اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس ۾ اقتصادي معاملن، واپار ۽ رابطن تي غور ويچار ڪيو ويندو.ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڪانفرنس ۾ ايس سي او جي ڍانچي ۽ بجيٽ تي به بحث ڪيو ويندو، پر وڌيڪ ڌيان اقتصادي معاملن، واپار ۽ رابطن تي هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هي تقريب پاڪستان جي سفارتڪاري جي حوالي سان انتهائي اهم آهي، ميمبر ملڪن جي سربراهن جي آمد پاڪستان جي عملن تي اعتماد جو ثبوت آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪو به گڏيل ملاقات جو پلان ناهي. واضح رهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو، ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ چين جي وزيراعظم سميت ٻين ملڪن جا حڪومتي اڳواڻ ۽ وفد پاڪستان پهچي ويا آهن.