پُرامن مارچ تي تشدد ڪنھن ڪرايو !

ڪراچيءِ ۾ رواداري مارچ مٿان ڪيل بيرحماڻي تشدد جي سموري سنڌ ۾ نندا ٿي رھي آھي.اڳ ۾ ئي اعلانيل مارچ کي روڪڻ جي لاءِ ڪنھن انتھاپسند ڌر کي اڳيان ڪيو ويو،جن پڻ ساڳئي ڏينھن تي احتجاج جو اعلان ڪيو. ساڳئي ھنڌ تي احتجاج جو اعلان ڪيو.جيڪڏھن ڏٺو وڃي تھ رواداري مارچ جنھن ۾ سنڌ جا باشعور ماڻھو، وڪيل، انساني حقن جا ڪارڪن مختلف سياسي ڌرين جي ڪارڪن شامل ھئا. انھن ھن مارچ جو اعلان ٻھ ھفتا اڳ ڪيو ھو.

ھڪ ئي وقت ٻنھي ڌرين جي ساڳئي ھنڌ ساڳئي ڏينھن ساڳئي وقت مارچ ڪرڻ جو مطلب ان کانسواءِ ٻيو ڪو بھ نٿو ٿي سگھي تھ اڳواٽ اعلانيل مارچ کي ڦٽايو وڃي.اھڙي صورتحال ۾ حڪومت ۽ وس وارن جو رويو وڌيڪ افسوس وارو آھي ڇاڪاڻ جو اھڙي صورت ۾ بعد ۾ اعلان ڪندڙن کي روڪڻ جي ضرورت ھئي پر ان جي بدران اختيارين رواداري مارچ ڪندڙن کي روڪڻ ۽ انھن کي ھيسائڻ ۽ ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي.

دنيا ۾ ڊيڄارڻ،ھيسائڻ،تشدد ڪرڻ حڪومتن ۽ طاقتورن جو پراڻو ھٿيار رھيو آھي.جنھن ڪري طاقتور ڌرين کي اھو استعمال ڪرڻ جو خاصو تجربو آھي.جنھن جو مظاھرو ڪيو ويو،جنھن جو وڊيوز ۽ تصويرون سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويون آھن.جنھن مان طاقتور ڌرين ۽ ھڪ چونڊيل يا پاڻ کي جمھوري قرار ڏيندڙ حڪومت جو اصل چھرو نظر اچي رھيو آھي.

سوال ھي آھي تھ جيڪڏھن ٻن ڌرين مان جنھن ۾ ھڪ قانون جي سرعام لتاڙ ڪندڙ ھجي ۽ ٻي قانون تي عمل ڪندڙ ھجي تھ پوءِ ھڪ قانون جي حامي حڪومت کي قانون جو ساٿ ڏيندڙ ڌر کي جاءِ ڏيڻ گھرجي ھا.پر انھن اختيارين جي ڪھڙي مجبوري ھئي اھا ڳالھھ سمجهه کان ٻاھر آھي ؟

سوال ھي بھ آھي تھ جيڪڏھن رواداري مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻھو  پريس ڪلب تائين پھچي ويا ھئا ۽ جيڪڏھن ان جا اڳواڻ پنھنجي ڳالھھ پيش ڪن ھا يا انھن جا جيڪي مطالبا آھن اھي رکن ھا تھ ان سان موجوده  حڪومت کي ڪھڙو ڇيھو رسي ھا. اھي سڀ  ماڻھو پنھنجي ڳالھھ ڪري پاڻ ئي ھليا وڃن ھا !

ان ھوندي بھ خوف ۽ ڏھڪاءُ جو اھڙو ماحول پئدا ڪيو ويو، ُپرامن طور تي احتجاج ڪندڙن جي گڏ ٿيڻ ۽ انھن جي تقرير ڪرڻ واري ڏوھ ڪرڻ تي پوليس ۽ ان سان آيل مددگار انھن ماڻھن مٿان قانون لاڳو ڪرائڻ جي لاءِ اھڙي بيرحمي سان تشدد ڪيو جھڙوڪ اھي ماڻھو  دشمن  ملڪ جا شهري ھئا  اھي ڪي رھزن ڌاڙيل ھئا

