حڪومت بمقابلا پي ٽي آءِ

تحرير: غلام حسين جوڻو

موجوده حڪومت وجود ۾ اچڻ سان ئي ملڪ جي سياسي پارٽي ”پاڪستان تحريڪ انصاف“ جي قيادت تي ڪيترائي ڪيس مڙهي جيل ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اڃا به انهن تي نوان ڪيس مڙهيا پيا وڃن ۽ انهيءَ سياسي پارٽي جي اڳواڻن تي ايف آءِ آرز داخل ٿي رهيون آهن. حڪومت ان پارٽي کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ وسان ڪونه گھٽايو آهي هر طرح جا حيلا هلايا آهن ۽ اختيار استعمال ڪيا آهن. حڪومت هر طرح جون تڪليفون ڏيئي رهي آهي پارٽي اڳواڻن کي رنجايو ۽ ستايو پيو وڃي. حڪومت ڄاڻايل اڳواڻن تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي رهي آهي. هن پارٽي جي ملڪ ۾ سٺي خاصي اڪثريت ڏسڻ ۾ اچي پئي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اها ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي آهي. واڳ ڌڻي ان کي قابو ڪري ڊگھي عرصي تائين حڪومت ڪرڻ گھرن ٿا. پنهنجي مفادن کي نظر ۾ رکندي آئين ۾ ترميمون ڪري رهيا آهن. جنهن ڪري آئين جي اصل شڪل بگاڙي پئي وڃي. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سڏ تي هزارين ماڻهو نڪريو پون. جلسن ۾ ماڻهن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڏسي، حڪمران منجهي پيا آهن ۽ بوکلاهٽ جو شڪار آهن. جلسن جي اجازت ڏيڻ کان پوءِ عوام جي رستي روڪ به ڪئي پئي وڃي ته جيئن ماڻهو جلسن ۾ شريڪ نه ٿين. روڊ ۽ رستا بند ڪري ڪنٽينر بيهاريا وڃن ٿا. پوليس جي نفري به وڏي تعداد ۾ مقرر ڪري عوام کي حراسان ڪري ٿي ته جيئن مذڪوره پارٽي جو جلسو ناڪامياب ٿي وڃي. تنهن هوندي به ماڻهن جو وڏو تعداد جلسن ۾ پهچيو وڃي. حڪومت جي اهڙي رويي تي حڪومت مخالفت وڌي رهي آهي. جنهن ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو پيو وڃي. تازو پي ٽي آءِ جي طرفان ملڪ جي ڪن وڏن شهرن ۾ ڪامياب جلسا ڪرايا آهن ته ڪن وڏن شهرن ۾ جلسا ڪرائڻ جو اعلان به ڪيو ويو آهي. هن پارٽي جي خلاف جيڪي ڪجهه ڪيو پيو وڃي اهو عوام ۾ نفرت پيدا ڪري رهيو آهي ۽ سرڪار جي مخالفت وڌڻ ڪو سٺو سنوڻ ۽ عمل ڪونه آهي. حڪومت جي ان مخالفت کي هرگز نظر انداز ڪرڻ نه گھرجي ان تي واڳ ڌڻين کي سوچڻ گھرجي. ان لاءِ بهتر ائين ٿيندو ته ڳالهيون ڪري سڀني مسئلن کي حل ڪيو وڃي. اهو هڪ جمهوري عمل آهي ۽ ملڪي مفادن ۾ آهي.

هڪ طرف عمران خان جي پارٽي جي خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا آهن. ان پارٽي جي اڳواڻن کي سياسي من گھڙت ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾، ڦاسايو پيو وڃي ته ٻئي طرف جماعت اسلامي به حڪومت جي خلاف ميدان ۾ نڪري آئي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻو به هنيو هئائين. ان وقت حڪومت جي طرفان جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ڳالهيون ڪيون ويون هيون. ڳالهين ۾ جيڪي مطالبا حڪومتي ٽيم جي آڏو رکيا ويا هئا. سي مڃيا ويا هئا. انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ 45 ڏينهن جي مهلت ورتي ويئي هئي جيڪا جماعت اسلامي جي قيادت قبول ڪئي. ڄاڻايل مدت پوري ٿي ويئي آهي پر حڪومت ڪنهن به مطالبي کي مڃي عمل ڪونه ڪرايو آهي. جماعت اسلامي بار  بار مدت پوري ٿيڻ جو چوندي رهي. پر ان جو حڪومت تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. نتيجو اهو نڪتو جو مذڪوره پارٽي جي قيادت ماڻهن کي روڊن تي نڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي. وري حڪومت جي خلاف ڌرڻا هڻڻ، جلسا ڪرڻ ۽ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. اهي به اطلاع آهن ته حڪومت ڄاڻايل  پارٽي جي قيادت کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ سوچي رهي آهي. ان باري ۾ في الحال ڪجهه چئي نه ٿو سگھجي. جڏهن ته جماعت اسلامي جا اڳواڻ به پوئتي هٽڻ وارا ڪونه آهن. هيءَ هڪ منظم پارٽي آهي. جنهن جي سڏ تي هزارين بلڪه لکين ماڻهو نڪري پوندا آهن. ماضي ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته اهڙا کوڙ مثال سامهون اچي ويندا. ماضي ۾ هن جماعت جيڪي به تحريڪون هلايون هيون. سي نتيجي ملڻ جي بنا ختم ڪونه ٿيون هيون.

