حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي قومپرست اڳواڻن ۽ جسٽس فار ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪميٽي طرفان ڪراچي ۾ رواداري مارچ مٿان ٿيل تشدد، نياڻين جي تذليل ڪري گرفتار ڪرڻ، قومي اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپن هڻڻ ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف 16 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿانهين قتل ۽ سندس قتل جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن نه ويهارڻ ۽ سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪينال ڪڍڻ توڙي سنڌ جي زمينن تي والار خلاف 20 آڪٽوبر تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ “سنڌ قومي ڪٺ” ڪوٺائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته رواداري ريلي تي تشدد جي ردعمل ۾ 18 آڪٽوبر تي پ پ جي جلسي کي متاثر ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ جي روڊن تي ڌرڻا هڻي رستا روڪ ڪري سگهون ٿا، پر اسان رواداري جا امين ۽ پرامن سياست جي قائل آهيون، تشدد واري سياست جي سدائين مخالفت ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه قومپرست اڳواڻن رياض چانڊيو ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. رياض چانڊيو ٻڌايو ته جسٽس فار ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪميٽي جو اجلاس حيدرآباد ۾ سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي ٿيو. اجلاس ۾ قومپرست اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، عبدالفتاح چنا، ڊاڪٽر بدر چنا، قمر زمان راڄپر، نواز شاهه ڀاڏائي، غفار ميرجت، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، پنهل جمالي، اياز سولنگي، غفار مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي عدالتي جاچ لاءِ رواداري مارچ ٿيو، جنهن تي رياست ۽ حڪمرانن سفاڪانه حملو ڪري وحشياڻي نموني سياسي ڪارڪنن نياڻين، صحافين ۽ عام شهرين کي بدترين تشدد جو نشانو بنايو، لاتعداد سياسي اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا هڻي چادر ۽ چئوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو، جيڪو عمل قانون جي کليل لتاڙ آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي ان سنڌ دشمن جمهوريت جي توهين ۽ انصاف تي هلان جو هي ڀيانڪ روپ هو، جيڪو ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين هنڌن تي آزمايو ويو آهي. هن چيو ته اسين هن سڄي عمل جو ذميوار بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي سمجهون ٿا، جنهن جي حڪم تي سنڌ تي هي آمريت مڙهي وئي، دنيا سندن اصل چهرو ڏسي چڪي آهي. جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت کي سنڌ دوست ۽ وطن دوست ڌرين کي ڪنهن به احتجاج ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ گهرجي، ڪراچي ۾ پ پ سرڪار پاران ڪرايل تشدد، گرفتارين ۽ گهرن تي چڙھائي جي ردعمل ۾ 18 آڪٽوبر ڪارساز سانحي جي ياد ۾ پ پ جي جلسي کي متاثر ڪرڻ لاءِ اسان به سڄي سنڌ جي روڊن تي ڌرڻا هڻي رستا روڪ ڪري سگهون ٿا، پر اسان رواداري جا امين آھيون، اسين پرامن سياست جا قائل آهيون،
ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار جي اڄ قبرڪشائي، ميڊيڪل بورڊ قائم
عمرڪوٽ (رپورٽ: غلام مصطفيٰ مھر) ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار کي پوليس پاران جڙتو مقابلي ۾ قتل جي جاچ جي سلسلي ۾ صحت کاتي پاران قبرڪشائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پوليس سرجن حيدرآباد پاران مقتول ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ اسپيشل ميڊيڪل بورڊ قائم ڪيو ويو، اي ٽي سي ڪورٽ ميرپورخاص ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ کي ليٽر لکي حڪم ڪيو ويو هو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار جي قبر ڪشائي ڪري ٻيھر پوسٽ مارٽم ڪري رپورٽ عدالت جمع ڪرائي وڃي، ميڊيڪل بورڊ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ عمرڪوٽ ون عامر راجپوت جي نگراني ۾ اڄ اڱاري جي ڏينھن صبح 11 وڳي عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ جانهيرو پهچي قبرڪشائي ڪري جزا وٺندو، ٽيم ۾ عمرڪوٽ پوليس جاچ ٽيمن جا ميمبر شامل ھوندا، عمرڪوٽ پوليس کي سيڪورٽي انتظام سخت ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي، ھوڏانھن ڊي ايڇ او ھليٿ عمرڪوٽ ڊاڪٽر نند لعل چيو ته اسان کي به اھڙو ليٽر مليو آهي پر ڊاڪٽر شاهنواز جي قبر ڪشائي حيدرآباد مان ايندڙ ميڊيڪل بورڊ ڪندو.
