اسرائيل پاران فضائي اڏن تي ميزائيل ڪرڻ جو اعتراف، حزب الله پاران 14 فوجي مارڻ جي دعويٰ

تهران ( م ڊ ) اسرائيل پاران فضائي اڏن تي ميزائيل ڪرڻ جو اعتراف، حزب الله پاران  اسرائيل جا 14 فوجي مارڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب اسرائيلي فوج تسليم ڪيو آهي ته ايراني ميزائل سندس هوائي اڏي تي ڪريا، اسرائيلي فوج تصديق ڪئي آهي ته گذريل ڏينهن اسرائيل تي ايران جي ميزائل حملن دوران ميزائل اسرائيلي ايئر بيس تي ڪريا.اسرائيلي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني ميزائيل ڪجهه اسرائيلي هوائي اڏن تي ڪريا آهن. اسرائيلي فوج موجب ميزائل ڪرڻ جي نتيجي ۾ ايئربيس جي انتظامي عمارتن ۽ جهازن جي مرمت جي سهولتن کي نقصان پهتو.اسرائيلي فوج موجب ميزائل حملي ۾ هوائي فوج جي ڪنهن به جهاز کي نقصان نه پهتو آهي.ايران گذريل ڏينهن اسرائيل تي 190 بيسالٽڪ ميزائل فائر ڪيا هئا ۽ ايران جي انقلابي گارڊز دعويٰ ڪئي آهي ته 90 سيڪڙو ميزائل ڪاميابيءَ سان هدفن کي نشانو بڻايو. ٻئي طرف اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايران طرفان فائر ڪيل اڪثر ميزائل آمريڪا جي مدد سان ناڪاره ڪيا ويا، ڪجهه ميزائل زمين تي ڪري پيا پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.ايران طرفان حملي کانپوءِ صدر مسعود پزشڪيان چيو ته صهيوني رياست جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جو چوڻ هو ته اسرائيل تي ايندڙ حملو ان کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ هوندو . هوڏانهن اسرائيل گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، اسرائيل گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.صهيوني پرڏيهي وزير ڪيٽز چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هن اسرائيل تي ايران جي ميزائل حملي جي واضح مذمت نه ڪئي هئي.العربيه نيوز جي رپورٽ موجب پنهنجي هڪ بيان ۾ اسرائيلي پرڏيهي وزير چيو ته انتونيو گوتريس ايران جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ ۾ ناڪامي سبب اسرائيل ۾ غير مقبول شخص بڻجي ويو آهي.پرڏيهي وزير اسرائيل ڪيٽز جو چوڻ هو ته ”جيڪو به ايران جي اسرائيل تي وحشياڻي حملي جي غير واضح طور تي مذمت نٿو ڪري سگهي، جيئن دنيا جي تقريبن سڀني ملڪن ڪيو آهي، اهو اسرائيلي سرزمين تي پير رکڻ جو حقدار ناهي. هن چيو ته انتونيو گوتريس سان گڏ يا بغيربه اسرائيل پنهنجي شهرين جو دفاع ڪندو ۽ قومي وقار کي برقرار رکندو.

