تيل جي اگهن جي لاٿ جو عوام کي به تڪڙو رليف ملڻ گهرجي

عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته پيٽروليم جي اگهن وڌڻ سان مهانگائي جو طوفان برپا ٿي ويندو آهي جيڪا حقيقت به آهي پر هتي سوال اهو ٿو رکجي ته جڏهن پيٽروليم جا اگهه گهٽبا آهن ته سستائپ جو واءُ  پوءِ  ڇو نه گُهلندو آهي. مثال ڪجهه مهينن کان ڏسجي ته پاڪستان اندر پيٽروليم جا اگهه گهٽيا آهن پر ان سان سستائپ جا ڪي آثار نظر ناهن آيا ۽ نه ئي پبلڪ ٽرانسپورٽ جهڙوڪ وڏين بسن، مزدائن، ڪوچن، رڪشائن، چنگچين، ٽيڪسن، پنهنجا ڀاڙا ڪي گهٽايا آهن. جڏهن ته پيٽروليم جا اگهه وڌندا آهن ته هڪ دم هر شئي جي اگهه ۾ واڌارو اچي ويندو آهي، نه هڪ نه ٻه رپيا سڌو سنئون ڏهن ۽ ويهن رپين جو اضافو ڪري ڇڏيندا آهن پر جڏهن تيل جا اگهه گهٽ ٿيندا آهن ته ڪنهن به قسم جي شئي تي ان جو اثر نه ٿيندو آهي. پر جيڪڏهن هاڻي پيٽروليم جا اگهه 8 يا 10 رپيا وڌايا ويندا ته ٽرانسپورٽ وارا به هڪ دم ڀاڙا وڌائي ڇڏيندا ۽ ماڻهن تي اهو تاثر  ڏيندا ته اوهان پاڻ ڏسو ٿا ته تيل جا ڪيترا اگهه وڌي ويا آهن پر اهو نه ڏٺو ويندو ته گذريل ڪجهه مهينن کان اگهه ڪريا به آهن.

حقيقت ۾ ڏسجي ته اهو ڪم حڪومت خاص ڪري هر ضلعي جي انتظاميا جو هوندو آهي ته اها جيسيتائين پاڻ شيئن جا اگهه نه ٿي وڌائي تيسيتائين پبلڪ ٽرانسپورٽر، دڪاندار يا واپاري پاڻمرادو اگهه وڌائي نه ٿا سگهن. جڏهن ته ماضيءَ ۾ مقرر اگهن جون  لسٽون سرعام دڪانن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ لڳل هونديون هيون جيئن واهپيدارن ۽ مسافرن کي پاڻ به خبر پئي ته ڪهڙين شيئن جا ڪهڙا اگهه آهن. ماضيءَ ۾ ته رڪشائن ۽ ٽيڪسين ۾ اگهن جا ميٽر به لڳل هوندا هيا جنهن ذريعي هر هڪ ڪلوميٽر کان پوءِ ميٽر تي هڪ اگهه لکجي ايندو هو پر رڪشائن ۽ ٽيڪسن اهي ميٽر ئي وڏي عرصي کان لاهي ڇڏيا آهن  ٽريفڪ پوليس ان جو ڪو نوٽيس ناهي ورتو نه ئي مسافرن ڪڏهن اهڙو مطالبو ڪيو آهي ته رڪشائن ۽ ٽيڪسين تي لڳل ميٽر  بحال ڪيا وڃن ۽ نه ئي حڪومت ماضيءَ جي ان سٺي انتظام جي  بحالي جو ڪو خيال ڏيکاري رهي ٽيڪسين ۽ رڪشائن جي مالڪن ته پنهنجي مفاد ۾ گاڏين مان ميٽر ڪڍي ڇڏيا آهن پر حيرت آهي ته عام مسافرن کي به انهن ميٽرن جي نه هئڻ جو ڪو اونو ناهي. جنهن نتيجي ۾ چرٻٽ راجا جو دستور هلي رهيو آهي جنهن کي ڪو ٽوڪڻ وارو آهي نه ئي ڪو چئلينج  ڪرڻ وارو آهي.

ائين مجموعي طور تي مهانگائي کي ڏسجي ته عوام پنهنجي طور تي ته مٿو ڪٽيندو رهيو آهي، ڪچهرين ۾ دانهون ڪندو آهي پر ڪو سخت ۽ متاثر ڪندڙ  احتجاج نه ڪري سگهيو آهي. احتجاج جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ  نمونا ڏيکاريا ويندا آهن پر اهي احتجاج مستقل رٿا بندي سان ناهن ٿيندا جنهن سبب  هتي مهانگائي ڪرڻ ته سولو آهي پر سستائپ آڻڻ نا ممڪن آهي.

