تنگواڻي ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني خلاف شٽربند هڙتال، ريلي، ڌرڻو

تنگواڻي (رپورٽ: مھتاب ملڪ) تنگواڻي ۾ شھري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي وڌنڌڙ بدامني ۽ اغوا وارڌاتن خلاف شٽر بند هڙتال ڪري اڇا جھنڊا کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي قاري ڪفايت الله کوسو، ايڊووڪيٽ آصف علي، وقار ملڪ، مھتاب ملڪ، رحمدل لاشاري، اعظم کوسو، غلام حسين ۽ ٻين ڪئي. سياسي سماجي اڳواڻن سميت شهرين وڏي ۾ شريڪ ٿي ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي ۽ بس اسٽينڊ تي ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سوچيل سمجهيل سازش تحت امن امان خراب ڪيو پيو وڃي ته جيئن ماڻھن کي امن امان معاملن ۾ ڦاسائي آساني سان پنھنجي جاگيرداري ۽ حڪومتون قائم رکون، ھنن چيو ته عام شھري پرامن جدوجھد ذريعي امن امان بحال ڪرائي سازشن کي ناڪام ڪندا، ھنن چيو ته ڏوھارين جا سرپرست بي نقاب ھوندي به رياست جي وس کان ٻاھر آھن، سھولتڪارن کي پڻ آزادي مليل آھي، عام شھرين جو جيئڻ جنجال بڻيل آھي، ھنن وس وارن کان گھر ڪئي ته امان بحال ڪرائي عام شھرين توڙي ڳوٺاڻن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

  1. مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي: سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن بورڊ

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري ڪميشن گهوٽڪي ضلعي مان ميگهواڙ برادري جي  ٻن ڄڻن عطر ميگهواڙ ۽ گرمکداس  جي اغوا جو نوٽيس ورتو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن بورڊ جي ميمبر ديوان سُکديو ۽ آسرداس هيمناڻي ايس ايس پي گهوٽڪي کي نوٽيس جاري ڪندي 3 ڏينهن اندر واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڌاڙيلن کان جلد کان جلد ٻنهي  مغوين کي باحفاظت  بازياب ڪرايو وڃي ۽ واقعي جي رپورٽ پڻ سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن کي ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ اسين پرامن احتجاج جو پڻ حق رکون ٿا. ٻئي طرف ميگھواڙ برادري پاران نوجوان جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي مغوين جي وارثن چيو ته 2 ڏينھن اڳ رات جو دير سان آندل سندارڻي ٿاڻي حد مان ڏوھاري گھر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ مردن مٿان کيس تشدد ڪري اسان جي ھڪ نوجوان عطر مينگھواڙ کي اغوا ڪري ويا آھن، ھنن الزام ھنيو ته ايس ايڇ او آندل سندارڻي جي غفلت سبب اسان جو نوجوان اغوا ٿيو آھي.

  1. مغوي آزاد نه ٿيا ته اڄ ڪرمپور، ڪنڌڪوٽ ۽ غوثپور ۾ ڌرڻا هڻنداسين

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي )ھڪ ھفتو اڳ شھر ڀرسان تنگواڻي لنڪ روڊ تي جمال ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ڊيره بگٽي واسي ٻن ڄڻن اسدالله بگٽي ۽ منظور بگٽي جي بازيابي لاءِ ڪشمور پوليس جي وارثن کي ڏنل مھلت اڄ رات پوري ٿي ويندي، مغوي جا وارث ۽ ڊيرهه بگٽي/سوئي مان ڪيترائي بگٽي برادري جا ماڻھو ڌرڻي واري ھنڌ پھچي رھيا آھن، اڄ ٻئي ڏينھن به بگٽي برادري جي ماڻھن ڪشمور پوليس ۽ علائقي جي چونڊيل ميمبرن جي بي حسي خلاف سخت احتجاج ڪيو، احتجاج جي اڳواڻي ڪمال دين بگٽي، نواب دين بگٽي ۽ مير نوروز خان بگٽي ڪري رھيا آھن، اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته افسوس ھڪ ھفتي کان اسانجو پر امن احتجاج جاري آھي، ڪشمور پوليس کي سموري ڄاڻ آھي ته ڏوھارين مغوين کي ڪٿي رکيو آھي، جنهن باوجود به ھن مھل تائين ڪو چونڊيل ميمبر اسان وٽ نه پهتو آهي، اسان جي صبر جو گھڻو امتحان نه ورتو وڃي۔ معاملو حل نه ٿيو ته اڄ ڪرمپور، ڪنڌڪوٽ ۽ غوثپور ۾ 3 ھنڌن تي ڌرڻا ھڻي روڊ بلاڪ ڪنداسين ۽ اسان پنھنجي ماڻھن جي بازيابي لاءِ ھڪ روپيو به ڀنگ جو نه ڀرينداسين.

