ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ حڪومت عمرڪوٽ ۾ توهين رسالت جي الزام ھيٺ ڊاڪٽر شاهنواز جي جعلي پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ، وزير تعليم سردار شاھ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد پرويز احمد چانڊيو سان گڏ ڊائريڪٽوريٽ آف سوشل ميڊيا جي آفيس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمرڪوٽ ۾ ٿيل واقعي جي انڪوائري جي لاءِ سي ٽي ڊي کان مدد ورتي وئي، متاثر جنهن کي ذميوار قرار ڏيندا انهن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، هن چيو ته انڪوائري ۾ الزام صحيح ثابت ٿيڻ تي اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو ۽ اهو هڪ جعلي پوليس مقابلو هو، هن چيو ته عمرڪوٽ ۾ پوليس اهلڪارن تي جعلي پوليس مقابلي جو الزام هو، سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي هئي، صوبائي گهرو وزير چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي گهر ڀاتين کي آزادي حاصل آهي ته اهي ذميوارن جي خلاف فرسٽ انفارميشن رپورٽ داخل ڪرائي سگهن ٿا، ذميوارن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، هن چيو ته انڪوائري ڪميٽي ميرپورخاص پوليس ۽ سي آءِ اي ميرپورخاص کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي سڀني جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، هن چيو ته جيڪڏهن مقتول جي گهر ڀاتين ايف آءِ آر نه ڪٽرائي ته رياست ڪيس داخل ڪرائيندي، ضياءُالحسن لنجار چيو ته اها ڳالهه اڃان تائين جاچ هيٺ آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز جوابدار هو يا ڏوهاري انهي جو فيصلو هنن جي موبائل فون جي پنجاب مان فارنزڪ کان پوءِ ڪيو ويندو، جيڪڏهن اهو توهين عدالت جو جوابدار هو تڏهن به انهي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ها، اڃان تائين اها ڳالهه جاچ جي مرحلي ۾ آهي ته جوابدار ڏوهه ڪيو يا نه؟ انهي جو موبائل فون فرانزڪ جي لاءِ ويل آهي، هن چيو ته سمورن ملوث آفيسرن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيندي، اسان چاهيون ٿا ته حڪومت جي رٽ برقرار رهي آهي ۽ ادارا آئيني حدن ۾ رهندي ڪم ڪن، سنڌ جو وڏو وزير متاثر خاندان جي لاءِ معاوضي جو جلد اعلان ڪندو اسان متاثر ٿيل گهر ڀاتين سان گڏ آهيون، هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه جمهوريت جي بقا ۽ ترقي ۽ عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين انتهاپسندي جي سخت خلاف آهي، ميرپورخاص واقعي جي موقعي تي اسان ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي معطل ڪري زبير ڊيشڪ کي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جي چارج ڏني آهي، جنهن جو مقصد قانون جي بالادستي کي هٿي ڏيڻ ۽ پوليس جو مورال بلند ڪرڻ آهي، هن چيو ته عمرڪوٽ سانحي جي تفصيلي انڪوائري ۾ 31 صفحن تي مشتمل هڪ جامع رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي مون کي پوري اميد آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز جي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پوسٽ جي جاچ ڪئي ويندي اصل حقيقتون سامهون اينديون، ان موقعي تي صوبائي وزير تعليم سردار شاهه، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي ايس بي اي پڻ موجود هئا،
