آءِ ايم ايف مالياتي ايوارڊ تي نظرثاني ۽ صوبائي خرچن جي نگراني جا شرط رکي ڇڏيا

اسلام آباد(م ڊ) آءِ ايم ايف جي 7 ارب ڊالرن جي پروگرام بابت آءِ ايم ايف جا ڏکيا شرط سامهون اچي ويا آهن، رپورٽ مطابق آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالرن جي قرضن جي پروگرام لاءِ ڏکيا شرط رکيا  آهن، جن موجب مستقبل ۾ بجلي جي اگهن ۾ پنجاب حڪومت جهڙو رليف نه ڏئي سگهبو، جڏهن ته جنسن جا امدادي اگهه به مقرر نه ڪري سگهبا، ان کان سواءِ وفاقي حڪومت جي خرچن ۾ گهٽائي به شرط ۾ شامل آهي، اهڙي طرح پاڪستان کي اين ايف سي ايوارڊ جي فارمولي تي به نظرثاني جي هدايت ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب صوبائي حڪومتن جي خرچن کي آءِ ايم ايف مانيٽر ڪندو، جڏهن ته وفاقي حڪومت ۽ صوبن وچ ۾ نيشنل فنانس پيڪٽ تي ڳالهيون جاري آهن، آئي ايم ايف هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان توانائي جي شعبي کي جي ڊي پي جي هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ سبسڊي نه ڏيندو، قرض پروگرام دوران ضمني گرانٽس به جاري نه ٿي سگهنديون، آءِ ايم ايف پاڪستان کي زرعي شعبي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي پراپرٽي سيڪٽر ۽ ريٽيل سيڪٽر کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جا به شرط رکي ڇڏيا آهن، ان کان سواءِ بجليءَ جي قيمتن ۾ گھٽتائي لاءِ سڌارا آڻڻ جي هدايت ڪندي ايم ايف چيو آهي ته حڪومتي بجلي جي قيمتن ۾ گھٽتائي لاءِ جامع پيڪيج آڻي جنهن کانپوءِ پاور پرچيز معاهدن تي نظرثاني ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.