تون گهلين ٿو هي ووٽن کي….!

تحرير: امر پيرزادو

تون گهلين ٿو هي ووٽن کي

۽ پوڄين ويٺو نوٽن کي

ٿو ڪپڙا ڦاڙين سازن جا

ٿو ساهه گهٽين آوازن جا

هو هٿيارن کان خالي ها

۽ سنڌ جا وارث والي ها

هو سهپ سنڀالڻ نڪتا ها

هو سنڌ سنوارڻ نڪتا ها

ٿو تن جي تون تذليل ڪرين

ٿو عورت جي توهين ڪرين

هي دهشتگردي ڇا جي آ

هي غنڊا گردي ڇا جي آ

معصومن کي ڏنڊا هڻندين؟

سمجهين ٿو تون زندهه رهندين؟

تون پنهنجو موت پيو چاهين

ڄڻ سياسي لاش پيو ٺاهين

هي ڳالهه هنڊائي سيني سان

هي سنڌ سدايئن ٻوليندي

۽ اکيون تنهنجون کوليندي

ها اکيون تنهنجون کوليندي !!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.