9 مئي کانپوءِ مليل سهولتون به واپس وٺڻ جو اشارو، پي ٽي آءِ لاءِ راڻا ثناءُالله جو سخت پيغام

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته اسلام آباد ۾ احتجاج جي تماشي واري سلسلي کي هميشه لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُالله چيو ته پاليسي فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪنهن کي به احتجاج لاءِ اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ کي پيغام ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن طاقت جو استعمال ڪيو ويو ته 9 مئي کانپوءِ جيڪا به سهولت ڏني وئي آهي، اها سموري ختم ڪئي ويندي.

You might also like