  1. بخشاپور مان نوجوان اغوا، وارثن جو بازيابي لاءِ احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر)ڪنڌ ڪوٽ لڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد ۾ گذريل رات دير سان زور ڳڙهه اسٽاپ وٽ دڪان تي ستل 20 ورهين جي نوجوان احمدالدين پٽ خيرالدين گولو کي نامعلوم هٿيار بند هٿيارن جي  زورتي اغوا ڪري کڻي ويا وارثن پاران مغوي جي بازيابي لاءِ ڳوٺ حاجي هيبت خان گولو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مغوي جي وارثن علي اڪبر گولو، پهرالدين گولو، نادر علي ۽ صادق گولي سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو نوجوان زورڳڙه اسٽاپ تي دڪان جي چوڪيداري ڪندو هو جنهن کي رات دير سان ڌاڙيل کڻي ڪچي طرف فرار ٿي ويا حد جي پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي آهي اسين مسڪين آهيون اسان جي دانهن اعلي اختيارين کي آهي ته اسان جي نوجوان کي جلد بازياب ڪرائي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

  1. ڪنڌڪوٽ ۾ شهرين پاران امن لاءِ بتيون ٻاري اٺين ڏينهن به مارچ، ڌرڻو

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ ۾ آل پارٽيز موومينٽ ۽ شهري اتحاد جي سڏ تي شهرين پاران امن امان جي ڳولا لاءِ اٺين ڏينهن به بتيون ٻاري ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو ويو. احتجاجي ريلي ۾ تمام برادرين جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ريلي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مھر چند، دلمراد ڏاھاڻي، حضور بخش مغل ۽ ٻين چيو ته ڪنڌ ڪوٽ ضلعو لاوارث بڻجي چڪو آهي، هزارين ماڻهو امن لاءِ روڊن تي نڪتل آهن پر ڪو به چونڊيل نمائندي سميت سردار توڙي وڏيرو احتجاج جي حمايت ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي، سردارن، وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن جي خاموشي ڪنڌڪوٽ کي تباهه ڪرڻ  جو ثبوت آهي،  رياست ۾ خاموش تماشائي بڻيل آهي، ڏوھاري ايترا طاقتور ٿي ويا آهن جو ھاڻي سرعام قانون جي رٽ کي چئلينج ڪن پيا، هنن وڌيڪ چيو ته اسين پرامن احتجاج ذريعي وس وارن ۽ ملڪ جي واڳ ڌڻين کان گھر ڪيون ٿا ته ڀتاخوري ۽ ڌاڙيل راڄ ختم ڪري امن امان قائم ڪرايو وڃي.

  1. ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو آزار آھي، خاموش نه ويھبو: ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاري ڪميٽي پاران باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 7 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾  123 رٿيل سالگرهه جي حوالي سان مختلف سياسي، سماجي شخصيتن دانشورن، اديبن، ليکڪن، شاعرن، وڪيلن ۽ صحافين کي دعوتنامه ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، ان حوالي سان سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي جو چوڻ هو ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 123 سالگرھه ڪراچي ۾ شاندار نموني ملھائي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ھن وقت سنڌ کي ورھائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن، حڪومت سنڌ سڪائڻ جو منصوبو کڻي آئي آهي، اسين ان منصوبي کي رد ڪريون ٿا. سنڌ ۾ شھرن توڙي ٻھراڙين ۾ بدامني عروج تي پهتل آھي، ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو آزار متل آھي، سنڌ جي مسئلن تي خاموش نه ويھبو، ڀرپور جدوجھد ڪئي ويندي.17

  1. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، پوليس صرف ڪوڙا مقابلا ڪرڻ ۾ رڌل آهي: اياز پليجو

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي. ڀنگ نه ملڻ تي مغوي قتل  ڪيا پيا وڃن. پوليس صرف ڪوڙا مقابلا ڪرڻ ۾ مصروف آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف ھزارين ماڻھو رستن تي آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ حڪومت امن نٿي چاھي. پوليس کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪرپشن ۾ ٻڏل مختلف ادارا عوام کي ڪا سھولت نٿا ڏئي سگھن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ حڪومت جا وزير ۽ ايم پي اي ڪرپشن ۽ ذاتي مفادن جو تحفظ ڪري رھيا آھن. حڪومت وٽ عوام جي خوشحالي جي ڪا ايجنڊا ناھي.

  1. پني عاقل جي ڪچي ۾ اغوا ٿيل 2 ڀائر آزاد

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل جي ڪچي مان 22 ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل ٻن ڀائرن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، سڌوجا پوليس موجب ٻن ڀائرن منير ۽ مڪيش ڪولهي جي بازيابي لاءِ  ڪچي ۾ آپريشن هلندڙ هو، ڪالهه آپريشن دوران ڌاڙيل مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا، ٻئي پاسي علائقي ۾ ٻنھي مغوين کي راڄوڻي ذريعي بازياب ڪرائڻ جا چوٻول پڻ ھلندڙ آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.