عذاب گھر بڻيل فريدآباد ڪاڇو

تحرير: صنوبر خاصخيلي

مان پنھنجي مُختلف مضمونن ۾ ڪاڇي جي ڳچ علائقن ۽ تعلقي ميھڙ جي وسيع يوسي فريدآباد جو ذڪر جنھن ۾ گُذريل مھا ٻوڏ جا اکين ڏٺا ھيانُ ڏاريندڙ ۽ لِڱ ڪانڊاريندڙ احوال به لِکيا آھن ته صحتمند ڏيهھ ڪاڇي واسين جا ڏُٻرا حال به ٻڌايا آھن، سال ٻئي سال ڪا نه ڪا آفت ڪاڇي تي وسندي ۽ برسندي رھي ٿي ڪڏھن ٻوڏ جي صورت ۾ ته ڪڏھن ڏُڪار جي صُورت ۾ يا وري مُعاشي ڪنگالي ۽ جسماني بيمارين جي رُوپ ۾ انتظاميا ۽ اختيارين جي نااھلي ڪري ڪاڇي مٿان ڏمر جا ڪَڪر ٽرڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.

ڪاڇو جتي صُوبي جي وڏي آئل ۽ گيس ڪمپنيون آھن، جتي صُوبي جي وڏين برادرين جا لَٺ سردار ۽ طاقتور چُونڊيل نمائندہ رھن ٿا جتان جي فصلن پٿرن، ريتي بجري سميت ٻي ھيڪاندي آمدني ٺھي ٿي پر افسوس آرٽيفيشل انٽيلجنس ۽ ايڊوانس ترين دور ۾ مالامال حسين و جميل ڪاڇي جو چھرو ڪنھن سئو سالن جي جُھور پوڙھي جي چھري تي آيل جھرين جيان اوٻاڻڪو بيمار ۽ آخري پساھن ۾ مايوس پيل آھي،

لاقانونيت جي راڄ ۽ قانون جي پَڪڙ کان ڏُور ڏوھاري ۽ قِبائلي ڪلچر سڄي سنڌ جيان رڳو ڪاڇي جي پکين جي فِطرتي حُسناڪي ٻولي کي ئي ختم نه ڪري ڇڏيو پر پر ھر ان امن جي مقام کي ڊاھي پَٽ ڪري ڇڏيو جتان انسانيت جي پرچار ٿيندي ھُئي، ڪاڇي ۾ قبائلي تڪرار عروج پزير آھن تعليم جي اڻھوند ۽ لاقانونيصصنوبر ڪري ڏوھاري سرعام ۽ خطرناڪ ڏوھ ڪيون وڃي پنھنجي محفوظ پناھ گاھ جابلو علائقن جو پاسو وٺيون بي سڪون ٿي ويھي رھندا آھن ۽ قانون جي مجال ناھي ھوندي جو انھن تائين پھچي سگھن ۽ اھي ساڳيا ڏوھاري وري پاڻ ئي ڪنھن نه ڪنھن قبائلي تڪرار جي ور چڙھندي اجل جو شڪار ٿي ويندا آھن پوليس جو رڪارڊ پاڻ ۽ ٺھندو ۽ ٿڌي ليکي ڊھي به ويندو آھي، ايڏي انڌير نگري جو ھاڻ فريدآباد جا پڙھيا لکيا واسي پاڻ کي فريدآباد ۾ رھڻ لائق نٿا سمجھن ساڳي ئي اختيارين جي نااھلي ۽ انتظاميا جي ڪوتاھين ڪري ڪاڇي جي بارڊر سان لڳندڙ  وارھ تعلقي جو حشر به آھي جتي جو رھندڙ پاڻکي ھردم غيرمحفوظ سمجھي ٿو.رڳو اھو ئي نه پر ھر رخ کان ڪاڇي ۾ موت جي شرح ڏينھن به ڏينھن وڌندي وڃي ٿي پوء اھي لاقانونيت جا مسئلا ھجن،  صحت، تعليم ۽ روزگار جا مسئلا ھجن يا وري روڊن رستن ۽ انفراسٽرڪچر جا مسئلا ھجن ھر رُخ کان ڪاڇو موت جي منھن ۾ آھي.

