پاڪستان هڪ قبرستان نما ملڪ آهي ان قبرستان ۾ پاڪستاني قوم آرامي آهي. پنهنجي حقن کان لاتعلق بڻيل قوم. اسان بي فڪر ٿي زنده هوندي قبرستان ۾ آرامي آهيون. اسان کي پنهنجي حقن جي حاصلات ۽ حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ کان لاچار ۽ بي خبر آهيون. پاڪستان کي هلائيندڙن کي ته ملڪ جي ٿوري گهڻي پريشاني يا ڳڻتي آهي پر عوام کي ڪابه ڳڻتي ناهي. قبرستان ۾ آرامي هوندي اسين سڪون ۽ فرحت محسوس ڪري رهيا آهيون. پر پريشان ۽ اداس اهي به ناهن جيڪي کڏن کوٻن ۽ ڪکاون جهوپڙين ۾ زندگي جا ڏينهن تڪليفن وارا گذاري رهيا آهن. وري ڪٿي ڏسجي ٿو ته زندگيءَ مان تنگ ۽ بيزار پيار وچان شاديون رچائيندڙ ڳاڙهن ڪپڙن ۾ ملبوس گهوٽ ۽ ڪنوار جنهن جي هٿن ۾ ميندي جا چٽا ۽ انمول نشان تازا توانا آهن هڪ ٻئي سان وچن ڪندي گڏجي هڪ ئي وڻ ۾ ڦاهو کائي هن ظالم سماج کي هميشه لاءِ الوداع چئي هميشه لاءِ ابدي ننڊ آرامي ٿين ٿا. پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائڻ يقينن هڪ ڏاڍو اڙانگو فهم آهي پر اهي انتهائي مجبوري سبب اهڙو قدم کڻن ٿا. سو ماڻهو زندهه هوندي قبرستان ۾ سمهندي اکيون ٽمڪائين ٿا ته وري ٻئي پاسي سماج مان بيزار ٿيندي جوڙا خودڪشيون ڪن ٿا. اهي ظلم ۽ بربريت وارا نظارا پاڪستان سميت سنڌ اندر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. يعني ماڻهو طرز حڪمراني مان تنگ ۽ بيزار آهن. سوال اهو به آهي ته جيڪي 10-10 سال اقتدار جا مزا ماڻين ٿا. ٻيهر اهي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ آتا ڇو هوندا آهن؟ ڇاڪاڻ ته اقتدار جو ڀوت سندن مٿان مضبوطيءَ سان سوار ٿيل هوندو آهي.
بحرالحال غريب ۽ لاچار مٿان زندگي ٺٺوليون ته ڪندي آهي پر ماڻهو به حالتن جي غلا ۽ غيبت جيڪڏهن ڪري ته ڪنهن سان ڪري؟ ڇاڪاڻ ته ان جو آئوٽ پٽ نڪرڻو ڪونهي. ماڻهوءَ کي سڪون ۽ فرحت اطمينان ان وقت ملندو آهي جڏهن ماڻهو مطمئن هجي. يعني جڏهن اسين ڪنهن شيءِ مان مطمئن نه هونداسين ته پوءِ اطمينان ڪيئن ايندو؟ جيڪڏهن ملڪ ۾ سياسي بيچيني کي ڏسون ٿا ته ماڻهو ويتر به پريشانين ۾ ٻڏي وڃي ٿو. اسرائيل، ايران، فلسطين ۽ لبنان جي جنگ کان پوءِ پاڪستان تي اڃان به خراب معاشي اثر پوندا. آئي ايم ايف پاران پاڪستان لاءِ منظور ڪيل 7 ارب ڊالرن مان هڪ ارب ڊالر جاري ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت پاڪستان وڏي مشڪلات ۾ ڦاٿل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن پاڪستان کلم کلا اسرائيل جي مخالفت ۾ نروار ٿئي ٿو ته پوءِ آءِ ايم ايف باقي 6 ارب ڊالر پاڪستان جا روڪي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف آمريڪا جي اثر هيٺ آهن. تازو آمريڪا ايران پاران اسرائيل مٿان ڪيل حملي جي جواب ۾ ايران کان بدلي وٺڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. جيڪڏهن پاڪستان مسلمان ملڪن جو ساٿ ڏيندو ته پوءِ معاشي طور ٻه ٽنگو ڦاسي پوندو. ملڪ جي بگڙيل معاشي ۽ سياسي صورتحال سبب اڃان به عوام بي فڪري جي اڇي چادر ويڙهيون ستل آهي. جڏهن ماڻهن جي واتان ٻڌڻ ۾ اچي ته جيڪو ٿيڻو آهي اهو ٿيندو رهندو ان جو مطلب ته اسان کي ڪک ڀڃي به ٻيڻو ناهي ڪرڻو. پر اسان کي اها خبر ناهي ته آخرڪار ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو يا ڇا ٿيڻو آهي. مستقبل جو ڪنهن کي به فڪر ناهي. اڄ جيڪو کاڌوسين پيتوسين. سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان. آخرڪار اهڙي ناڪام زندگي آخرڪار ڪيترو وقت هلندي رهندي. اڄ جي هن دور ۾ جيڪڏهن سڀ گهر جا مرد نه ڪمائيندا ته وقت تنگي وارو گذرندو. اسين ڳالهيون ته واعدي جون ڪندا آهيون پر خبر نه هوندي آهي ته اڳتي ڇا ٿيڻو آهي؟ ماڻهن کي خوش ڏسي اسين پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ ڪيڏانهن وڃڻ جي ڪابه ضرورت نه هوندي آهي. ماڻهن جي اجايو خوشيءَ سان ان مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ماڻهن کي کليل گٽرن جي پاڻي مان بدبوءِ به ڪونه ٿي اچي. جڏهن ڪنهن مزار تان ماڻهن جون مرادون پوريون ٿينديون آهن ته اهي خوشي وچان واپس موٽندا آهن انهن کي ڏسي دل چوندي آهي ته جيڪر آءٌ به مزارن تي ويهي سڪون وٽان. هيروئين کان پڇو ته کاڌو ڪٿان کائيندا آهيو ته جواب ڏيندا آهن ته ڦلاڻي مزار تان ۽ سمهندا ڪٿي آهيو چوندا آهن پاڻ کي خبر ئي ناهي هوندي ته ننڊ ڪنهن وقت اچي ٿي؟ ۽ ڪٿي ستل آهيون؟ يعني بي خبري واري جهان ۾ سو خوش رهڻ جو هڪ ئي نسخو آهي ته خوش رهڻ وارن سان جيڪڏهن گڏ رهي نٿا سگهو ته پوءِ انهن کي ڏسندا ئي رهو پوءِ به توهان خوش رهندا. پر رياست ماڻهن کي نه خوشي ڏيئي ٿي نه وري شيون سستيون ڪيون وڃن ٿيون. آخرڪار ماڻهو وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟ اسين هر فڪر کان آزاد قوم آهيون. اسان کي پنهنجي زندگيءَ جي ڪا ڳڻتي ڪونهي. جيڪو احمق جو ڪم آهي. جڏهن ته پنهنجي مستقبل جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي.