آئيني سڌارن سبب ملڪي ادارن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ نواز شريف جو وري متحرڪ ٿيڻ

تحرير: غلام حسين لغاري

ن ليگ جو صدر ۽ اڳوڻو وزيراعظم ميان محمد نواز شريف وڏي خاموشي کانپوءِ ۽ پرڏيهه وڃڻ کان اڳ هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي طور سرگرم ٿي چڪو آهي۔هن پنهنجو دورو انهيءَ ڪري ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن ممڪنه آئيني سڌارن وقت پنهنجو ووٽ استعمال ڪيو وڃي جيڪو وڏي اهميت رکي ٿو۔هن انهن پنجن ججن کي اڃا ناهي وساريو جن کيس سزا ڏني نااهل ڪيو ۽ وزارت اعظمي تان هٽايو هو جنهن جي ڪري کيس بيماري بهاني وطن ڇڏڻو ۽ لنڊن وڃڻو پيو هو. ميان محمد نوازشريف کي وزارت اعظمي تان وقت کان اڳ لاهڻ ۽ ملڪ ڇڏڻ جو ڪو اهو پهريون واقعو نه هو وقت جي فوجي سربراهه پرويز مشرف به کيس اقتدار تان هٽايو هو تڏهن به پاڻ خاندان سميت سعودي عرب هليو ويو هو.

ٽيون ڏهاڙو پنجاب ۾ شروع ٿيل ”پنهنجي ڇت پنهنجي زمين“ جي حوالي سان منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ ميان صاحب انهن پنجن ججن جو جذباتي انداز ۾ ذڪر ڪيو جن کيس سزا ڏني هئي نااهل ڪيو هو ۽ اقتدار مان الڳ ڪرايو هو پر انهن قوتن جو ذڪر نه ڪيو نه وري نالو ورتو جيڪي پڻ ان ۾ پس پرده ملوث هيون جنهن لاءِ اهو تاثر آهي ته هو اهڙين قوتن خلاف ڪو به سياسي محاذ کولڻ جو ارادو نٿو رکي نه وري ورجائڻ  چاهي ٿو جنهن سان وري ڪو ممڻ مچي.لاهور ۾ منعقد ٿيل ان تقريب ۾ ميان صاحب ۽ سندس نياڻي پنجاب جي وڏي وزير محترمه مريم نواز ججن ۽ مخالفن تي وڏا ڇوهه ڇنڊيا ۽ ناراضگي جو اظهار ڪيو۔ميان صاحب جو چوڻ هو ته وٽس وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار جون اهي آڊيوز موجود آهن جن ۾ هن چيو هو ته عمران کي بطور وزيراعظم آڻڻو آهي ۽ هو آيو جنهن لاءِ کيس هٽائڻ لاءِ بنياد بڻايو ويو ۽ پنجن ججن کي استعمال ڪيو ويو. هن پي ٽي آءِ باني عمران خان جو نالو وٺڻ بنا چيو ته جيل ۾ ويٺل هڪ شخص پنجاب ۽ ڪي پي ڪي وچ ۾ نفرتون ڦهلائي ماڻهن جو رت وهائڻ چاهي ٿو. حڪومت سياست جي اجازت ڏئي سگهي ٿي پر دهشتگردي جي۔جيل ۾ ويٺل شخص ٻڌائي ته هن پنهنجي دور ۾  ڪي پي ڪي جي ماڻهن کي ڇا ڏنو. هن ڀلي ڀت چيو ته سواءِ ن ليگ جي حڪومتن جي دورن کان سواءِ  ملڪ ۾ ڪڏهن به معاشي ترقي ناهي آئي.

ن ليگ سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف موجوده صورت حال ۾ بظاهر ايترو متحرڪ ناهي ۽ نه وري کيس پوري آزادي سان سامهون آندو وڃي ٿو۔جڏهن به سامهون اچي ٿو ته سندس جا دٻيل انداز ۾ بيان اچن ٿا ۽ اصل حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو لاڳيتو ٽي ڀيرا وزارت اعظمي تان لاٿو ويو آهي جڏهن ٽيون ڀيرو لاٿو ويو تڏهن ثاقب نثار موجود هو۔مڃون به کڻي ته ثاقب نثار ڪا اهڙي بدنيتي يا سازش ڪئي پر پوءِ  به ٻه سال ن ليگ جي حڪومت رهي جنهن ۾ سندس ئي صلاح سان شاهد خاقان عباسي وزيراعظم ٿيو انوقت جسٽس ثاقب نثار خلاف جڊيشل ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڇو نه ٿيو۔هن وقت شاهد خاقان عباسي شريف ڀائرن کان الڳ آهي انجي الڳ پارٽي عوام پاڪستان به شريف ڀائرن جي سياست ۽ غير جمهوري روين جو مخالف آهي ۽ عمران خان خلاف ٿيندڙ ڪارواين ۽ داخل ڪيسن جو مخالف آهي. ميان نواز شريف عدليه تي ڇوهه ڇنڊيا آهن ۽ ججن تي آڱريون کنيون آهن به ڏٺو وڃي ته ججن ئي کيس قانون کان مٿانهون مان ۽ عزت ڏني جڏهن لنڊن کان واپس اسلام آباد پهتو ته سيڪنڊن اندر سندس ضمانتون کنيون مٿس داخل ڪيس ۽ سزائون ختم ڪري  چونڊن وڙهڻ لاءِ اهل بڻايو اها ڳالهه به کيس مڃڻ گهرجي۔هن وقت به عدليه سندن طرفداري ڪري رهي آهي. چوٿون ڀيرو سندس وزيراعظم نه ٿيڻ ۾ عدليه نه پر ڪي ٻيا رنڊڪ بڻيا جن جا نالا کڻڻ پسند نٿو ڪري يا کيس جرئت ناهي رهي ۔جڏهن شهيد ڀٽو جو ڪيس هلي سگهي ٿو ۽ اهو پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ٿو ۽ بيگناهه ثابت ٿئي ٿو تو پوءِ ميان صاحب ساڻس ججن جي ٿيل بي واجبي جو ڪيس عدالت ۾ ڇو نٿو آڻي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ لاڳاپيل ججن کي قانوني ڪٽهڙي ۾ آڻي حقيقتون ظاهر ڪرڻ گهرجن جو وٽس ثبوت طور آڊيوز به موجود آهن باقي زباني بيانن سان قوم کي اعتماد ۾ وٺي نٿو سگهي.

جيڪڏهن نواز شريف جو ڪيس اٿلي ٿو ته پوءِ وقت جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني وارو ڪيس به ٻيهر اٿلڻ گهرجي ۽ حقيقتون ظاهر ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ کيس معمولي ڳالهه تان سزا ٻڌائي وئي هئي.جڏهن يوسف رضا گيلاني خلاف فتوا آئي هئي ته ميان صاحب خود ئي مطالبو ڪيو هو ته وزيراعظم بنا ڪنهن دير جي فوري مستعفي ٿي هليو وڃي ۽ هو هليو ويو.

ملڪ هن وقت ٻه واٽي تي بيٺل آهي ادارا انتشار ۽ سياست جو شڪار آهن هن وقت پراڻا فائيل کوٽڻ ۽ ڪڍڻ جي ڪا به ضرورت ناهي نه وري پراڻين ڳالهين کي ورجائڻ سان وزارت اعظمي ٻيهر واپس ملي نه سگهندي۔هي وقت ملڪ بچائڻو آهي جنهن لاءِ سياسي ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ گهرجي۔ملڪ جا سمورا ادارا پنهنجا آهن جن کي ڪنهن به سياسي هوڏ کان پاسيرو ٿي انهن جي بقا لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي۔مخالفن کان سياسي انتقام وٺڻ بند ڪجن جنهن سان جمهوريت پروان چڙهي نه سگهندي. عدالتون هجن يا انهن جا جج انهن کي سياستدانن ئي هن اسٽيج تي پهچايو آهي جيڪي غلط ۽ آئين و قانون کان مٿانهان فيصلا ڪن ٿا يا نٿا مڃيا وڃن جيڪڏهن عدالتن کي سياسي رستو نه ڏيکارجي ۽ کين پري رکجي ته ڪڏهن به تڪراري آڊيوز منظرعام تي نه اينديون. هاڻ به وقت آهي ته ممڪنه آئيني اصلاحات کان اڳ سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ پراڻا باب قصا بند ٿيڻ گهرجن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.