سنڌ جي اُترئين حِصي جي مشھور ڍنڍ حمل جيڪا ڪاڇي جي بارڊر سان وھندي آھي جنھن ۾ سال ڇھين مھيني بلوچستان جو جابلو ڪارو پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو آھي، ڍنڍ ۽ بلوچستان جو پاڻي گڏجي ڪاڇي جي ميھڙ ۽ وارھ تعلقي جي وڏين وسندين جنھن ۾ فريدآباد يوسي جا وڏا ڳوٺ، الھڏنو تيوڻو، ڇٽو ميرواڻي، ڀنڀا ڏيرا، ولي محمد رند، ۽ علي بخش تيوڻو ۽ فريدآباد يوسي جي بارڊر وارا ڳوٺ آلائي ڏيرا ۽ ڳھڻو ڏيرو به اچي وڃن ٿا، انھن کي ٻوڙي انھن ڳوٺن جو ستياناس ڪري ڇڏيندو آهي. وڏي ڳالھه ته انھن ڳوٺن جو اھم شھر فريدآباد آھي جتي پيئڻ جي پاڻي، بجلي ۽ گئس کان ويندي صحت ۽ تعليم جي شديد کوٽ آھي، ء انفراسٽرڪچر مورڳو ئي ڪومھي، ڄڻ ته اھو شھر اڃا سترھين صدي ۾ ڀٽڪندو ھُجي،  يوسي فريدآباد جي  ڪُل ڳوٺن کي ڪوبه نالي ماتر رستو وغيرہ به ڪونھي، جڏھن برساتي نئين جو قدرتي پاڻي وھي ايندو آھي ته انھن ماڻھن جو ھڪٻئي جي ڳوٺن سان زميني رستو ڪٽجي ويندو آھي ظاھري ڳالھه آھي ماڻھو گھر تائين محدود ھجن ته زندگي مفلوج بڻجي ويندي آھي ڪاڇي واسين جي زندگي به مفلوج بڻيل رھي ٿي، جتي برساتي يا ڍنڍ جو زھريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور ھوندا آھن.

 

ٽي ڏينھن اڳ جو ھڪ ڏکائيندڙ واقعو آھي ته فريداباد يوسي جي ڀر واري ڳوٺ ڳھڻو جي ھڪ معصوم ٻار مھتاب ڏيرو پُٽ احمد علي ڏيرو جنھن کي فريداباد کان ڳوٺ ڏانھن رستي ۾ ويندي بلا ڪکي وڌو، جنھن کانپوءِ اھو معصوم ٻار ڪکجڻ کانپوءِکڏن کوٻن واري ڪچي رستي تان ٿيندي پنھنجي ڳوٺ ڀرسان پھتو آھي ته وري ان جي ڳوٺ جي چوڦير پاڻي ھجڻ ڪري وري ان معصوم بلا جي ڪکيل ٻارڙي کي ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻ کانپوءِ وري ٻيڙي تي چڙھي گھر وڃڻو پيو آھي وري سمجھي سگھجي ٿو ته ان جي وارثن ڪيتري ڪٺن تڪليف ڪئي ھوندي ان معصوم جي وارثن ٻارڙي کي کڻندي ساڳي پُل صراط بڻيل رستن ۽ پاڻي مان ٿيندي فريدآباد مان ٽئڪسي ڪري لاڙڪاڻي پھچايو جتي ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو ۽ ھڪ معصوم حياتي اجل جو شڪار ٿي وئي.

اھو ٻار ان سفر ۾ ڪيڏو نه تڙپيو ھوندو ايڏي وڏي وسندين لاءِ جي ڪو مناسب رستو يا فريدآباد اسپتال ۾ ايمرجنسي ۽ فرسٽ ايڊ جون سھولتون ڏنيون وڃن ھا ته ھن نوجوان جي زندگي بچائي پئي سگھجي، رڳو ھي معصوم نوجوان نه پر لاتعداد ماڻھو پاڻي ۾ لُڙھي آيل نانگ بلائن جي مختلف خطرناڪ قسمن کي منھن ڏيندا ۽ انھن کان ڪکجندا ۽ اجل جو شڪار ٿيندا رھن ٿا، حڪومت چونڊيل نمائندن ۽ ٻين اختيارين کي سنجيدگي سان سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ گھرجي ته ڪاڇي ۾ ناقص آبپاشي نظام جي پاڙ پٽي جديد آبپاشي نظام متعارف ڪرائي روڊ رستن، صحت، تعليم ۽ قانون جون بھترين سھولتون مھيا ڪري ڏنيون وڃن جيڪو ڪاڇي واسين جو بنيادي انساني حق آھن ۽ شعوروند ساڃاھ وند سياسي سماجي ماڻھو به   ڪاڇي جو اصل حُسن بحال ڪرائڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ڪاڇي جي بنيادي مسئلن ۽ انساني حقن ڏانھن ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ تحريڪ ھلائڻ گھرجي .

 

ڪاڇي واسين جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪاڇي جي تيل گئس ڪمپني کي به پاڪستان جي قانون تحت ڪمپنيز جي ڀرپاسي وارن علائقن کي ڏنل سھولتون ۽ روزگار مھيا ڪرائڻ لاءِ پنھنجو ڪليدي حصو شامل ڪرڻ گھرجي،تيل گئس ڪمپنيز ۽ حڪومتي اختيارين توڙي ضلعي انتظامي ۽ چونڊيل نمائندن کي سنجيدگي سان سوچڻ گھرجي ته قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪاڇي جا مالڪ سڀ کان پھرين ڪاڇي واسي آھن، انھن کي زندگي جا بنيادي حق ڏيندو ته ڪاڇي جي مالامال ڌرتي سنڌ جي ٻين مالامال علائقن جيان خوب مالامال ڪري ڇڏيندي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.