اهو عام خيال آهي ته، جماعت اسلامي هڪ انقلابي پارٽي آهي. اها ڳالهه ملڪ جي عوام جي اڪثريت قبول ڪري ٿي. هاڻ به اها ميدان تي اچي ويئي آهي. جنهن مان سمجهه ۾ اچي  ٿو ته اها حڪومت لاءِ خطري جي گھنٽي آهي هيءَ پارٽي ماضي جيان هن ڀيري به پنهنجا مطالبا مڃرائي واپس ورندي. جنهن ڪري حڪومت کي به گھرجي ته جماعت اسلامي جي مطالبن کي غور سان ٻڌي، حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن اها تحريڪ ختم ٿي وڃي. باقي ان تحريڪ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته شايد اها دٻجي نه سگھي ۽ حالتون خراب ٿي وڃن. جيڪي ملڪ جي ترقي ۾ رڪاوٽ بنجي سگھن ٿيون. وڌيڪ مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا. هي سٽون لکڻ مهل اهو معلوم ٿيو آهي ته، حڪومت جي طرفان لياقت بلوچ سميت جماعت اسلامي جي نون اڳواڻن جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه ٻين اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جا امڪان به پيدا ٿي پيا آهن. انهن امڪانن ۽ خدشن کي به رد ڪري نه ٿو سگھجي. ان متعلق واضح صورتحال ايندڙ چند ڏينهن ۾ معلوم ٿي ويندي.

جميعت العلماءِ اسلام (ف) ملڪ جي وڏين پارٽين مان هڪ آهي جنهن جو اڳواڻ مولانا فضل الرحمان آهي. جيڪو عالم دين جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ هڪ اهم سياسي ليڊر به آهي ٻنهي فيلڊس ۾ کيس وڏي مشهوري آهي. ماڻهو، کيس قدر ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. مولانا صاحب هر حڪومت ۾ شامل رهيو آهي. صرف عمران خان جي حڪومت ۽ موجوده سرڪار ۾ شامل ڪونه رهيو. جڏهن عمران خان کي اقتدار تان هٽائڻ جي تحريڪ هلي رهي هئي. ان تحريڪ ۾ پاڪستان پيپلس پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سان گڏو گڏ مولانا جي پارٽي جميعت العلماءِ اسلام به هئي. ان جدوجهد ۾ مولانا صاحب سڀني جي اڳيان هو.

هاڻ، جڏهن 8 فيبروري 2024ع تي اليڪشن ٿي گذري نتيجا اچڻ کان پوءِ هن، اليڪشن کي جعلي قرار ڏنو ۽ حڪومت ۾ شامل ڪونه ٿيو. پر، ان کان پاسيرو ٿي ويو خبر ناهي ته سندس ناراضگيءَ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن. ان باري ۾ پاڻ ئي ٻڌائي سگھي ٿو. هن وقت کيس پرچائڻ لاءِ حيلا هلايا پيا وڃن. وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. منٿون ميڙيون ڪيون پيون وڃن ۽ ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ملڪ جو صدر صاحب، وزيراعظم صاحب ۽ سندن پارٽين جا سرڪرده اڳواڻ به مولانا صاحب سان ملي چڪا آهن. پر، ڪن کي آسري ۾ رکيو اچي ته وري ڪن کي مورڳو جواب ڏنو اٿس. اڃا پرچاءَ جي ڳالهه ئي ڪونه ٿو ڪري. تقريرن ۾ حڪومت جي کلم کلا مخالفت ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن واڳ ڌڻين ۽ مولانا صاحب جي درميان ٺاهه نه ٿيو ته ڪا تحريڪ جنم وٺي سگھي ٿي. جيڪا حڪومت لاءِ ڏکيايون پيدا ڪري سگھي ٿي. ڪي دشواريون پيدا ٿي سگھن ٿيون. بهرحال جميعت العلماءِ اسلام جي پارٽي جا ڪارڪن ڏاڍا منظم آهن. اهي پڪا آهن. مولانا جي حڪم کان پوءِ هڪ انچ به پوئتي هٽي نه ٿا سگھن. جيڪڏهن هن پارٽي جي تحريڪ هلي ته اها حڪومت لاءِ ڪيترائي خطرا پيدا ڪندي. هن وقت ان پارٽي کي حڪومت جي خلاف کوڙ ساريون شڪايتون آهن. ڪارڪنن ۽ همدردن کي تاءُ آهي ۽ نفرت وڌندي پئي وڃي. هاڻ ڏسجي ته مولانا صاحب ڪهڙو ٿو فيصلو ڪري. ڪهڙي طرف ٿو وڃي. اها خبر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پئجي ويندي. باقي هن وقت ته، حڪومت مخالف ڌرين ۾ شامل ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.