پوليس گردي تي وڏي وزير جي معافي رد، امير شاهه کي نيڪالي ڏيو: ساڃاهه وند
ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ وومين لائرز ايسوسيئيشن، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان ۽ ويمن ايڪشن فورم جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ شازيه نظاماڻي، دانشور ۽ ليکڪ جامي چانڊيو، قاضي خضر حيات، صحافي سهيل سانگي، مزدور اڳواڻ ناصر منصور، روبينه چانڊيو، عائشه ڌاريجو ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي آچر تي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران سول سوسائٽي ۽ صحافين مٿان پوليس جي تشدد ۽ عورتن جي تذليل ڪرڻ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پ پ جي ڪجهه اڳواڻن جي معافي کي رد ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن پ پ مذهبي رواداري جو احترام ڪري ٿي ته پيپلزپارٽي جي مذهبي انتهاپسند دهشتگرد ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر امير شاھ کي شهيد ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن کي هار پارائيندڙ ۽ انهن جي قتل ۾ سهولتڪاري ڪرڻ تي پنهنجي پارٽي مان فوري طور خارج ڪري سندس قومي اسيمبلي جي سيٽ واپس وٺي.رواداري ۽ امن جي ريلي تي پوليس جي دهشتگردي ڪرڻ واري عمل تي وڏي وزير ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻن جي معافي کي شهيد شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ، ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ريلي ڪڍندڙن اديبن، ليکڪن، شاعرن، راڳين ۽ سول سوسائٽي جي عورتن مردن خلاف داخل ايف آءِ آر ختم ڪرڻ عمر ڪوٽ ۾ ٿيل مذهبي انتهاپسند جي دهشتگردي جي واقعي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جي اڳوڻي ۾ هڪ تحقيقاتي رپورٽ ٺاهڻ، شهيد ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث ڊي آءِ جي، ايس ايس پي، ايس ايڇ او ، قتل تي انعام رکندڙ ۽ چرچ ڏيندڙ مذهبي انتها پسند دهشتگرد مولوي عزيز سرهندي ۽ سندس ساٿين کي فوري طور گرفتار ڪرڻ، مقتول ڊاڪٽر جي خاندان کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ سنڌ پوليس مان مذهبي انتهاپسندن آفيسرن ۽ اهلڪارن کي فوري طور ڀرتي ڪري پوليس تربيتي ڪورس کي نج سائنسي بنيادن تي سيڪيولر نصاب بڻايو وڃڻ سان لاڳو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ويمن لائيرس الائنس جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ شازيه نظاماڻي چيو ته سنڌ حڪومت پاڻ کي چالاڪ ۽ سول سوسائٽي ۽ عوام کي بيوقوف ۽ غلام سمجهي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جي سربراهي ۾ رواداري ۽ امن ريلي مٿان پوليس جي دهشتگردي ڪرائي عورتن جي مرد پوليس هٿان تذليل ڪرائي پنهنجي مٿان جمهوريت ۽ سيڪيولر پارٽي جو پاتل نقاب لاهي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي شڪست کي يقيني بڻايو آهي.دانشور ۽ اديب جامي چانڊيو چيو ته اسان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پ پ طرفان سول سوسائٽي ۽ صحافين مٿان پوليس حملي ۽ ڇوڪرين کي مرد پوليس هٿان ڪرايل تذليل تي تيستائين معافي کي قبول نه ڪنداسين، جيستائين ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ سول سوسائٽي مٿان پرامن ريلي ڪڍڻ تي سرڪار طور درج ايف آءِ آر واپس نه ٿي وٺي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتل پوليس آفيسرن ۽ ڊاڪٽر خلاف قتل جي فتوا ڏيندڙ ۽ انعام رکندڙ مولوي عزيز سرهندي کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو قتل مذهبي انتهاپسندي واري دهشتگردي آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري اسان جي