جهڏو(رپورٽ: اسحاق ساگر ڀٽي) اسڪول ۾ ڪتابن جي کوٽ بابت عوامي آواز جي خبر تي تعليم کاتو سجاڳ ٿي پيو، تعليم جي واڌاري لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪندڙ آسو ٻائي ڪولهڻ جي اسڪول ۾ تعليم کاتي شاگردن لاءِ درسي ڪتاب پهچائي ڇڏيا، ڪتاب ملڻ تي اسڪول جي شاگردن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي. ان سلسلي ۾ تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪندڙ ڪنري لڳ ڳوٺ ميڻا جي ڍاڻي سان تعلق رکندڙ آسوٻائي ڪولهڻ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته 2 سيپٽمبر 2024 تي عوامي آواز ۾ منهنجي اسڪول ۾ شاگردن وٽ درسي ڪتاب نه هجڻ جي خبر شايع ٿيڻ بعد تعليم کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه نوٽيس وٺي سيڪريٽري تعليم کي منهنجي اسڪول ۾ درسي ڪتاب مهيا ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون جنهن بعد لاڳاپيل تعلقه ايجوڪيشن آفيسر رام چند اوڏ منهنجي اسڪول ۾ پنج سئو ٻارڙن لاءِ درسي ڪتاب اماڻي ڇڏيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته روزاني عوامي آواز سنڌ ۾ تعليم، صحت، اقليتن ۽ پيڙهيل طبقي جي حقن لاءِ هميشه اڳڀرو رهي آهي،