جنگين جي آجيان نه ڪبي

۽  نيٺ ايران پنهنجو پلاند وٺندي اسرائيل تي ميزائلن جو  جنگي حملو ڪري ورتو آهي. ايران فوج پهرين ۽ ٻي آڪٽوبر جي وچ واري رات  اسرائيل جي گادي واري شهر  تل ابيب کي بيلسٽڪ، ڊرون ۽ ڪروز ميزائلن سان نشانو بڻايو. جنهن جي نتيجي ۾ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ هاڻي باقاعدي هڪ وڏي جنگ شروع ٿي چُڪي آهي. اسرائيل به جوابي حملي جو  چتاءُ ڏنو آهي جنهن کي آمريڪا جي حمايت حاصل آهي. هوڏانهن ايران به اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن وري حملو ڪيو ويو ته ايران جو  ٻيو حملو ان کان به وڌيڪ شديد هوندو.

اسان هميشه جنگين کي ننديو آهي ۽ امن جي پرچار ڪئي آهي. جنگيون پاڻ مسئلا هونديون آهن تباهي ۽ بربادي هونديون آهن. جنگيون شروع ته پنهنجي مرضي سان ڪيون وينديون آهن پر  انهن جو خاتمو پنهنجي هٿ ۾ ناهي هوندو. مثال طور حماس کي ڏسجي ته ان ئي اسرائيل سان موجوده جنگ ڇيڙي جيڪا گذريل سال آڪٽوبر  کان شروع ٿي جيڪا سڄو سال هلندي رهي ۽ هاڻي ان سڄي وچ اوڀر کي پنهنجي جنگي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

اها به افسوس جي ڳالهه آهي ته گڏيل قومن جو ادارو  جيڪو دنيا جي سڀني ملڪن جو گڏيل ڀائيچاري وارو ادارو آهي سو به اسرائيل ۽ غزا جي سڄو سال هليل  جنگ کي روڪرائڻ ۾ ناڪام ويو آهي. ايئن ان پنهنجي افاديت وڃائي ڇڏي آهي. جيڪو گڏيل قومن جو ادارو ملڪن جي تڪراري معاملن ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا نه ڪري سو  ڀلا ڪهڙي ڪم جو، اڃان به گڏيل قومن جي اداري حقيقت ۾ پاڻ کي آمريڪا جو ماتحت ثابت ڪيو آهي. اهو ادارو آمريڪا جي مجموعي ڪردار جي به مذمت نه ٿو ڪري سگهي اڃان به ان جو ونگاري رهيو آهي.

اها به حقيقت آهي ته هن دنيا اندر سڀني مسئلن، بحرانن ۽ جنگين جي جڙ پاڻ آمريڪا آهي  ان جي ڪمائي جو دارومدار جنگي هٿيارن جي وڪري تي هوندو آهي جيڪڏهن دنيا اندر امن هوندو ته سندن جنگي ۽ فوجي هٿيار ڪير خريد ڪندو. ان ڪري دنيا اندر جنگيون ۽ تڪرار ان آمريڪا جي مفاد ۾ آهن جيڪو بدقسمتي سان دنيا جو سپر پاور آهي پر سندس اها سپر  پاوري به جنگي هٿيارن جي طاقت سبب آهي. سندس ڪردار دنيا جي ملڪن اندر وڏي ڀاءُ وارو نه پر ملڪن کي ويڙهائڻ ۽ وڙهڻ وارو رهيو آهي. اسرائيل ۽ غزا جي معاملي ۾ به آمريڪا جو ڪردار جنگي باهه کي وسائڻ  وارو نه پر ٻرنديءَ تي تيل هارڻ وارو رهيو آهي. آمريڪا ڪڏهن به ان جنگ جي خاتمي لاءِ ڪو ڪردار ادا ناهي ڪيو پر اسرائيل جي ڌر رهيو آهي. هاڻي به جڏهن ايران اسرائيل کان حملن جو پلاند  ورتو  آهي ته آمريڪي صدر اسرائيل سان گڏ بيهڻ  جو بيان جاري ڪيو آهي ۽ دنيا کي پڻ ايران جي حملي کي نندڻ جي اپيل ڪئي آهي پر جڏهن اسرائيل ايران جي صدر کي قتل ڪيو ته آمريڪا تڏهن ان  جي حملي جي ايئن مذمت نه ڪئي هئي جيئن هاڻي ايران جي جوابي ڪارروائي جي ڪئي آهي.