  1. ايران ۽ اسرائيل وچ ۾سڌي جنگ جو طبل وڄي چڪو آهي: نصير ميمڻ

حيدرآباد ( ن ع آ )  نامياري دانشور نصير ميمڻ سوشل ميڊيا تي وچ اوڀر جي صورتحال تي  تجزيو ڪندي چيو آھي ته ايران جي اسرائيل مٿان ٿيل ميزائيل حملي ۽ اسرائيل جي جوابي ورندي ڏيڻ جي اعلان کان پوءِ وچ اوڀر هڪ وڏي خونريز جنگ ۾ داخل ٿيندي نظر ٿو اچي، ان خطي ۾ اسرائيل کي ايران کانسواءِ ڪنهن به ملڪ کان خطرو ناهي. غزا مان حماس، لبنان مان حزب الله ۽ يمن مان حوثي به ايران جي واهر سان اسرائيل سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا آهن. اسرائيل غزا، لبنان ۽ يمن ۾ پنهنجي جنگي دهشتگرديءَ سان ايران جي حامي طاقتن کي وڏي حد تائين چيڀاٽي ڇڏيو آهي. ھن تجزيو ڪندي خيال ڏسيو آھي ان ويڙھه جو فيصلائتو مرحلو ايران ۽ اسرائيل جي سڌي جنگ هئي، جيڪا هاڻي لڳي چڪي آهي. اسرائيل وٽ آمريڪا جي جنگي ٽيڪنالاجيءَ جي واهر آهي جڏهن ته ايران وٽ ٿوري گهڻي پنهنجي ئي جنگي صلاحيت آهي. ممڪن آهي ته جنگ پکڙجڻ تي روس يا چين ٿوري گهڻي لڪ ڇپ ۾  ايران جي واهر ڪن پر پابنديون لاڳو هجڻ سبب ڪو  به ملڪ سڌو سنئون ايران جي واهر نه ڪندو،  نصير ميمڻ چواڻي ته ايران ان عالمي اڪيلائي ۽ پنهنجي محدود جنگي طاقت آهر اسرائيلي جنگي سگهھ سان ڪيترو ڊگهو مقابلو ڪري سگهندو، اهو ايندڙ ڏينهن ۾ نظر ايندو پر اها جنگ تڪڙي  نه کُٽندي. جنگيون شروع ڪرڻ سَوليون، کُٽائڻ ڏکيون هونديون آهن، افغانستان ۾ آمريڪا کي ۽ يوڪرين ۾ روس کي اهو تجربو ٿيل آهي. ھن جنگي حالتن تي تبصرو ڪندي چيو ته اسرائيل ڪالهوڪي حملي کان پوءِ جواب ڏيڻ لاءِ ڦٿڪي رهيو آھي  ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ هو جوابي ڪارروائي ضرور ڪندو. وچ اوڀر ۾ جنگ اينگهجي وئي ته اوڙي پاڙي لاءِ به وڏا مسئلا ڪر کڻندا. . ھن ماضيءَ  جي پاليسين ۽  پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي جو ذڪر ڪندي چيو جيڪڏهن پاڪستان  پنھنجي سرزمين تي اڏا يا ويڙهاڪ ڏنا ته ملڪ اندر فرقيواراڻي گهرو ويڙھه جو به انديشو ٿي سگهي ٿو.

  1. سامراجي بلاڪ جي سرپرستي ۾اسرائيل نسل ڪشي ڪري پيو:امداد قاضي

حيدرآباد  ( پ- ر )  ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ پاپولر ليفٽ الائنس جي ڪنوينر ڪامريڊ امداد قاضيءَ   اسرائيل جي مجرمانا جنگي ڏوهن ، توسيع پسندانا خواهشن ۽ انسان سوز ظلمن تي سخت افسوس  جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سامراجي بلاڪ جي سرپرستي ۾ اسرائيلي حڪمران نه صرف انتهائي خطرناڪ ۽ شرمناڪ جنگي ڏوهن جي تاريخ لکي رهيا آهن ۽ معصوم ٻارڙن ، بزرگن ، عورتن معصوم شهرين جي نسل ڪشي ڪري رهيا آهن.  گڏوگڏ جنگ کي ڊگهو ڪري سڄي دنيا ، خاص طور وچ اوڀر ۽  گلف جي رياستن جي ڪروڙين انساني زندگين سان پڻ کيڏي رهيا آهن. امداد قاضيءَ پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي ملڪن جي حڪمرانن جي مجرماڻي خاموشي ۽ سامراج نواز پاليسين تي حيرت جو اظھار ڪندي سڄي دنيا جي نوجوانن ، شاگردن ، پورهيتن  ۽ شھرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي سڄي ملڪ ۾ اسرائيلي حڪمرانن، انهن جي سرپرست ملڪن جي حڪمرانن ، انهن جي ساٿارين، ٻانهن ٻيلي ۽  خاموشي اختيار ڪرڻ وارن حڪمرانن جي خلاف ڀرپور احتجاج ڪن، امداد قاضيءَ وڌيڪ چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽  پاپولر ليفٽ الائنس ۾ شامل سڀني عوام دوست قوتن، شروع واري ڏينهن کان اسرائيلي جنگي ڏوهن ۽ آمريڪا ۽ برطانيا جي حڪمرانن جي ارادن ۽ خواهشن جي خلاف پوري ملڪ ۽ دنيا جي سمورين عوام دوست قوتن کي اپيل ڪئي ته اهي متحد ٿي ڪري ان انسانيت سوز بربريت جي خلاف ڀرپور احتجاج ڪن. جيئن انسانن جي رت سان کيڏي ويندڙ هوليءَ جو سلسلو ختم ٿي سگهي.

  1. ملالا  پاران غزا متاثرن لاءِ رليف فنڊ جو اعلان

واشنگٽن ( م ڊ ) ملالا يوسفزئي غزا متاثرن لاءِ هنگامي ايمرجنسي رليف فنڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو،  نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي غزا جي متاثرن لاءِ هنگامي امدادي فنڊ جو اعلان ڪيو آهي،  سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ملالا يوسفزئي چيو ته هو غزامتاثرن لاءِ وڌيڪ 3 لک ڊالر جاري ڪري رهي آهي، جيڪي فلسطيني ٻارن جي بحالي لاءِ ڪم ڪندڙ انساني حقن جي تنظيمن کي ڏنا ويندا، ملالا موجب فنڊ غزا  جي ٻارن لاءِ کاڌو، صاف پاڻي ۽ طبي امداد فراهم ڪندو،   ملالا پنهنجي بيان ۾ غزا ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو پڻ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هو روزانو غزا جي فلسطيني ٻارن بابت سوچيندي آهي جن تي اسرائيل بمباري ڪري رهيو آهي، سندن گهر ۽ اسڪول تباهه ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي پنهنجن پيارن کان ڌار ڪري اڪيلو ڇڏيو ويو آهي.