ان سوال جو جواب ڇو نه ٿو ڏئي ته هن پنهنجي پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر امير شاهه خلاف هن وقت ڪوبه قدم کڻي هن جو نالو به ايف آءِ آر ۾ ڇو نه ٿو ڏنو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي ڪجهه انتها پسند ماڻهن جي هجوم ۽ لڪل قوتن جي انتها پسند دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪرڻ جي حوالي رکيو ويندو ته پوءِ ملڪ جو معاشرو ۽ هي ملڪ تباهه ٿي ويندو ۽ ڪوبه ملڪي يا غير ملڪي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه ڪندو ۽ هڪ ڏينهن سمورو ملڪ عالمي قوتن آڏو وڪرو ٿي چڪو هوندو، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ قاضي خضر حيات چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران مردن، عورتن ۽ صحافين مٿان انتها پسند پوليس طرفان ڪيل حملو ۽ ريلي آڏو رڪاوٽون وجهي ملڪ جي آئين جي بي حرمتي ڪئي وئي آهي، قلم 144 ملڪ جي شهرين جي انساني حقن کي ڇنڻ برابر آهي، ان عمل ڪري پ پ پنهنجون جڙون عوام مان ڪٽي پنهنجو ئي نقصان ڪيو آهي ۽ پريس ڪلب جي دروازي تي صحافين مٿان ٿيل حملو ثابت ٿو ڪري ته پ پ آزاد صحافت جي به دشمن آهي، مزدور اڳواڻ ناصر منصور چيو ته هاڻي عوام طرفان قابض قوتن خلاف مزاحمت ڪرڻ هڪ فرض ٿي پيو آهي، پريس ڪلب ٻاهران مرد پوليس اهلڪارن طرفان سول سوسائٽي جي عورتن جي توهين ۽ تشدد ۽ نوجوانن مٿان پوليس طرفان مذهبي نعرا هڻي حملو ڪري گرفتار ڪرڻ واري عمل جي جاچ لاءِ جج جي سربراهي ۾ هڪ تحقيقاتي ڪميٽي جوڙي ان رپورٽ کي جلد پڌرو ڪيو وڃي ۽ اسان جي امن، رواداري ۽ مذهبي انتهاپسندي خلاف جدوجهد جاري رهندي، جهوني صحافي سهيل سانگي چيو ته سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ صحافين مٿان مذهبي نعرا هڻندي حملو ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سنڌ پوليس مان مذهبي انتهاپسندي وارا جذبا رکندڙن کي برطرف ڪيو وڃي، ان موقعي تي عائشه ڌاريجو ۽ فهميده سهيل ڳالهائيندي چيو ته آچر ڏينهن امن ۽ رواداري ريلي جي ڪاميابي نه فقط سنڌ پر سموري ملڪ کي همٿ ۽ حوصلو پيدا ڪيو آهي.
رواداري مارچ دوران تشدد جو حڪم ڏيندڙ ڊي آءِ جي اسد رضا کي هٽائڻ جو فيصلو
ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) پريس ڪلب ٻاهران سنڌ رواداري احتجاج ڪندڙ عورتن، سول سوسائٽي توڻي صحافين مٿان پوليس پاران تشدد واري معاملي کان پوءِ سنڌ سرڪار پاران ڊي آءِ جي ڏکڻ کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا کي هٽائي عرفان بلوچ کي ڊي آئي جي ڏکڻ مقرر ڪيو ويندو. ياد رهي ته ته سنڌ رواداري مارچ ۾ پوليس پريس ڪلب ٻاهران صحافين اديبن توڙي سول سوسائٽي مٿان بدترين تشدد ڪيو ويو هو. جنهن کانپوءِ صحافين اديبن هيومن رائٽس جي اڳواڻن سنڌ سرڪار کان ڊي آءِ جي ڏکڻ کي فوري طور هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو. ذريعن موجب ڊي آءِ جي سائوٿ سيد اسد رضا پاڻ صحافين تي تشدد جو حڪم جاري ڪيو. ان کان پوءِ پاڻ کي بچائڻ لاءِ ننڍن ملازمن پوليس وارن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو پيو وڃي.
بختاور پاران ڪراچي ۾ پرامن مظاهرين تي پوليس تشدد جي مذمت
ڪراچي (رپورٽر ) صدر آصف علي زرداري ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن تي پوليس تشدد جي مذمت ڪئي آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ بختاور چيو ته پرامن مظاهرين کي پرتشدد طريقي سان منهن ڏيڻ تي اسان سڀ شرمساري محسوس پيا ڪيون. هن چيوته صوبائي گهرو وزير معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ اهڙي جواز پيش نه ڪرڻ جوڳي بربريت ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.