ڇا توھان کي به گھمندي ڦرنديَ اھڙا ماڻھو ملندا آھن جيڪي توھانجي ھٿن ۾ اخبار ڏسنديَ چوندا ھجن ته اڄڪلهه اخبار ڪير ٿو پڙھي؟اوھان ڪتاب جا ليکڪ ھجو ۽ وڏي حب مان ڪنھن کي ڪتاب تحفي طور ڏيندا ھجو ۽ جواب ۾ شڪريو بجا آِڻينديَ اھو پڇيو ويو ھجي ته اڄڪلهه ماڻھو ڪتاب پڙھن پيا؟ سچ پڇو ته مونکي اھڙا ماڻھو ھر ٻئي ٽئي ڏينھن ڪٿي نه ڪٿي ضرور ملندا آھن جن کي پنھنجو تعارف ڪرائينديَ جڏھن اھو ٻڌائيندو آھيان ته آئون مھراڻ يونيورسٽيءَ جي تدريسي ايف ايم ريڊيو تي اسٽيشن مئنيجر آھيان ته فوري طور تجسس وچان عجيب و غريب نگاھن سان ڏسندا، ڄڻ مونکي موئن جي دڙي جي زماني جو سمجھندا ھجن يا سڌو ۽ دوبدو ھڪڙو سوال ڪندا آھن ته ڇا ماڻھو اڃا به ريڊيو ٻڌن ٿا؟ منھنجو انھن کي جيڪو تفصيلي جواب ھوندو آھي ان بابت اڳتي ذڪر ڪندس پر اصل مسئلو اھو آھي ته اھو اڄڪلهه ھڪ الميو بڻجي چڪو آھي ته جيڪو ڪم نه پيا ڪريو ان بابت توھان اھو طئي ڪري چڪا ھوندا آھيو ته اھو عمل ڪير به نه پيو ڪري. جيڪڏھن توھان اخبار يا ڪتاب نٿا پڙھو ته ڪو به نٿو پڙھي، توھان ريڊيو ٻڌڻ ڇڏيو آھي ته ٻيا به نه ٿا ٻڌن. ۽ اھا پڪ ان درجي جي حد تائين ھوندي اٿن جو ان ۾ اھا گنجائش به ناھي ھوندي ته ايترو ئي تسليم ڪجي ته اڄ ڪلهه تناسب گھٽيو ھوندو. نه سائين نه ائين کڻي چئجي ته اسين پنھنجي ڪِرت کانسواءِ ٻيو سڀ ڪجهه فضول ڀانئيون ٿا.
دوستو گھٽ ۾گھٽ ريڊيو بابت اھڙي خام خيالي مان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ آئون توھانجي ٿورڙي مدد ڪري سگھان ٿو. ڏسو اھو ضرور واجبي سوال آھي ته اڄ جي جديد دو ۾، جتي دنيا تيز رفتاري سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي نون نون انقلابن کي جنم ڏئي رهي آهي، مصنوعي ڏاھپ (آرٽيفيشل انٽيليجنس) جو ڪردار وڌي رهيو آهي. ۽ مختلف شعبن ۾ ان جي استعمال سان معاشي، تخليقي ۽ علمي حوالن کان نوان در کلي رھيا آھن اتي روايتي ميڊيا، خاص طور تي ريڊيو، هن تڪڙي بدلجندڙ دنيا ۾ ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟ اصل ۾ ريڊيو جو ڪردار ڪڏهن به صرف تفريح ۽ خبرون ڏيڻ تائين محدود ناھي رهيو. ريڊيو هڪ اهڙو ميڊيم آهي جنهن پنهنجي اوائلي دور کان ئي عوام تائين عوام جو آواز پهچائڻ، آگاھي ڏيڻ ۽ معلومات پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ريڊيو خاص طور تي پاڪستان جهڙن ترقي پذير ملڪن ۾ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ هڪ طاقتور اوزار ثابت ٿيو آهي. جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو تڏھن اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ڪو وجود ئي نه هو، ريڊيو ئي هو جيڪو عوام