  1. خامنه اي حملي کان اڳ حسن نصر الله کي لبنان ڇڏڻ جو چيو هو: ايراني ذريعا

تهران ( م ڊ ) ايراني ذريعن جو چوڻ آهي ته خامنه اي اسرائيلي حملي کان ڪجهه ڏينهن اڳ حسن نصر الله کي لبنان ڇڏڻ جو چيو هو، رائٽرز نيوز ايجنسي ايراني ذريعن کان  انڪشاف ڪيو آهي ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي حسن نصر الله کي اسرائيلي منصوبي بابت خبردار ڪيو هو ۽ حملي کان ڪجهه ڏينهن اڳ حسن نصر الله کي لبنان ڇڏڻ جو چيو هو.ايراني ذريعن نيوز ايجنسي سان ڳالهائيندي حسن نصرالله کي قتل ڪرڻ جي اسرائيلي سازش بابت ٻڌايو آهي. ايراني ذريعن موجب سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي اسرائيلي حملي کان ڪجهه ڏينهن اڳ حسن نصر الله کي اسرائيلي منصوبي بابت خبردار ڪيو هو. ايراني ذريعن جو چوڻ آهي ته پيجر حملن جي فوري بعد خامنه اي حزب الله جي سربراهه کي ايران اچڻ لاءِ پيغام موڪليو. خامنه اي حزب الله ۾ اسرائيلي ايجنٽن جي موجودگي جو ذڪر ڪيو ۽ اهو به چيو ته اسرائيل حسن نصر الله کي مارڻ جي سازش ڪري رهيو آهي.ايراني ذريعن موجب خامنه اي جو پيغام پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر برگيڊيئر جنرل عباس نيلفروشان ڏنو، برگيڊيئر جنرل عباس نيلفروشان به اسرائيلي حملي وقت انڊر گرائونڊ بنڪر ۾ موجود هو. ايراني ذريعن جو چوڻ آهي ته ايراني سپريم ليڊر گذريل ڏينهن اسرائيل تي ميزائل حملن جو حڪم ڏنو هو،

  1. امن لاءِ آمريڪا ۽ يورپي ملڪ وچ اوڀر مان نڪري وڃن: خامنه اي

تهران (م ڊ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته ايران طرفان ايندڙ حملو وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿيندو. اسرائيل تي حملي  کانپوءِ سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ اسرائيل کي وارننگ ڏني. آيت الله خامنه اي پنهنجي بيان ۾ چيو ته الله جي مدد سان صيهوني رياست تي جيڪو حملو ڪيو ويندو، اهو هاڻوڪي حملي کان وڌيڪ سخت ۽ تڪليف ڏيندڙ هوندو. ان کان اڳ سپريم ليڊر جي ايڪس جي آفيشل اڪائونٽ تان آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان ٺهيل ميزائلن جي تصوير پوسٽ ڪئي وئي ۽ ان تي ”نصر من الله و فتح قريب“ لکيل هو. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي آمريڪا ۽ يورپي ملڪن تي سخت لفظن ۾ تنقيد ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ امن لاءِ آمريڪا ۽ يورپي ملڪ نڪري وڃن. ايراني ميڊيا موجب تهران ۾ اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران هن علائقائي ڇڪتاڻ ۽ جنگين جو الزام ”آمريڪا ۽ ڪجهه يورپي ملڪن“ تي لڳايو، جيڪي ”غلط دعويٰ ڪن ٿا ته هو خطي ۾ امن ۽ سڪون آڻي رهيا آهن“.

  1. اسرائيل ڪجهه ڏينهن ۾ ايران تي وڏو حملو ڪندو: آمريڪي ميڊيا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل به ايران تي ميزائل حملي جو جواب ڏيڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.  ايران گذريل ڏينهن اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا هئا ۽ ان حوالي سان ايران جي پاسداران انقلاب جي دعويٰ آهي ته 90 سيڪڙو ميزائلن هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو. هاڻ آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي اختيارين ٻڌايو آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ايران تي حملو ڪيو ويندو، ايران جي تيل جي ٺڪاڻن ۽ اسٽريٽيجڪ هنڌن کي نشانو بڻايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.