حڪومت ۽ ان جي ادارن ٽي تلوار کان پريس ڪلب تائين اعلانيل مارچ کي روڪڻ جي لاءِ شھر جي رستن ۽ چوڪن تي رڪاوٽون کڙيون ڪري رستا روڪ ڪئي ھئي.ان بعد ٿورا ئي ماڻھو پريس ڪلب تائين پھتا ھئا جيڪي بھ ھڪ ئي وقت نھ پھتا ڇاڪاڻ جو سڄي شھر ۾ وٺ پڪڙ جاري ھئي.جنھن ڪري ڪي قافلا دير سان پھتا، ماڻھو قافلن جي صورت ۾ پريس ڪلب اچي رھيا ھئا.انھن مان اتي موجود پوليس ڪافي قافلن کي اچڻ جو رستو پڻ ڏنو. مارچ ۾ شامل ماڻھن جو چوڻ آھي تھ اھو تاثر ڏنو ويو تھ، مارچ وارا پنھنجي ڳالھھ پيش ڪري سگھن ٿا. ان بعد جڏھن تقريرن جو سلسلو شروع ٿيو تھ پوليس مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي گھيرو ڪري انھن کي سٽڻ  ُڪٽڻ شروع ڪيو.جنھن ۾ پوليس قانون جون سموريون حدون اورانگھي وئي. ھنن دانشورن،ليکڪن، فنڪارن، معززشھرين ۽ ڪارڪنن جي مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو، نياڻين کي وارن مان گھلي پوليس گاڏين  ۾ ڦٽو ڪيو ويو. جيڪڏھن ڪنھن وچٿري ماڻھو پوليس آفيسرن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي تھ ان کي دسيو ويو، ان مٿان لٺيون وسايون ويون.انھن جا وار پٽيا ويا.اھو سمورو منظر يا ان جي حالت وڊيوز ۾ ڏسي سگھجي ٿي.

سوال ھي آھي تھ سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت آھي جيڪا پاڻ کي روشن خيال بلڪھ باني اڳواڻ تھ ان کي سوشلسٽ فڪر تي عمل ڪندڙ پارٽي قرار ڏنو ھو. ان ھوندي روشن خيال،ُپرامن،قانون، آئين جي ڳالھھ ڪندڙ ڪارڪنن کي لٺين سان سڄايو ويو. آخر اھڙي ڪھڙي قوت ان سموري معاملي جي پٺيان آھي، جنھن اھو سڀ ڪجھھ ڪيو يا ڪرايو ؟ پوليس فورس تھ حڪم جي غلام آھي جنھن ڪري عوا م ۾ اھو تاثر موجود آھي تھ اھو سڀ ڪجهھ حڪومت جي اڳواٽ حڪمت عملي جو حصو آھي.

جنگ جي وقت اھو سوال ٿيندو ئي آھي تھ توھان ڪنھن جي پاسي آھيو يا ڪھڙي ڌر جا حامي آھيو ؟ تڏھن توھان کي اھو  نھ رڳو ٻڌائڻو پر ثابت بھ ڪرڻو پوندو آھي تھ ڪھِڙي پاسي بيٺا آھيو. ان ڪري ھن مارچ دوران صاف نظر آيو تھ حڪمران ڌر روشن خيال ۽ قانون جي عملداري جي ڳالھھ ڪندڙن سان نھ ھئي، جيڪڏھن ائين نھ ھو تھ پوءِ  رواداري مارچ جي ماڻھن مٿان اھڙو وحشياڻو تشدد ڪنھن ڪيو ۽ ڇوڪيو ؟

مارچ دوران سنڌو نواز گهانگهرو، جامي چانڊيو، سندس نياڻي روماسا، بخشل ٿلهو، ڪامريڊ عاليه بخشل، ايڇ آر سي پي  اڳواڻ قاضي خضر، جڳ مشھور راڳي سيف سميجو ۽ وقار ملاح، فوزيه سينگار، وڪيل علي پلهه ۽ زهره خان سميت 80 کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ سماجي اڳواڻن کي تشدد ڪري پوليس گاڏين ۾ ائين ڦٽوڪيو ويو جئين ٽرڪن ۾ جانورن کي وڌو ويندو آھي.پوليس تشدد کان ناميارو وڪيل علي پلهه، هوم بيسڊ ويمن ورڪرس تنظيم اڳواڻ زهرا خان ۽ سماجي اڳواڻ اسماعيل پنهور بھ محفوظ نھ رھيا.

مارچ ڪندڙن جو چوڻ آھي تھ پوليس مٿن تشدد ڪرڻ وقت مذھبي نعرا بھ ھڻي رھي ھئي. پوليس اڳواٽ حملي ڪرڻ لاءِ تيار بيٺي ھئي.ڇا اھو سڀ ڪجهھ ڪري رياست مذهبي انتهاپسندي کي ھٿي نھ وٺرائي رھي آھي ؟پرامن مارچ ڪندڙن  مٿان پوليس  جھڙي ريت دهشتگردي وارو رويو اختيار ڪيو ۽ نياڻين، عورتن،نوجوانن مٿان  جيڪو تشدد ڪيو ان سان ڪا بھ ناماچاري نھ ٿي آھي، ھي جيڪو ڪجھھ ھن وقت ٿي رھيو آھي ان جو فيصلو اڳتي ھلي تاريخ ڪندي تھ سنڌ ۾ ُپرامن ،مثبت، صوفي مزاج واري رواداري سماج کي ٿيندڙ نقصان خلاف مزاحمت ڪندڙ ماڻھن مٿان اختيارين، انتھاپسندن کي پاڻ سان ملائي تشدد ڪيو ۽ سنڌ جي ساڃاھ وند قدرن جي لتاڙ ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.