پاڻ مڃائڻ ڪير ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کان سکي

تحرير: احمد خان جمالي

اسان کي اهو اعلان ڪندي سرهائي محسوس ٿي  رهي آهي ته کاٻي ڌر جي نظرياتي ليکڪ، ترقي پسند دانشور احمد خان جماليءَ روزاني عوامي آواز لاءِ هفتيوار ڪالم لکڻ تي راضپو  ظاهر ڪيو آهي. ” وساريان نه وسرن“ جي سري هيٺ اوهان سندس فڪر انگيز ڪالم هر  خميس جي اخبار ۾ پڙهي سگهندا

 

 ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي عجيب انسان هو ، 1968 ۾ جنرل موسيٰ خان جڏهن نوابشاهه آيو هو ته نوابشاهه جي مشهور وڪيل قاضي محمد بخش ڌامراه هڪ تقريب جي دوران مطالبو ڪيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي آزاد ڪيو وڃي ، جنهن جي جواب ۾ جنرل سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو هو ته ” میں نے کہہ دیا ہے کہ اس بوڑھے کو ایک کمبل کم دے دو.

ڪامريڊ حيدر بخش، ان وقت بلوچستان جي،  بلڪه پاڪستان جي سخت ۽ بدنام ترين  مچ جيل ۾ قيد ڪاٽي رهيو هو. ون يونٽ جي خلاف مزاحمت ڪرڻ، سنڌ جون لکين ايڪڙ زمين،  بشمول سانگهڙ جي مکي ڍنڍ جون زمينون انعام ۽ نيلام جي نالي سان فوجي ۽ غير فوجي عملدارن جي حوالي ڪرڻ ۽ سنڌي زبان سان ٿيندڙ زيادتين جي خلاف آواز بلند ڪرڻ هو.

حيدر بخش جتوئي، پنهنجو پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو ۽ سوشلسٽ سماج کي انسانن جو اجتماعي آجپو به سمجھندو هو ته سنڌ سميت تاريخي سچائين ۽ زميني حقيقتن جي روشني ۾ قومي وحدتن جي قومي ۽ بنيادي حقن کي به پنهنجي جدوجهد جو اٽل حصو سمجھندو هو.  سنڌ جي قومي تحريڪ جي لاءِ نظم لکي

”جيئي سنڌ “ جو نعرو ڏيڻ وارو به حيدر بخش جتوئي هو.

بهادر، بيباڪ، منهن تي سچ چوڻ ، انگن اکرن سان دليل ڏيئي پنهنجو پاڻ مڃائڻ حيدر بخش جتوئي کان ڪير سکي؟ اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جي اعليٰ عدليا کي به اهو تسليم ڪرڻو پيو ته  ” جيئي سنڌ جو نعرو پاڪستان جي خلاف نه آهي ".

هاڻي، هن وقت ته عدالت جي ان فيصلي جي اهميت هجي يا نه هجي پر ايوبي آمريت جي سخت ترين  ۽ ون يونٽي دور ۾ جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ ڪاريهر تي لت ڏيڻ جي برابر هجي ، ان دور ۾ پاڪستاني عدليا کي دليلن سان قائل ڪرڻ،  ۽ اهو ڪيس به جيل ۾ قيد هوندي وڙهڻ ۽ کٽڻ صرف حيدر بخش جتوئي جو ڪمال سمجهڻ گهرجي. آخر ڪار ڪامريڊ جتوئي پنهنجي آزادي جي لاءِ به پاڻ ڪيس وڙهي، ڪيس کٽي آزاد ٿي آيو.

قاضي فيض محمد ۽ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري ۽ ان دور جا چند سياسي ۽ هاري اڳواڻ  هميشه ڪامريڊ جتوئي جو ساٿ ڏيندا رهيا.  ڪامريڊ جتوئي، مچ جيل مان آزاد ٿي ته آيو پر سندس صحت سندس ساٿ ڏيڻ جي قابل نه رهي.  ايوبي آمريت جي بدران يحيٰ خان جو دور هلندڙ هو.

5 مئي 1970 تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، پنهنجن ويجهن ساٿين سان ملڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، انهن ئي ڏينهن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو آخري انٽرويو قسطن ۾ رڪارڊ ڪرڻ ۾ مصروف هو جڏهن ته دادن جتوئي ” مصطفيٰ حيدر “ڪامريڊ جتوئي سان هر وقت گڏ رهندا هئا.ان کان اڳ 1969 ۾ جڏهن چئن شاگرد جماعتن جي قيادت تي ٻڌل  شاگرد ھاءِ ڪمانڊ جي طرفان ون يونٽ ٽوڙڻ، ووٽر لسٽون سنڌي زبان ۾ شايع نه ڪرڻ ۽ سنڌي زبان کي قومي زبان قرار ڏيڻ جي لاءِ گڏيل جدوجهد شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ڪامريڊ جتوئي سخت بيمار هجڻ جي باوجود به سندس ساٿين جي سهاري تي اولڊ ڪيمپس پهچي بک هڙتال تي ويٺل شاگردن ۽ سياسي اڳواڻن جي حمايت ۾ پريس ڪانفرنس ڪري اهل سنڌ کي ان جدوجهد کي ڪامياب ڪرڻ جي اپيل ڪئي. يحيٰ خان، ون يونٽ ٽوڙڻ جي اعلان به ڪيو ته ووٽر لسٽون سنڌي زبان ۾ شايع ڪرڻ جو مطالبو به تسليم ڪيو.

ڪامريڊ جتوئي 21 مئي 1970 تي وفات ڪري ويو. 22 مئي صبح جو خير بخش مري ۽ شير محمد مري ،

(جنرل شيروف ) ڪلھوڙا ڪالوني پهچي جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي مزار تي حاضري ڏني ته سچ پچ نه صرف ڪامريڊ جتوئي جو مرڪندڙ چهرو، مزار کان مٿانهون نظر آيو پر بلوچستان جا معتبر ۽ نمايان ۽ نمائندہ سرواڻ به سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي نقشي تي نروار  نظر آيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سنڌ جو غير تڪراري ۽ نظرياتي اڳواڻ  هو ، اهوئي سبب آهي جو کيس ” باباءِ سنڌ “جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

1970جو دور هو جڏهن پهريون ڀيرو  ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان حيدر آباد ۾ ملاقات ٿي. جانٺو ۽ جبل جهڙو جسم، سنجده چهرو، گھٽ ڳالھائو ۽ گهڻو ٻڌڻ وارو. ڪو زمانو هو جو چيو ويندو هو ته ڪامريڊ سوڀي جو شمار ننڍي کنڊ جي چوٽي جي ڏهن ڪميونسٽ اڳواڻن ۾ ڪيو ويندو هو. ڪامريڊ سوڀي جيل به ڪاٽيو ته نظر بند به رهيو.  پر ڪڏهن به جهڪيو ڪين.

سنڌ ۾ ڪيتريون ئي قابل احترام ۽ قابل ذڪر ۽ قدآور سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيتون ٿي گذريون آهن جن هميشه انسانيت، انساني زندگي ، رواداري، وضعداري ۽ عقيدن جي احترام جو سبق ڏنو آهي.  ڪنهن به شخص کي ڪڏهن به اهو نٿو جڳائي ته ٻئي ڪنهن انسان کي زندگي کان محروم ڪري.  حالتون ڪهڙيون به هجن،  سبب ڪهڙا به هجن، صرف سوچ جي بنياد تي ڪنهن کي قتل ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي.  ۽ اهو حق ڪنهن کي به ڪنهن جي طرفان ڏنل ئي نه آهي. اسان ظلم کي ۽ ظالم کي ته مسلسل پيڙھين کان برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون پر جيڪڏهن ڪو به عام شهري ڪنهن به سلسلي ۾ اسان سان اختلاف رکڻ جو اظهار ڪري ٿو ته اسان کيس ڪنهن به قيمت تي برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهيون. پاڻ کان ڏاڍي ۽ طاقتور تي ڪاوڙ چڙھندي ناهي ۽ ڪمزور ۽ هيڻي تان ڪاوڙ لهندي ناهي. اهو ڪهڙو مذهب آهي، اها ڪهڙي سوچ آهي، اها ڪهڙي سياست آهي، اها ڪهڙي انسانيت آهي؟..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.