پنج آءِ پي پيز، حبڪو پاور، روش پاور، اي اي ايس لعل پير پاور، صبا پاور ۽ ائٽلس پاور کان بجلي جي خريداري جا معاهدا ختم ڪيا ويا آهن ۽ مستقبل ۾ انهن پلانٽس کي گنجائش سميت ڪا به ادائيگي نه ڪئي ويندي. انهن پنجن پلانٽن جي منظوري ڪڏھن ڏني وئي ، ان جا مالڪ ڪير آھن، گذريل ھڪ سال ۾ مجموعي طور تي ڪيتري رقم ادا ڪئي وئي آهي ۽ گذريل ڏهن سالن ۾ انهن پنجن پلانٽس کي ڪيپسٽي پئمينٽ ڪيتري ڪئي وئي آهي، ان کان علاوه معاھدي جي خاتمي کان پوءِ بچت ڪيتري ٿيندي. منهنجي خيال ۾ اھي پنج ئي ريٽيل پاور پلانٽس آھن. وڏين وارداتن ڪندڙن ۾ بھ فوري ھٿ وجھڻ جي ضرورت آهي. انهن مان چار پاور پلانٽ 1994ع ۽ هڪ پاور پلانٽ 2002ع جي پاور پاليسي تحت لڳايا ويا ھئا.
حبڪو پاور پلانٽ حبڪو ڪمپني لڳايو آهي جنھن جو مالڪ حبيب الله آھي. گذريل هڪ سال ۾ هن پلانٽ مان ڪا به پيداوار نه ڪئي يعني ھڪ يونٽ بھ بجلي پيدا نه ڪئي ، ان باوجود هن پلانٽ کي صرف هڪ سال ۾ ڪيپيسٽي جي مد ۾ 24.24 ارب رپيا ادا ڪيا ويا آهن. گذريل ڏھن سالن ۾ ان پلانٽ کي رڳو 205.034 ارب رپين جي ادائيگي ڪئي وئي. صرف هڪ سال ۾ مجموعي ادائيگي 355.993 ارب رپيا ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ صرف 267.90 ارب رپيا ڪيپيسٽي پئمينٽ جي مد ۾ ادا ڪيا ويا.روش پاور، دائود گروپ جي ملڪيت آهي جيڪا گذريل هڪ سال ۾ 4 سيڪڙو ھليو يعني سال ۾ 14 ڏينهن .
انهيءَ پيداوار تي خرچ 37.19 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا.ڪيپيسٽي جي ادائيگي 6.884 ارب رپيا يعني 706.86 رپيا في يونٽ ، جڏهن ته ڪل ادائيگي 7.256 ارب رپيا يعني 745.05 رپيا في يونٽ. گذريل ڏهن سالن ۾ صرف ڪيپيسٽي جي مد ۾ 60 ارب رپين جي وصولي ڪئي وئي.
اي اِي ايس لال پير، ميان منشاءَ گروپ جي ملڪيت آهي. گذريل هڪ سال ۾ هن پلانٽ صرف 11 سيڪڙو پيداوار ڏني آهي يعني سال ۾ صرف 41 ڏينهن هليو آهي، ان پيداوار تي خرچ وصولي 14.96 ارب رپيا يعني 41.73 رپيا في يونٽ آهي.ڪيپيسٽي جي ادائيگي 8.49 ارب رپيا يعني 23.69 رپيا في يونٽ آهي. جڏهن ته مجموعي ادائيگي 23.45 ارب رپيا في يونٽ.جڏھن تھ مجموعي ادائيگي ڪئي وئي يعني 65.41 رپيا في يونٽ آهي. ان پاور پلانٽس کي گذريل ڏهن سالن ۾ 52.081 ارب رپيا ڪيپيسٽي جي مد ۾ ادائيگي ڪئي وئي. منشاءَ گروپ جي چئني پلانٽنس کي ڪيپيسٽي جي مد ۾ هڪ سال ۾ 25.77 ارب رپيا ادا ڪيا ويا، جڏهن ته گذريل ڏهن سالن ۾ 184.126 ارب رپيا ڪيپيسٽي جي مد ۾ ادائگي ڪئي وئي.صبا پاور پلانٽ ،ڪوسٽل صبا پاور ڪمپني لميٽيڊ طرفان لڳايو ويو ھو.جنھن کي بعد ۾ اورينٽ ڪمپني جو نالو ڏنو ويو ھو. هن پاور پلانٽ گذريل هڪ سال ۾ صرف 17 ڏينهن ۾ بجلي پيدا وار ڪئي، ان پيداوار تي خرچ جي وصولي 3.36 ارب رپيا يعني 60.70 رپيا في يونٽ آهي.ڪيپيسٽي پئمينٽ 3.132 ارب رپيا يعني 56.58 رپيا في يونٽ آهي. جڏهن ته مجموعي وصولي 6.50 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. هن پاور پلانٽ کي گذريل ڏهن سالن ۾ ڪيپيسٽي جي مد ۾ 17.833 ارب رپين جي ادائيگي ڪئي وئي آھي.
ائٽلس پاور پلانٽ، شيرازي خاندان جي ملڪيت آهي، هن پلانٽ به گذريل هڪ سال ۾ 47 ڏينهن بجلي پيدا ڪئي آهي ۽ ان پيداوار تي آيل خرچ جي وصولي 10.103 ارب رپيا يعني 39.94 رپيا في يونٽ آهي. ڪيپيسٽي جي ادائيگي 4.47 ارب رپيا يعني 17.65 رپيا في يونٽ آھي. جڏهن ته مجموعي وصولي 14.57 ارب رپيا يعني 57.59 رپيا في يونٽ ھئي. گذريل ڏهن سالن ۾ هن پاور پلانٽ کي صرف ڪيپيسٽي جي مد ۾ 43.173 ارب رپيا ڏنا ويا…