهوريت جي آڙ ۾ پرامن ڪارڪنن کي تشدد ۽ بربريت جو نشانو بڻايو.اها حد به ڪراس ڪئي وئي ته رپورٽنگ ڪندڙ صحافين کي نه بخشيو ويو جن تي به تشدد ڪيو ويو کين بربريت جو نشانو بڻائي گرفتار ڪيو ويو.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار هنن پر تشدد ڪاررواين بعد رياست پاران صفائي پيش ڪئي آهي جنهن ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ ساڳي ڏينهن ساڳي وقت تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان وارن جو به ساڳي موضوع تي احتجاج رکيل هو ۽ ڌرين جي وچ ۾ ٽڪرءَ واري صورتحال پئدا ٿيڻ جا امڪان هئا جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي قلم 144 هڻي ڇڏيو هو ۽ انجي خلاف ورزي ڪئي پئي وئي.هن اهو به چيو ته مظاهرين جي حملن ۾ ڪجهه پوليس وارا به ڌڪي ٿيا آهن رهيو سوال صحافين مٿان ٿيل تشدد جو ته ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروئي ٿيندي جو هنن سڃاڻپ رکندڙ صحافين کي بربريت جو نشانو بڻايو.هن ٻڌايو ته ٽي ايل پي جي مظاهرين کي به پوئتي هٽڻ ۽ ڇڙو و ڇڙ ڪيو ويو ڪنهن به هڪ ڌر سان نرمي اختيار ناهي ڪئي وئي.
ڏسجي ته سنڌ ۾ اسيمبلي اندر پ پ پ کي مخالف ڌر جو ايترو ٽف ٽائيم نٿو ملي جيترو سول سوسائٽي قومپرستن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان ملي ٿو جيڪي هر قومي مسئلي تي حڪومت جي روين ۽ زيادتين خلاف پنهنجو روڊ پاور جو مظاهرو ڪن ٿا.سنڌ جي قومي وسيلن تي ٿيندڙ قبضن ۽ ڦرلٽ خلاف سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ قومپرست ڌڙا ئي آهن جيڪي وفاق توڙي صوبائي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏين پيا ۽ انهن جي رستا روڪ ڪن ٿا.هي ئي آهن جيڪي سنڌ جي سردارن پيرن وڏيرن جي آئي ڏينهن ٿيندڙ زيادتين خلاف متحرڪ ٿين ٿا ۽ عوام ۾ سجاڳي آڻين ٿا ۽ هنن کي به پرامن احتجاج جي اجازت نه هجي ته پوءِ جمهوريت جو ڪهڙو فائدو. گذريل ڪجهه سالن جو جائزو وٺبو ته سنڌ ۾ سردارن پيرن ۽ وڏيرن جي چرچ تي وڏي انگ ۾ بيگناه نياڻيون صحافي ۽ نوجوان ڪسجي چڪا آهن جن جا قاتل اڃا تائين سزا کان آجا آهن.پريا جو اغوا به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي.جڏهن زيادتيون ظلم ٿيندا ته احتجاج ته ضرور ٿيندا جن کي رياست ٻڌي ۽ ڏسي جنهن سان ئي امن کي بحال ڪرائي سگهجي ٿو. صوبائي گهرو وزير جو اهو چوڻ ته عمرڪوٽ واقعي جي ذميوارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي باقي جن عدالتن مان ضمانت ڪرائي آهي تن کي گرفتار ڪيئن ٿو ڪري سگهجي هڪ سوال آهي.ڏٺو وڃي ته جن ضمانت ڪرائي آهي تن ۾ عمرڪوٽ واقعي جا مک جوابدار آهن ۽ پوليس جا آفيسر آهن.جيڪڏهن سرڪار سخت رويو ڏيکاري ها ۽ سرڪاري وڪيل مخالفت ڪن ها ته سندن ضمانت مشڪل هئي جو مٿن دهشتگردي جا قلم لڳل آهن ۽ اڃا به وقت آهي ته سرڪار قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهندي مک جوابدارن جي ضمانت رد ڪرائي کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ انجي پونئيرن جي حفاظت يقيني بنائڻ گهرجي.جڏهن سرڪاري ۽ نجي ادارن جي ٿيل جاچ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر بيڏوهي نڪتو آهي ڪي به سندس خلاف ثبوت ناهن مليا ته پوليس آفيسرن ڪنهن جي چوڻ تي هڪ بيگناهه کي قتل ڪيو ۽ لاش ساڙيو وڃي يقنن احتجاج ته ٿيندا ۽ انهن پرامن احتجاجن کي روڪڻ پڻ هڪ ڏوهه آهي.شاهنواز ڪنڀر جي قتل پويان اصل هٿ وائکا ڪرڻ گهرجن جن ڊاڪٽر کي قتل ڪرائڻ ۾ ڪا به ڪثر ناهي ڇڏي ۽ اهي هٿ لڪيل به ناهن.
بقول گهرو وزير جي ته ٻنهي ڌرين جا هڪ ئي وقت ۽ هڪ ئي ڏينهن مارچ و احتجاج رکيل هئا ۽ خون خرابي جا امڪان هئا ته هڪ ڏينهن اڳ ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي هڪ ئي ڏينهن احتجاج کان روڪيو وڃي ها يا وري انهن کي مختلف رستن تان گذاريو وڃي ها ۽ مختلف هنڌن تي احتجاج ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ها.ڏسجي ته جيتري بربريت سول سوسائٽي ۽ قومپرست خلاف ٿي آهي ۽ هنن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ٿيا آهن ۽ سندن گهرن تي ڇاپا لڳا آهن شايد ئي ٽي ايل پي تي جو ٽي ايل پي ڪجهه ڏکي آهي ان سان سينو سهڻ کان هر حڪومت اها وفاق جي هجي يا صوبن جون سدائين لهرايو آهي.
بهرحال جيڪو ڪجهه گذريو ٻيهر ٿيڻ نه گهرجي هر ماڻهو کي تحرير تقرير ۽ احتجاج جو حق ملڻ گهرجي.جيڪڏهن ڪالهوڪي مارچ دوران گرفتار ٿيل اڃا آزاد ناهن ٿيا ته انهن کي فوري آزاد ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ پنجاب واري صورتحال پئدا ٿيڻ کان پاسو ڪجي جو اڳ ۾ ئي ملڪ مسئلن جو شڪار آهي.طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي نه وري طاقت جو استعمال ڪا جمهوريت ۽ آزادي سڏي سگهبي.پ پ پ کي شهيدن عوام ۽ عوامي حقن واري پارٽي سڏيو وڃي ته پر هن وقت اها سنڌ ۾ ظلم جبر ۽ آمرن جي پارٽي بڻجڻ وڃي رهي آهي تنهن کي بچائڻ گهرجي.
سنڌ ۾ پنجاب واري صورتحال پئدا ٿيڻ کان پاسو ڪجي جو اڳ ۾ ئي ملڪ مسئلن جو شڪار آهي.طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي نه وري طاقت جو استعمال ڪا جمهوريت ۽ آزادي سڏي سگهبي.پ پ پ کي شهيدن، عوام ۽ عوامي حقن واري پارٽي سڏيو وڃي ته پر هن وقت اها سنڌ ۾ ظلم جبر ۽ آمرن جي پارٽي بڻجڻ وڃي رهي آهي تنهن کي بچائڻ گهرجي.