تائين درست ، ترت ۽ معتبر معلومات پهچائڻ جو ذريعو بڻيو. ان کان علاوه، ريڊيو ٻڌندڙن جي دلين ۾ هڪ احساس پيدا ڪيو ته هو دنيا سان ڳنڍيل آهن ۽ اها ڳالهھ اڄ تائين جاري آهي. ريڊيو پنھنجي صورت، ڪارج ۽ اھميت کي ھرگذرندڙ وقت سان تبديل ڪيو آھي بلڪه ائين چئجي ته ھم آھنگ ڪيو آھي. جدت جي ھر نئين انقلاب کي قبوليو آھي. اڄ جي دور ۾، جڏهن مصنوعي ڏاھپ مختلف شعبن ۾ انقلاب آڻي رهي آهي، ريڊيو پڻ ان حوالي سان آواز، انداز ۽ پيشڪش ۾ اھي طريقا شامل ڪيا آھن. ريڊيو جو هيءُ نئون روپ نه رڳو ٻڌندڙن کي تفريح فراهم ڪري رهيو آهي، پر شعور ۽ سکيا جا نون دروازا کولڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي رهيو آهي. جيئن ته پاڪستان ۾ هر ماڻهو کي جديد ٽيڪنالاجي تائين رسائي حاصل نه آهي، انڪري ريڊيو هڪ اهم ذريعو آهي جيڪو هر ماڻهو تائين پهچي ٿو، خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي انٽرنيٽ ۽ سمارٽ فونز جي رسائي محدود آهي. ريڊيو سماجي شعور وڌائڻ، تعليم عام ڪرڻ، ۽ اهم مسئلن تي عوامي راءِ جوڙڻ ۾ اڄ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. دنيا ۾ تجارتي (ڪمرشل) ۽ تعليمي ايف ايم ريڊيو اسٽيشنن جي تعداد ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي جيڪي اتان جي ملڪن ۾ موجود ميڊيا جا مختلف نظام ۽ ضابطن تحت ھلن ٿا. تجارتي ريڊيو اسٽيشن عام طور تي نجي شعبي طرفان هلن ٿيون، جيڪي اشتهارن جي ذريعي آمدني ڪمائينديون آهن، جڏهن ته تعليمي ريڊيو اسٽيشنز تعليمي ادارن يا اين جي اوز طرفان هلن ٿيون جيڪي تعليمي مواد مهيا ڪرڻ ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ قائم ڪيون وڃن ٿيون.
عالمي سطح تي، هزارين تجارتي ۽ تعليمي ايف ايم ريڊيو اسٽيشنز ڪم ڪري رهيون آهن. آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا جهڙن ملڪن ۾ تجارتي ريڊيو اسٽيشنن جو وڏو انگ هر وقت تبديل ٿيندو رهي ٿو، پر تقريباً 45 کان 50 ھزار ايف ايم ريڊيو اسٽيشنز مان لڳ ڀڳ آمريڪا ۾ 15,000 کان وڌيڪ ايف ايم اسٽيشنز ڪم ڪري رهيون آهن جڏهن ته ڀارت چين ۽ گڏيل عرب امارتن ۽ يورپي ملڪن ۾ به وڏي تعداد ۾ ريڊيو اسٽيشنز موجود آهن. يعني سمورن ترقي يافته ملڪن ۾ پڻ ريڊيو اڄ به زندہ آھي. ۽ پاڪستان ۾ ايف ايم ريڊيو جو رجحان 1995 کان پوءِ تيزي سان وڌيو آهي. جيڪي مختلف شهرن ۾ معلومات ، تفريح ۽ موسيقي جا پروگرام پيش ڪري رهيا آهن. انھن ۾ تعليمي ريڊيو اسٽيشنز پڻ ڪيترن ئي تعليمي ادارن طرفان هلندڙ آهن. انهن ريڊيو اسٽيشنن جو مقصد شاگردن کي تربيت ڏيڻ ، تعليمي پروگرامن کي نشر ڪرڻ ۽ سماجي شعور پيدا ڪرڻ آهي. پاڪستان ۾ تقريباً 200 کان وڌيڪ تجارتي (ڪمرشل) ۽ 60 کان مٿي تعليمي ايف ايم ريڊيو اسٽيشنز ڪم ڪري رهيون آهن. ۽ اڃا ڪيتريون ئي ھن سفر ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پنھنجون گذارشون پيمرا کي اماڻي چڪيون آھن. اھو سڀ انڪري جو اھي سمجھن ٿا ته ريڊيو اڃا تائين هر طبقي تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۽ شعور پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي مختلف علائقن ۾ گھڻ ٻوليون ۽ ثقافت جا مختلف رنگ موجود آهن، ڪميونٽي ريڊيو ماڻهن کي انهن جي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت ۾ معلومات پهچائڻ جو بهترين ذريعو بڻجي رهيو آهي. مصنوعي ڏاھپ سان گڏ ريڊيو جي اهڙي فارميٽ کي وڌيڪ مضبوط ۽ ڪارائتو بڻائي سگهجي ٿو. اسانجا ڪيترائي علائقا اڃا تائين بجلي ۽ انٽرنيٽ جي سهولت کان محروم آهن. ريڊيو هڪ آسان ۽ مفت ذريعو آهي جنهن ذريعي انھن تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ريڊيو هميشه کان ئي تفريح ۽ خبرن جو ذريعو رهيو آهي، پر اڄ جي دور ۾ جتي سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، ريڊيو جو مقام ڪيئن بچي سگهي ٿو؟ هن سوال جو جواب اهو آهي ته ريڊيو پنهنجو مخصوص انداز برقرار رکندي پنهنجا فارميٽ جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪيا آھن. مصنوعي ڏاھپ جي مدد سان ريڊيو پروگرامن ۾ تجزيا، مباحثا ۽ رپورٽنگ جو معيار بهتر ڪري سگهجي ٿو. ايَ _ آئي جي مدد سان نشريات کي جھٽ پٽ ۽ آسانيءَ سان پھچائي سگھجي ٿو. چين ۽ ٻين ملڪن ۾ ان تي وڏي عرصي کان ڪم ھلندڙ آھي.
ريڊيو پنهنجي مخصوص خصوصيتن جي ڪري هميشه جديد ميڊيا ۾ هڪ خاص جڳهه رکندو. اهو سستو، آسان ۽ هر جڳهه تي دستياب آهي، جنهنڪري اهو عوام تائين پهچڻ جو بهترين ذريعو آهي. مصنوعي ڏاھپ سان گڏ ريڊيو پروگرامن ۾ نوان تجربا ۽ تخليقيت جون نيون راهون کوليون آهن، جنهن سان ريڊيو پنهنجي مقام کي نه رڳو بچائي سگهندو، پر وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. ايف ايم ريڊيو مقامي سامعين لاءِ مخصوص مواد نشر ڪري ٿو، جيئن مقامي ٻوليون، ثقافت ۽ مسئلن تي بحث مباحثا. ايمرجنسي يا هنگامي حالتن ۾ ريڊيو تمام ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو. ان کان علاوہ ريڊيو اھو واحد سھارو آھي جنھن وٽان اوھان ڊرائيونگ، رڌ پچاءُ، ورزش وغيرہ وقت به معلومات حاصل ڪري سگھو ٿا. ايف ايم ريڊيو پروگرامن ۾ لائيو ڪالز ۽ ميسيجز ذريعي سامعين سان سڌي رابطي جو عنصر موجود هوندو آهي، جيڪو سامعين کي ريڊيو سان ڳنڍيل رکي ٿو.ايف ايم ريڊيو پنهنجي هر وقت دستيابيءَ باعث تڪڙي ۽ موثر تفريح سان گڏوگڏ معلومات پڻ مُهيا ڪري ٿو