ان حوالي ۾ پهريون ته حڪومت کي ذميوار قرار ڏبو ته اها هر شئي جي مقرر اگهه کان وڌيڪ هڪ رپيو به ڦٻائن جي اجازت ڇو ٿي ڏئي اها اصل ۾ بيڊ گورننس ئي آهي  جنهن ۾ جيڪو ڏاڍو سو گابو  بڻيل آهي. ڏاڍي جي مرضي آهي ته اهو پنهنجي من ماني ڪري اگهه پاڻمرادو وڌائي ڇڏي ۽ تيل جا اگهه گهٽ ٿيڻ جي صورت ۾ به ساڳيا پراڻا اگهه وصول ڪري يعني سستائپ نه ڪري. ٻيو وڏو سبب عوام پاڻ آهي جيڪو مهانگائي جي ذيادتي  خلاف احتجاج نه ٿو ڪري. ٽين ذميوار پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا آهي جنهن مهانگائي خلاف  متاثر ڪندڙ ڪوريج ناهي ڪئي جو ان جو اثر حڪومت ۽ حڪمرانن تي پوندو هجي. اسان جي اليڪٽرانڪ ٽي وي چينلن کي ڏسجي ته اتي به ڪڏهن ڪڏهن ڪو  مهانگائي تي ٽاڪ شو  ٿيندو هوندو نه ته عام طور تي عوام جي مسئلن بدران حڪومت ۽ حڪمرانن جي مسئلن تي وڌيڪ پروگرام ڪيا ويندا آهن جڏهن ته ٿيڻ ايئن گهرجي ته عوام کي حڪومتن ۽ حڪمرانن جا مسئلا ٻڌائڻ بدران عوام جا مسئلا  حڪمرانن ۽ حڪومتن کي ٻڌائجن. مثال طور مهانگائي ته ڇا روز ٽاڪ شوز  ڇو نٿا ڪري سگهجن، حڪمرانن ۽ انهن جي ترجمانن کي ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ گهرائي انهن کان مهانگائي بابت ڇو نه ٿا سوال پڇيا وڃن ۽ ايئن انهن مٿان مهانگائي گهٽائڻ جو دٻاءُ  ڇو نه وڌو وڃي. يا عوام ان جو مطالبو  ڇو نه ٿو ڪري ته اسان اوهان جا ٽاڪ شوز تڏهن  ٻڌنداسين جڏهن اوهان  اسان جي مسئلن تي پروگرام ڪندئو. سو اهو ته طئي آهي ته جيستائين ميڊيا عوام جا مسئلا  نه کڻندي تيستائين اهي مسئلا  حل نه ٿيندا. ڇا ميڊيا جا چينل پبلڪ ٽرانسپورٽ جي وڌيل  ڀاڙن تي ٽاڪ شوز نه ٿا ڪري سگهن ڇا ان جي زميوارن کي گهرائي انهن کان حساب ڪتاب نه ٿو ڪري سگهجي. پر افسوس ته اهڙي روايت گهٽ رهي آهي ۽ عوام به پريس ڪلبن جي آڏو احتجاج ڪندي اها تقاضا ناهي ڪئي ته ٽي وي ٽاڪ شوز وارا حڪومتن ۽ حڪمرانن جا مسئلا اسان کي نه ٻڌائن پر اسان جا مسئلا حڪومتن ۽ حڪمرانن کي ٻڌائن ۽ روز انهن مسئلن تي ٽاڪ شوز ڪن. ايئن ڪرڻ سان حڪومتن ۽ حڪمرانن تي سخت دٻاءُ پوندو ۽ پوءِ  اهي يقيني طور  تي ان پاسي ڌيان ڏيندا پر مسئلو اهو آهي ته عوام به ان معاملي ۾ اها سنجيدگي نه ٿو  ڏيکاري جيڪا ان کي ڏيکارڻ گهرجي جنهن نتيجي ۾ عوام جا مسئلا  ڏينهون ڏينهن وڌاندا ئي رهن ٿا ۽ هن جديد ميڊيائي دور ۾ به عوام جا نج مسئلا ان شدت سان حڪومتن جي آڏو نٿا رکيا وڃن جيڪي رکڻ گهربا آهن.

اسان پنهنجي ايڊيٽوريلن ۾ پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ ۽ لاٿ جي معاملي تي ايترو گهڻو  لکيو آهي جو جيڪڏهن انهن ايڊيٽوريلن کي سهيڙجي ته جيڪر  ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي وڃن. انهن ايڊيٽوريل ۾  اسان پندرنهن وارا پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ ۽ لاٿ کي به رد ڪري چُڪا آهيون  ۽ ماهوار پيٽروليم جي اگهن کي مقرر ڪرڻ وارا پراڻي پاليسي جي حمايت ڪندا رهيا آهيون. ان سان ائين ٿيندو ته مهيني ۾ پيٽروليم جي اگهن جي لاٿ جي صورت ۾ وقت هوندو ته اهي اگهه گهٽائي سگهجن پر پندرهن وارو موجوده پاليسي سان رڳو مهانگ ۾ واڌ ايندي رهندي باقي اگهه گهٽائڻ لاءِ اها برق رفتاري نه ڏيکاري ويندي ۽ انتطار ڪيو ويندو ته متان ايندڙ پندرهن ڏينهن ۾ وري پيٽروليم جا اگهه وڌي وڃن تنهن ڪري فوري طور اگهه سستا نه ڪجن ته بهتر آهي.

بهر حال اسان جو چوڻ  اهو آهي ته پيٽروليم جي اگهن جي لاٿ سان عام ماڻهن کي ڪو فائدو نه ٿو رسي جيڪو کين ملڻ گهرجي. اچو ته ان لاءِ سڀ گڏجي آواز اٿاريون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.