عمرڪوٽ (ڊ ر ) 8 ڏينھن اڳ عمرڪوٽ ميرپورخاص پوليس پاران سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪرڻ ۽ لاش کي باھ ڏئي ساڙڻ واري واقعي جي گھرو وزير جي جوڙيل ڪميٽي انڪوائري رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، ايس ايس پي عمرڪوٽ معطل، نئون ايس ايس پي مقرر، گھرو وزير پاران ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم تفصيل موجب 8 ڏينھن اڳ ۾ عمرڪوٽ پوليس ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ڊي آئي جي جاويد جسڪاڻي جي ٽيم حوالي ڪيو ھو، جنھن ايس ايس پي ميرپورخاص، سي آئي اي انچارج ميرپورخاص، ۽ ايس ايڇ او سنڌڙي کي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، حڪم بعد پوليس ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي قتل ڪري مقتول جي لاش واري ايمبولينس کي عمرڪوٽ پوليس سيڪورٽي نه ڏني، نامعلوم ماڻھن پاران لاش کي باھ ڏئي ساڙڻ ۽ تزليل ڪرڻ جو گھرو وزير ضياءُ لنجار 6 ڏينھن اڳ ۾ نوٽيس ورتو، ۽ چار رڪني جانچ ڪميٽي تشڪيل ڏئي انڪوائري جو حڪم ڏنو ھو، جنھن جانچ ڪميٽي گذريل ڏينھن مقتول جي وارثن ۽ قتل ۾ ملوث ڊي آئي جي، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ، ايس ايڇ او سنڌڙي، سي آئي اي انچارج ميرپورخاص ۽ ڪراچي کان مقتول ڊاڪٽر کي گرفتار ڊي آئي جي ميرپورخاص جي ٽيم جي حوالي ڪندڙ ايس ايس پي عمرڪوٽ جي ريڊر ستار سمون کان بيان قلم بند ڪري رپورٽ گھرو کاتي حوالي ڪئي، جنھن تي گھرو وزير ضياءُ لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ کي معطل ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي عمرڪوٽ کي ڪراچي سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، ۽ نئون ايس ايس پي عمرڪوٽ عزير ميمڻ مقرر ڪيو ويو، اھڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي، ٻي پاسي گھرو وزير کي جانچ ڪميٽي پاران ڏنل رپورٽ بعد گھرو وزير ضياءُ لنجار مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏيندي ڊي آئي جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري، سي آئي اي انچارج ميرپورخاص عنايت زرداري، ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ، ايس ايڇ او سنڌڙي نياز کوسو سميت ملوث پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن تي سنڌڙي ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻي پاسي مقتول ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي سالي وڪيل ابراھيم ڪنڀر سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وڪيلن جي ليگل ٽيم سان صلاح مشورو ڪري سڀاڻي شام تائين سنڌڙي ٿاڻي تي ملوث جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرائينداسين، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ايس ايس پي ميرپورخاص جي آفيشل ويگو اتان 9لڳي 19 منٽن تي گذري ۽ ساڍي نائين وڳي واپس آئي، ان مان ظاهر آهي ته ايس ايس پي ميرپورخاص جي سرڪاري ويگو گاڏي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪسٽڊي ورتي وئي، رات جو 10 لڳي 50 منٽن تي سي آءِ اي ميرپورخاص ڊاڪٽر شاهنواز کي کڻي رواني ٿي ۽ 19 سيپٽمبر رات 12 وڳي سبزل اسٽاپ تي رڪجي جتي ايس ايڇ او سنڌڙي انسپيڪٽر نياز کوسو پنهنجي عملي سميت اتي پهتو ۽ 12 لڳي 20 منٽن تي ڊاڪٽر شاهنواز پوليس جي جعلي مقابلي ۾ ماريو ويو، ڊي آءِ جي پرويز چانڊيو جي سربراهي ۾ چار رڪني ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته جڏهن لاش ڳوٺ جانهيڙو پهتو ته مڇريل ماڻهو پهچي يوا جن ايمبولنس ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏني، بعد ۾ مڙهه خاندان جي زمينن ڏانهن نيو ويو اتي هڪ ٻيو مڇريل هجوم گڏ ٿي ويو ۽ پوليس جي موجودگي ۾ لاش کسي باهه ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ خاندان ۽ پوليس اڌ سڙيل لاش جي تدفين ڪئي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته 19 سيپٽمبر جي صبح وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهو ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي جي آفيس ۾ گڏ ٿيا ۽ ڊاڪٽر شاهنواز جي موت تي پوليس آفيسرن جي تعريف ڪئي وئي ۽ انهن کي هيرو قرار ڏنو ويو، ان غيرقانوني قدم سان پوليس جي بدنامي ٿي،رپورٽ ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته ميرپورخاص پوليس اهو قدم ڪنهن جي چوڻ تي ۽ ڇو کنيو؟