سنڌ ۾ ٺٽو ضلعو هڪ اهڙو علائقو آهي ، جنهن ۾ سڀني کان وڌيڪ اُڪر ٿيل يا گهاڙي واريون قبرون موجود آهن . آئون اهڙا سڀئي قبرستان ڪيترائي ڀيرا مشاهدي هيٺ آڻي چڪو آهيان. اڄ پڙهندڙن کي هتي ”پليجن واري گهاڙي قبرستان“ بابت ڄاڻ ڏني ويندي ، جنهن کي ” لاکي پير وارو قبرستان “ پڻ سڏيو ويندو آهي.
هي قديم ۽ تاريخي گهاڙي قبرستان مک قومي شاهراهه تي ڪراچي کان اتر اوڀر طرف 119 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ۽ ٺٽي شهر کان 18 ڪلوميٽر اڀرندي پاسي موجود آهي. هن قبرستان جا ٻه حصا آهن ، هڪڙو حصو ڪجهه مٿاهين پوٺي تي آهي ، جنهن تي هڪ مقبرو ۽ ڪجهه شاندار گهاڙيون قبرون موجود آهن . جڏهن ته ٻيو حصو ڪجهه هيٺاهين پاسي آهي ، جيڪو لڳ ڀڳ ڏهن ايڪڙن تي مشتمل آهي ، جنهن ۾ سوين گهاڙي قبرون موجود آهن.هتي موجود ڪجهه قبرون سونڊا واري قبرستان ۽ مڪلي واري قبرستان جي طرز و تعمير تي ٺهيل آهن ، ته ڪجهه وري بلڪل منفرد قسم جون آهن. قبرن تي تير ، تلوارون ، ڍالون ، زيور ، ٽُڪَ ۽ ڪجهه جانورن جا نقش اُڪريل آهن .
هن گهاڙي قبرستان جي اتر ۾ قومي شاهراهه اُڪرڻ کان پوءِ لڳ ڀڳ اڍائي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪينجهر ڍنڍ جو دلڪش نظارو ڪري سگهجي ٿو.
پليجن جو گهاڙي قبرستان ڏسڻ جو شوق رکندڙن لاءِ صلاحون
ڪراچيءَ منجهان گهمڻ لاءِ ويندڙ ته هڪڙي ئي ڏينهن ۾ وڃي ۽ موٽي اچي سگهن ٿا.
پليجن وارو هي قبرستان مُک قومي شاهراهه تي موجود آهي ، تنهن ڪري سياحن کي پنڌ ڪرڻ يا هن کي ڳولڻ جي جستجو نه ڪرڻي پوندي.
جيڪڏهن سياح وقت جي ورهاست چڱي نموني ڪن ته هي گهاڙي قبرستان گهمڻ سان گڏو گڏ هو سونڊا ، ڪينجهر ۽ مڪلي يا ٺٽو به آرام سان گهمي سگهن ٿا.
سنڌ حڪومت جي قديم آثارن واري کاتي لاءِ چند اهم صلاحون
پليجن واري هن قديم قبرستان ۾ موجود اُڪَرَ واريون قبرون سِمَ ، سيڪَ ۽ برساتن جي ڪري ڳَري ختم ٿي رهيون آهن . تنهن ڪري سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي کي گهرجي ته ، انهن جي بچاءَ لاءِ ترت اپاءَ وٺي.
هن قبرستان کي چئوديواري جي ضرورت آهي ، تنهن ڪري لاڳاپيل کاتي وارن کي گهرجي ته هتي هڪ بائونڊري وال ڏيارين ۽ هتي ڪجهه معلوماتي بورڊ به لڳرائين ، جن ذريعي سياحن کي هن بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.
جيئن ته هي قبرستان مُک قومي رستي جي ڀرسان موجود آهي ، تنهن ڪري هتي سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي پاران ڪو رهائش جو بندوبست هئڻ گهرجي. ان سان گڏ سياحن جي ويهڻ لاءِ بينچون ۽ اُس کان بچڻ جو به انتظام پڻ هئڻ گهرجي.
سنڌ حڪومت جي قديم آثارن واري کاتي کي گهرجي ته پليجن واري گهاڙي قبرستان ۽ سنڌ ۾ موجود ٻين قديم تاريخي ماڳن مڪانن ۽ سياحت لاءِ موزون جاين جا بروشر ٺهرائين ۽ اهي بروشر ملڪ جي مختلف ايئرپورٽن ۽ عوامي جاين تي رکرائين ته جيئن وڌ کان وڌ ڏيهي توڙي پرڏيهي ماڻهن کي سنڌ جي آرٽ ، آرڪيٽيڪچر ۽ سنڌ جي ثقافت بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.