اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته افغانستان مان دهشتگردي جو خطرو ختم ٿيڻ کانسواءِ علائقي ۾ امن ۽ ترقي ممڪن ناهي.
اقتصادي سهڪار تنظيم (اي سي او) جي وزيرن واري ڪائونسل جي 27هين اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته علائقائي سهڪار کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ ڳالهين کان عملي قدمن ڏانهن وڌڻو پوندو.
هن چيو ته علائقي کي وڌيڪ مضبوط، متحرڪ ۽ مقابلي جوڳو بڻائڻ اي سي او جو گڏيل هدف آهي، اقتصادي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار مجموعي علائقائي واپار جو لڳ ڀڳ 8 سيڪڙو آهي.
اسحاق ڊار چيو ته علائقي ۽ وچ اوڀر جي موجودا سيڪيورٽي صورتحال تي گهري ڳڻتي آهي.
نائب وزيراعظم موجب، پاڪستان علائقائي اقتصادي انضمام ۽ گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ کي ترجيح ڏيندو، وچ ايشيا کي عربي سمنڊ جي بندرگاهن سان ملائيندڙ اهم راهداري منصوبن کي تيز ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي خطي جي آبي سلامتي، زراعت ۽ روزگار لاءِ سنگين خطرو آهي، ان ڪري موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيندڙ بنيادي ڍانچي ۽ پائيدار توانائي بابت سهڪار مضبوط ڪرڻو پوندو.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقي جي ڪوششن کي متاثر ڪري رهي آهي، پاڪستان هڪ پرامن، خوشحال ۽ مضبوط افغانستان جو خواهشمند آهي.
هن چيو ته پاڪستان طالبان حڪومت سان تعميري رابطن جون ڪوششون ڪيون آهن ۽ افغانستان لاءِ ٻطرفي ٽرانزٽ واپار ۾ سهولتون فراهم ڪيون آهن.
You might also like