بهرحال اسان ته اسرائيل هجي، حماس هجي، ايران هجي آمريڪا هجي يا جيڪو به ملڪ جنگ ڏانهن ويو آهي تنهن کي ننديو آهي. اسان جنگين جي ڪڏهن به آجيان ناهي ڪئي پر ان  ڌر جي حمايت ڪئي آهي جنهن هميشه امن جي ڳالهه ڪئي آهي. اسان ايران جي جوابي حملي ۽ جنگي پلاند کي به سٺو عمل نه ٿا سمجهون. اسان جو خيال آهي ته ايران کي اخلاقي مار جو جواب ڏيڻ گهرجي ها، اهڙو جواب ڏي ها هو سڄو دنيا جون جيڪر دليون کٽي ڏيکاري ها. خود اسرائيل به جيڪر لاجواب ٿي وڃي ها. ڪاش ايران اسرائيل کي ايران جي عظيم شاعر فرودوسيءَ جو ڪو امن ڀريو شعري پيغام موڪلي ها. پر ان لاءِ غير معمولي سوچ کپي ها جيڪا اڄ جي دنيا جي ملڪن جي قيادت وٽ ناهي. جڏهن ته دنيا جي هر مذهب ۾امن ۽ اخلاق تي زور ڏنو  ويو آهي پر افسوس ته عام ماڻهو ته ڇا دنيا جي ملڪن جا سربراهه به امن ۽ اخلاقيات جي درسن تي عمل ڪرڻ جي همت ساري نه سگهيا آهن.

اسان چوندا آهيون ته جنگ وڙهڻ، دهشت گردي ڪرڻ، تحزيب ڪاري ڪرڻ سولي ڳالهه آهي ڏکي ۾ ڏکي ڳالهه تعمير جي آهي. ڪنهن به ڀت کي هڪ ڌڪ سان ڪيرائڻ سولو آهي پر  ان ڀت جي تعمير لاءِ هڪ هڪ سر محنت ۽ پورهئي سان رکڻي پوندي آهي. سو تعمير ڏکي آهي، تخريب ڪاري آسان آهي. تيلي ٻاري باهه ڏيڻ ۽ ٻرنديءَ تي تيل هارڻ سولو آهي پر باهه وسائڻ ڏکيو ڪم آهي، اسان   باهه لڳائڻ وارن مان نه پر  باهه وسائڻ وارن مان هڪ آهيون. ايران کي به وڏي دل ڪري جنگي باهه کي وسائڻ جو ڪم ڪرڻ گهرجي ها. هاڻي اهو  چئبو ته  جيڪو غلط ڪم اسرائيل ڪندو آيو آهي سو ساڳيو غلط ڪم ايران به ڪيو آهي. جيڪڏهن اسرائيل غلط ڪم ڪيو هو ته پوءِ ايران کي ڪيئن صحيج  چئبو  ڇا جنگ جو جواب جنگ ئي ٿيندو آهي، ڇا ان  جو جواب امن نه ٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ عام ماڻهن ۽ ملڪن جي وڏن ذميوار ملڪن جي سربراهن ۾ ڪهڙو فرق رهيو. عام ماڻهو  به پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته ڪا نه ڪا ڌر وچ ۾ پوندي آهي پر افسوس ته موجوده جنگي ماحول جي خاتمي لاءِ ڪير اڳتي نه ٿو اچي اڃان به جنگين کي وڌائڻ جو ماحول ٺاهيو پيو وڃي.

سو ايران  اسرائيل کي اخلاقي مار ڏيڻ جو سونهري موقعو وڃائي ڇڏيو آهي. ان کي اهڙو جواب گهرجي ها جيڪو سڄي دنيا لاءِ سبق جوڳو هجي ها ۽ ايران جي عظيم شاعر  فرودسي جي روح وٽان هجي ها ۽ دنيا کي اهو سمجهائڻ جو موقعو ڏجي ها ته جنهن خطي ۾ فردوسي، شاهه ڀٽائي، سچل، بُلي شاهه جهڙا شاعر هوندا آهن سي بم ناهن اڇلائيندا پر امن جا گل موڪليندا آهن، پيار ۽ امن جو پيغام موڪليندا آهن پر اسان وٽ هاڻي ان کي بزدلي سمجهيو وڃي ٿو ۽ جنگي جنون، بمن تحزيب ڪاري ۽ دهشت گردي کي بهادري سمجهيو وڃي ٿو  جيڪو اڄ جي دنيا جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.