اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي واري معاملي تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته توهان مون تي ججن جي چونڊ، غير جمهوري ۽ ون مين شو جا الزام لڳايا، توهان جا لفظ حقيقتن کي تبديل نٿا ڪري سگهن، اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته مون سپريم ڪورٽ لاءِ ڇا ڪيو. ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪندي صدارتي آرڊيننس تي خدشن جو اظهار ڪيو هو ۽ جسٽس منيب اختر جي ڪميٽي مان نيڪالي تي سوال پڻ اُٿاريو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس منصور علي شاهه جي خط تي چيف جسٽس قاضي فائز جوابي خط لکي ڇڏيو آهي.. ذريعن موجب، چيف جسٽس طرفان جسٽس منيب اختر کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۾ شامل نه ڪرڻ جا 11 سبب ڄاڻايا. ذريعن موجب، چيف جسٽس پنهنجي جواب ۾ لکيو ته جسٽس منيب اختر جو سينيئر ترين ججن سان رويو انتهائي سخت هو، ائين جسٽس منصور اوهان جي اصرار تي ڪيو ويو، قانوني طور اوهان ان معاملي تي سوال نه ٿا اُٿاري سگهو ته چيف جسٽس ڪهڙي جج کي ڪميٽي ۾ شامل ڪري، مان سدائين احتساب ۽ شفافيت جو حامي رهيو آهيان، جسٽس منيب اختر کي ڪميٽي ۾ شامل نه ڪرڻ جا سبب اوهان کي ٻڌائي رهيو آهيان. چيف جسٽس پنهنجي خط ۾ لکيو ته جسٽس منصور علي شاهه قانوني طور اوهان اِهو به نه ٿا پڇي سگهو ته ٽيون ميمبرڪنهن کي نامزد ڪريان ڪنهن نه ڪريان، پر جيئن ته سدائين احتساب ۽ شفافيت جي حمايت ڪندو رهيو آهيان، مان سبب فراهم ڪندس ته جسٽس منيب کي ڇو تبديل ڪيو ويو، ياد رهي ته مان ائين اوهان جي چوڻ تي ڪري رهيو آهيان ته جيئن ڪو ناراض نه ٿي وڃي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته جسٽس منيب اختر پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جي سخت مخالفت ڪئي هئي، جسٽس منيب انهن ٻن ججن مان هو جن ڪيسن جي ٻوجهه کان لاپرواهه ٿي اونهاري جون موڪلون پوريون ڪيون، جسٽس منيب موڪلن دوران عدالت جو ڪم ڪرڻ لاءِ دستياب نه هو، موڪلن تي هئڻ باوجود هن ڪميٽي اجلاسن ۾ شرڪت تي اصرار ڪيو، اهڙو عمل ايندڙ سينيئر جج جسٽس يحييٰ تي سندس بي اعتمادي ظاهر ڪري ٿو. پنهنجي خط ۾ چيف جسٽس لکيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت ارجنٽ ڪيس 14 ڏينهن اندر ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيندا، جسٽس منيب اختر درخواست گذارن جي آئيني ۽ قانوني حق جي ابتڙ ارجنٽ آئيني ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪيو ۽ موڪلن کي اهيمت ڏني. خط جي متن موجب، سپريم ڪورٽ جي روايت جي ابتڙ جسٽس منيب پنهنجي سينيئر ججز ( ايڊهاڪ ججز ) جو احترام نه ڪيو، سينيئر ججز( ايڊهاڪ ججز ) کي اهڙن 1100 ڪيس جي ٻڌڻي تائين ئي محدود ڪري ڇڏيو، ايڊهاڪ ججز کي شريعت ايپلٽ بئنچ جا ڪيس به ٻڌڻ نه ڏنا ويا. چيف جسٽس لکيو ته جسٽس منيب اختر ڪميٽي جي هڪ معزز رڪن سان غير مناسب، اڻوڻندڙ رويو اختيار ڪيو، جنهن ۾ سمورا چيف جسٽس شامل هئا ۽ سينيئر ترين جج به ان جو حصو هو، جسٽس منيب اختر رڳو عبوري حڪم جاري ڪري 11 وڳي تائين ڪم ڪري ٿو، جسٽس منيب اختر جي ساٿي ججن سندس اهڙي رويي جي شڪايت ڪئي، آڊيو ليڪ ڪيس تي اسٽي آرڊر جاري ڪري اِهو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ئي ڪرڻ نه ڏنو ويو . توهان مون تي ججن جي چونڊ، غير جمهوري ۽ ون مين شو جا الزام لڳايا، توهان جا لفظ حقيقتن کي تبديل نٿا ڪري سگهن، اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته مون سپريم ڪورٽ لاءِ ڇا ڪيو،. چيف جسٽس لکيو ته فل ڪورٽ جي فيصلي ۾ پارليامينٽ جي قانون سازي جي اختيار کي تسليم ڪيو ويو آهي. بينچ ٺاهڻ جو اختيار ڪجهه ماڻهن آئيني ڪيسن ۾ غلط استعمال ڪيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خط ۾ چيو آهي ته ”شاهه صاحب قانون مون کي ڪميٽي جا جج نامزد ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي، مون پنهنجا اختيار معقول سببن تي استعمال ڪيا، ائين نٿو لڳي ته توهان سڀني ججن کي هڪ جهڙو سمجهو،“ ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جي خط ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس يحيٰ آفريدي کي ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو ويو هو پر هن ججز ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جسٽس يحيٰ آفريدي جي معافي تي جسٽس امين الدين خان کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو.