نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تي جنگ مڙهي وئي ته گذريل سال وانگر حشر ڪنداسين.
خواجا آصف نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻي حڪومت پنهنجي اقتدار کي برقرار رکڻ لاءِ افغان پاليسي اختيار ڪئي هئي، موجودا حڪومت جو ان پاليسي سان ڪو تعلق ناهي.
هن جو چوڻ هو ته ان افغان پاليسي پاڪستان جي رستي ۾ ڪيترائي ڪنڊا وڇايا، جيڪي هاڻي پاڪستان پنهنجي اکين سان چونڊي رهيو آهي.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن ۾ پاڪستان کي پيش سمورن مسئلن سان گڏ عالمي سطح تي موجود اهم معاملن کي به اجاگر ڪيو، هن ڀارت کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پاڪستان تي جنگ مڙهي وئي ته گذريل سال وانگر ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
You might also like